Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

دنيا جي ڪا بہ طاقت سنڌ جي وحدت کي ٽُڪرا نٿي ڪري سگھي: زاھدہ حنا  

سنڌ جي ڌرتي ۽ ھتان جي ماڻھن سدائين ويڇا ختم ڪرڻ لاء پنھنجو تن, من ۽ ڌن قربان ڪيو آھي ۽ ھر قسم جي ناانصافين خلاف زوردار آواز اٿاريو آھي ـ

ڪراچي

نامور دانشور ۽ ڪالم نويس محترمه زاھده حنا چيو آھي ته سنڌ جي ثقافت پنھنجي خوبصورتي ۽ ڪشش جي ڪري پوري دنيا ۾ مڃتا ماڻي ورتي آھي ۽ اسان سنڌ جي من موھيندڙ ثقافت ذريعي دنيا کي ايڪتا جي رشتي ۾ جوڙي سگھون ٿا ۽ اھا وقت جي وڏي ضرورت آھي ـ

اھڙو اظھار ھن سنڌ جي ثقافت واري ڏھاڙي تي پنھنجي رھائشگاه تي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ساڻس ملاقات ۾ ڳالھائيندي ڪيو ـ انجمن ترقي پسند مصنفين ھن سال ثقافتي ڏھاڙو زاھده حنا سان ملھايوـ

زاھده حنا چيو ته انجمن سنڌ جي سمورين برادرين ۽ مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھن کي سنڌ جي عظيم ثقافتي رنگن ۾ پوئڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي ۽ اسان کي گھرجي ته محبت ۽ ڀائيچاري کي وڌائڻ  لاء سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪريون ـ

زاھده حنا چيو ته سنڌ محبتن ۽ مھمان نوازيءَ واري ڌرتي آھي جيڪا ھر انسان کي عزت ۽ احترام ڏئي ٿي ۽ اڄ جي ھيءَ تقريب ان جو ھڪ عڪس آھي ـ ھن چيو ته اسان سنڌ واسي ھڪٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿي انساني رشتن کي مضبوط ڪري پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري رھيا آھيون جنھن سان محبتون ۽ ڀائيچارو وڌندو ۽ ڪيني ۽ ڪروڌ کي شڪست ملندي ـ

زاھده حنا چيو ته دنيا جي ڪا به طاقت سنڌ جي وحدت کي ٽڪرا نه ٿي ڪري سگھي ڇو ته سنڌ جي ڌرتي ۽ ھتان جي ماڻھن سدائين ويڇا ختم ڪرڻ لاء پنھنجو تن, من ۽ ڌن قربان ڪيو آھي ۽ ھر قسم جي ناانصافين خلاف زوردار آواز اٿاريو آھي ـ

ان موقعي تي انجمن جي وفد جنھن ۾ سنڌ جو صدر رياض شاھد دايو,  ڪراچي جو صدر سيد ڪرم علي شاه, سيڪريٽري نعيم شيخ, انجمن ڪراچي جو خزانچي،  محترمه پروفيسر ساجده چنه, شھيد نذير عباسي يادگاري ڪميٽي جو چيئرمين قادر اعظم, ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن جو سيڪريٽري وليم صادق, ڪامريڊ گل ناز منگي شامل ھئا انھن محترمه زاھده حنا کي اجرڪ اوڍايو ۽ مبارڪون ڏنيون ـ

 ان موقعي تي محترمه زاھده حنا, وليم صادق, رياض شاھد دايو, ساجده چنه ۽ سموري وفد جي ساٿين تاڙين جي گونج ۾ عظيم انسان دوست دانشور پروفيسر نوم چومسڪي جي 97- ھين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ نوم چومسڪي جي ادبي, سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ساراھيوـ  (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. شيطاني قوتون سر زمينِ سنڌ جي تقسيم جون ڳالهيون ڪري ﻣﺨﺘﻠﻒ تضادن کي جنم ڏئي رهيا آهن & شروع کان ڏيندا اچن ٿا پر الله تعالي سدائين سنڌ کي امن و سلامتيءَ جو گھوارو بڻايو آهي، تا ابد انشاءَ الله تعالي سرهاڻ ڀريون هوائون گھلنديون
    آمين يارب العالمين

    SINDH SALAAMAT
    SAATH SALAAMAT

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button