Editor's pickMain Slideثقافت

ڪراچيءَ جي تعمير ۽ داؤدي بوهره برادريءَ جو معاشي سفر

جڏهن برطانوي راڄ ڪراچي پورٽ کي بين الاقوامي تجارت لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪڇ، گجرات، بمبئي، سورت ۽ کمڀات مان ايندڙ داؤدي بوهره تاجر به هن شهر جي ابتدائي معمارن ۾ شامل هئا. انهن مصر، يمن ۽ اڀرندي آفريڪا ۾ پکڙيل پنهنجي قديم تجارتي نيٽ ورڪ کي ڪراچيءَ جي بندرگاهه سان جوڙي ڇڏيو. ڪراچيءَ جهڙي جيو پوليٽيڪل ۽ پرشور مرڪز ۾، جتي اقتدار جي جنگ اڪثر روڊن ۽ نعريبازيءَ ذريعي وڙهي ويندي آهي، داؤدي بوهره برادريءَ پنهنجي وجود ۽ اثر رسوخ کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ منفرد حڪمتِ عملي اختيار ڪئي. هيءَ برادري انتخابي سياست جي شور غل جي بجاءِ پسِ پرده رهي معاشي استحڪام، ڪارپوريٽ طاقت ۽ هڪ غير معمولي اندروني فلاحي نيٽ ورڪ ذريعي پنهنجو اثر قائم رکي ٿي. انهن جو بنيادي اصول سياسي غير جانبداري آهي، يعني ڪنهن سياسي يا لساني جماعت سان ظاهر ظهور وابستگيءَ جي بجاءِ وقت جي حڪومت جو احترام ۽ قانون جي پاسداري کي پنهنجو هٿيار بڻائڻ.

تحرير: ابراهيم صالح محمد

1840ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن برطانوي راڄ ڪراچي پورٽ کي بين الاقوامي تجارت لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪڇ، گجرات، بمبئي، سورت ۽ کمڀات مان ايندڙ داؤدي بوهره تاجر به هن شهر جي ابتدائي معمارن ۾ شامل هئا. انهن مصر، يمن ۽ اڀرندي آفريڪا ۾ پکڙيل پنهنجي قديم تجارتي نيٽ ورڪ کي ڪراچيءَ جي بندرگاهه سان جوڙي ڇڏيو.

ڪپھ، ڪڻڪ ۽ چمڙي جي برآمدات کان وٺي برطانوي هارڊويئر ۽ مشينريءَ جي درآمد تائين، ھر قسم جو مال جو ھُو ڪاروبار ڪندا ھئا ڪياماڙي ۽ اولڊ سٽيءَ ۾ بوهري ڪمپنين جا گُدام انھيءَ جو ثبوت ھئا. جوڙيا بازار، جھونا مارڪيٽ، لائٽ هائوس ۽ ڪاغذ مارڪيٽ جهڙيون هول سيل منڊيون، جيڪي اڄ به سڄي پاڪستان کي سامان سپلاءِ ڪن ٿيون، انهن جي بنياد ۽ ابتدائي سيڙپ ۾ بوهري تاجرن جو اهم هٿ هو.

ڪراچيءَ جهڙي جيو پوليٽيڪل ۽ پرشور مرڪز ۾، جتي اقتدار جي جنگ اڪثر روڊن ۽ نعريبازيءَ ذريعي وڙهي ويندي آهي، داؤدي بوهره برادريءَ پنهنجي وجود ۽ اثر رسوخ کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ منفرد حڪمتِ عملي اختيار ڪئي. هيءَ برادري انتخابي سياست جي شور غل جي بجاءِ پسِ پرده رهي معاشي استحڪام، ڪارپوريٽ طاقت ۽ هڪ غير معمولي اندروني فلاحي نيٽ ورڪ ذريعي پنهنجو اثر قائم رکي ٿي. انهن جو بنيادي اصول سياسي غير جانبداري آهي، يعني ڪنهن سياسي يا لساني جماعت سان ظاهر ظهور وابستگيءَ جي بجاءِ وقت جي حڪومت جو احترام ۽ قانون جي پاسداري کي پنهنجو هٿيار بڻائڻ.

هي سفر لياريءَ جي پراڻي چانور گلي ۽ چاڪيواڙيءَ جي هارڊويئر مارڪيٽن کان شروع ٿي شبير آباد جي جديد بنگلن، سائيٽ جي صنعتي زونز ۽ سينيٽ آف پاڪستان جي ايوانن تائين پکڙيل آهي.

بوهره برادريءَ جي قيادت ۽ تاجر اشرافيه وقت جي حڪومت، بيوروڪريسي ۽ عسڪري قيادت سان هميشه هڪ مضبوط ۽ پرامن ورڪنگ ريليشنشپ برقرار رکي آهي. هن “بئڪ ڊور ڊپلوميسي” جو مقصد ڪاروباري مفادن ۽ ڪميونٽيءَ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به سندن عالمي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين ڪراچي ايندو آهي، ته سندس استقبال سرڪاري مهمان طور ڪيو ويندو آهي. حڪومتِ پاڪستان انهن جي عالمي فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ کين ملڪ جي سڀ کان وڏي سول اعزاز “نشانِ پاڪستان” سان به نوازيو آهي.

جيتوڻيڪ هيءَ برادري مجموعي طور تي انتخابي سياست کان پري رهندي آهي، پر پاڪستان جي مقتدر سياسي اشرافيه ۾ سندن نمائندا انتهائي اهم عهدن تي رهيا آهن. ان جو وڏو مثال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ جو اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا (ڪڇ، مڊئي/مانڊوي وارا) آهي، جيڪو وفاقي وزيرِ خزانه ۽ وزيرِ سيڙپڪاري به رهيو. ورهاڱي وقت پنهنجي آبائي وطن ڀارت جي صوبي گجرات جي علائقي ڪڇ، مڊئي “مانڊوي” کان هجرت ڪري ڪراچي ايندڙ هن خاندان جو هي چشم چراغ اڄ پاڪستان جي ايوانن ۾ بوهره برادريءَ جو هڪ معتبر سفارتي چهرو آهي.

پاڪستان جي معاشي ۽ آئيني تاريخ بوهره برادريءَ جي نمايان شخصيتن جي ذڪر کان سواءِ اڌوري آهي. قيامِ پاڪستان وقت جڏهن نئين رياست شديد مالي بحران جو شڪار هئي، ته قائد اعظم محمد علي جناح جي اپيل تي بوهره تاجرن ۽ سندن روحاني پيشوا اسٽيٽ بئنڪ ۽ سرڪاري نظام کي هلائڻ لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊ ۽ قرض فراهم ڪيا. ان کان پوءِ سيف الدين نور الدين جھومڪا والا جهڙين نامور شخصيتن هن سلسلي کي اڳتي وڌايو، جن هڪ عرصي تائين EFU انشورنس جي سربراهه طور ملڪي ڪارپوريٽ سيڪٽر تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا.

عدالتي محاذ تي جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم جو نالو ايمانداري ۽ قانون جي بالادستيءَ جو اھڃاڻ بڻيو، جيڪو چيف اليڪشن ڪمشنر، سپريم ڪورٽ جو جج ۽ گورنر سنڌ بہ رهيو. تعميراتي شعبي ۾ عباس ساجد ۽ بوهره ڊولپرز جو ڪردار اھم رهيو، جن نارٿ ناظم آباد، صدر ۽ ڪلفٽن جي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي جدت ڏني.

بوهره پير جو پس منظر

قديم ڪراچيءَ جي معاشي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ رنڇوڙ لائن ۽ عيدگاهه جي ويجهو واقع تاريخي روڊ “بوهره پير” اهميت رکي ٿو. هن علائقي جو نالو اتي مدفون بوهره برادريءَ جي هڪ معتبر ۽ قديم وليءَ جي مزار جي نسبت سان پيو. ماضيءَ جو هي رهائشي ڳڙهه اڄ سڄي ڪراچيءَ ۾ پينٽ، هارڊويئر، ڪاغذ، ڪيميڪلز ۽ گلاس مارڪيٽ جي سڀ کان وڏي هول سيل منڊي بڻجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ بوهري خاندان هاڻي ڊي ايڇ اي، ڪلفٽن يا نارٿ ناظم آباد منتقل ٿي چڪا آهن، پر انهن جا دڪان ۽ بزرگن جون يادون اڄ به انهن گھٽين ۾ محفوظ آهن.

مسجدون، يونيورسٽيون ۽ سماجي خودڪفالت جو ماڊل

بوهره برادريءَ جي هيءَ تمدني خصوصيت آهي ته اهي پنهنجي رهائشي مرڪزن کي پنهنجين مساجدن ۽ تعليمي ادارن جي ويجھو آباد ڪندا آهن. صدر بوهري بازار ۾ واقع مرڪزي تمدني مرڪز “طاهري مسجد” آهي، جڏهن ته سٽي ڪورٽ ويجهو 1931ع ۾ پٿرن سان تعمير ٿيل تاريخي “آدم مسجد” سندن ڪلاسيڪل طرزِ تعمير جو نمونو آهي. حيدريءَ ۾ واقع “برهاني مسجد” جديد مرڪز جي سڃاڻپ آهي، جڏهن ته نارٿ ناظم آباد ۾ سندن عالمي عربي اڪيڊمي “الجامعة السيفية” جو ڪئمپس پنهنجي فاطمي ۽ اسلامي فنِ تعمير جي ڪري منفرد حيثيت رکي ٿو. گارڊن ويجهو انتهائي منظم ۽ صاف سٿرو قبرستان “نور باغ” سندن شهري ڊسپلن جو عڪاس آهي.

هن برادريءَ جي سڀ کان وڏي طاقت انهن جو اندروني، خود ڪفيل سماجي نظام آهي. وٽن قائم “قرضِ حسنه” جو نظام وياج کان پاڪ واپاري قرض فراهم ڪري ٿو، جنهن جي برڪت سان برادريءَ جو ڪوبه فرد غربت جي لڪير کان هيٺ نٿو رهي. هن معاشي ماڊل سان گڏوگڏ هنن صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ به بي مثال ادارا قائم ڪيا آهن. پاڪستان چؤڪ جي “برهاني اسپتال” ۽ نارٿ ناظم آباد جي “سيفي اسپتال” جديد ترين سهولتن وارا ادارا آهن. تعليم ۾ انهن جو نيٽ ورڪ “ايم ايس بي ايجوڪيشنل انسٽيٽيوٽ” (ڪئمبرج سسٽم) ۽ سيفيه اسڪولز تي مشتمل آهي، جيڪي شهر ۾ 100 سيڪڙو پڙهيل لکيل شرح برقرار رکڻ ۾ مددگار آهن.

ٿال جا آداب: مٺي ۽ کاري جي تمدني سفارتڪاري

بوهره برادريءَ جو طرزِ زندگي جيتري قدر منظم آهي، انهن جو روايتي طعام (Cuisine) سڄي دنيا ۾ اوترو ئي منفرد ۽ ذائقن جو حسين ميلاپ مڃيو ويندو آهي. سندن کاڌن تي يمن، گجرات ۽ بمبئيءَ جا اثر آهن. انهن جي طعام جو عروج انهن جو “ٿال نظام” آهي، جتي پورو خاندان يا مهمان هڪ وڏي گول ٿال جي چوڌاري زمين تي ويهي ماني کائيندا آهن، جيڪو مساوات، عاجزي ۽ باهمي محبت جي علامت آهي.

ٿال جا خاص آداب

هڪ چٽڪي لوڻ سان شروعات: ٿال تي ويهندي ئي سڀ کان پهرين هر فرد هڪ چٽڪي لوڻ چکندو آهي، جنهن کي هاضمي ۽ وات جو ذائقو صاف ڪرڻ (Palate Cleanser) لاءِ لازمي مڃيو ويندو آهي. مانيءَ جي پُڄاڻي به انهيءَ لوڻ تي ٿيندو آهي.

مٺاڻ سان شروعات ۽ کاري جو توازن: بوهري ضيافت جي شروعات هميشه آئس ڪريم يا مٺائي سان ٿيندي آهي. ان کان پوءِ نمڪين اسٽارٽر يعني کاراڻ پيش ڪئي ويندي آهي (جهڙوڪ قيمو، سموسو). ان کان پوءِ ٻيهر هڪ ٻي مٺائي ۽ آخر ۾ مين ڪورس پيش ڪيو ويندو آهي.

دال چانور پليڊو کان ڪلامرا تائين، شاهي ذائقا

بوهري دسترخوان جا ڪجهه خاص ۽ روايتي پڪوان انهن جي تمدني سڃاڻپ آهن، جهڙوڪ:

دال چانور پليڊو : هيءُ هڪ انتهائي روايتي ۽ پسنديده ڊش آهي، جيڪو عيدن ۽ خاص دعوتن تي وڏي شوق سان ٺاهي ۽ ٿال ۾ کاڌو ويندو آهي.

بوهري برياني ۽ کُرڊي: عام سنڌي بريانيءَ جي برعڪس انهن جي برياني گھٽ مصالحن واري، هلڪي مٺي ۽ خوشبودار ٿيندي آهي جنهن ۾ ڪشمش ۽ آلو بخاري جو استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته مٽن ۽ کير مان ٺهيل اڇو سوپ ‘کُرڊي’ انهن جو روايتي اسٽارٽر آهي.

ڪلامرا (Kalamra): عيد ميلاد النبيؐ تي ٺهندڙ هيءَ انهن جي متبرڪ مٺائي آهي. هيءَ چانور، گھاٽي، کنڊ، ملائي ۽ عرقِ گلاب جو هڪ ٿڌو امتزاج آهي جنهن کي ڏاڙھونءَ جي داڻن ۽ پستن سان سجايو ويندو آهي.

لڇڪا ۽ بيدا ميسو: نئين سال جي پهرئين ڏينهن نيرن تي ڳڙ ۽ ديسي گيھ مان ٺهيل حلوو ‘لڇڪا’ کاڌو ويندو آهي، جڏهن ته بيدن ۽ ماوي مان تيار ٿيل نفيس برفي ‘بيدا ميسو’ انهن جي شاهي مٺائي آهي. صدر ۾ واقع “ايف ٽي سويٽس” جو ‘ملائي کاڄا’ ۽ پاڪستان چؤڪ جو ‘مالپورا ربڙي’ ۽ ‘سانچا آئس ڪريم’ سڄي ڪراچيءَ ۾ مقبول آهن.

مجموعي طور تي داؤدي بوهره برادريءَ جو هي سفر ثابت ڪري ٿو ته بقا ۽ ترقيءَ لاءِ شور ۽ غل نه بلڪه خاموش جدوجهد، معاشي ڊسپلن ۽ سماجي خودڪفالتي اڻٽر آهي. هيءَ برادري اڄ به ڪراچيءَ جي ماحول ۽ انفراسٽرڪچر ۾ پنهنجو خاموش حصو وجهي رهي آهي. “النديل البرهاني” تحت راندين جي ميدانن ۽ پارڪن جو قيام هجي، يا “ڪلين ڪراچي” ۽ وڻڪاريءَ جي مھمن ۾ برهاني گارڊز جي رضاڪارن جي صفائي سٿرائي، هيءَ برادري ثابت ڪري ٿي ته شهر سان محبت صرف نعرن سان نه بلڪه ان جي ماحول ۽ معيشت کي سينگارڻ سان ٿيندي آهي.

پاڪستان جي معيشت لاءِ بوهره برادريءَ جو بنا ياج ڪاروباري ماڊل ۽ سياسي غير جانبداريءَ جي حڪمتِ عملي هڪ بهترين ڪيس اسٽڊي آهي، جيڪا سيکاري ٿي ته ٽڪراءَ بدران سماجي ۽ اقتصادي خدمتن کي ڍال بڻائي ڪيئن هڪ ننڍڙي ڪميونٽي پاڻ کي محترم ۽ محفوظ بڻائي سگهي ٿي.

لياڙيءَ جي چاڪيواڙيءَ جي تنگ گلين کان وٺي شبير آباد جي پوش فليٽن تائين، ۽ ڪراچي پورٽ جي گدامن کان وٺي ٿال جي آداب تائين داؤدي بوهره برادري ڪراچيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو هڪ اهڙو روشن باب آهي جنهن کان سواءِ هن شهر جي تاريخ هميشه اڌوري رهندي.

____________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button