رُوح جي تازگيءَ لاءِ ڊجيٽل دنيا کان حقيقي دنيا ڏانهن هڪ سفر
سُئيڊن جي لوڪ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي هٿن ۾ ٿڌي ۽ نرم مٽي کڻڻ جو احساس عجيب هو. مِٽيءَ سان راند کيڏندي مون کي هڪ اهڙي خوشي محسوس ٿي جيڪا ڪنهن به اسڪرين تي اسڪرول ڪرڻ سان حاصل نه ٿي سگهندي
سوشل ميڊيا جي ٿڪاوٽ کان ڇوٽڪاري ۽ مٽيءَ جو سڪون حاصل ڪرڻ جو هڪ يادگار تجربو
عبدالله عثمان مورائي
اسان هڪ اهڙي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، جتي اسان جو وجود ڊجيٽل اسڪرينن سان جڙيل محسوس ٿئي ٿو. هر صبح اسان جي اک موبائل جي روشنيءَ سان کلي ٿي ۽ رات جو آخري ديدار به ان جو ئي هوندو آهي. سماجي رابطن جا ذريعا، معلومات جي لامحدود وهڪري ۽ مسلسل نوٽيفڪيشنز هڪ قسم جي ذهني ٿڪاوٽ پيدا ڪري ڇڏي ٿي.
آءُ به انهن ئي هزارين ماڻهن مان هڪ آهيان جيڪو ٿورو يا گهڻو وقت ملڻ تي موبائيل ۽ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي اسڪرول ڪرڻ ۾ گذاري ٿو. مون کي اهو احساس ضرور آهي ته سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽ ڪجي. ان ڏس ۾ تمام مصروفيت واري زندگي جي باوجود جڏهن به موقعو ملندو آهي ته سفر يا لکڻ پڙهڻ کي اوليت ڏيندو آهيان. سفر يا لکڻ ۽ پڙهڻ کانسواءِ مان ڪنهن اهڙي شئي جي ڳولا ۾ هيس جنهن جو تجربو منفرد هجي.

ان جستجو دوران ئي مون کي هڪ مقامي اداري لوڪ يونيورسٽي Folk University جي باري ۾ پتو پيو جتي مختلف قسم جي هٿ جي هنرن جا ڪورس ماڻهو ڪري سگهي ٿو. مون انهن جي فهرست ڏٺي ۽ منهنجي نظر سيرامڪس جي هڪ ڪورس تي اچي بيهي رهي. مٽيءَ سان ڪم ڪرڻ جو خيال ئي مون کي ڏاڍو وڻيو. اهو سوچي ته مان پنهنجن هٿن سان مٽيءَ کي شڪل ڏيندس، مون کي هڪ عجيب اطمينان ۽ جوش محسوس ٿيو. مون جلدي اهو ڪورس بُڪ ڪري ڇڏيو.
ڪورس گسٽاوسبرگ شهر ۾ هو جيڪو ناڪا ۾ منهنجي رهائش کان صرف 15 منٽن جي فاصلي تي هو. اهو سفر منهنجي لاءِ رڳو گهر کان هڪ جاءِ تائين جي ڊرائيو نه هو پر اهو ڊجيٽل دنيا کان حقيقي دنيا ڏانهن هڪ سفر هو. روڊ تي منهنجي ذهن ۾ صرف اها سوچ هئي ته اڄ ڪجهه مختلف ٿيندو، ڪجهه اهڙو جيڪو منهنجي روح کي تازو ڪندو.

جڏهن مان اتي پهتس ته مان پهريون شاگرد هيس. ورڪشاپ هڪ وڏي عمارت ۾ هئي جنهن ۾ ڄڻ ته مٽيءَ جي هنر جو سمورو سامان موجود هو. قدرتي روشني وڏين درين مان اندر اچي رهي هئي جنهن سان ورڪشاپ جي ماحول ۾ هڪ سڪون ۽ سرور پيدا ٿي رهيو هو. پوءِ ٻه ٻيون وڏي عمر جون عورتون آيون جيڪي پڻ شاگردياڻيون هيون. هڪ ٻي عورت پڻ آئي جيڪا اتي استاد هئي. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هوءَ اهو ڪم يا شوق ڏهن سالن جي عمر کان ڪري پئي. ورڪشاپ جي استادن اسان کي اڳ ۾ وٺي وڃي مختلف مٽيءَ جي قسمن بابت ٻڌايو. منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن مون کي خبر پئي ته هي خاص مٽي جرمنيءَ مان آيل آهي. استاد وڌيڪ ٻڌايو ته جرمني، فرانس ۽ برطانيا جهڙا ملڪ اهڙي قسم جي خاص مٽي دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ برآمد ڪن ٿا. ان مٽيءَ مان ٺهيل شيون وري خاص ڀَٺين (kilns) ۾ مختلف ڏينهن ۽ وقفن ۽ مختلف گرمي پد تي پچايون وينديون آهن. اهو ٻڌي مون کي احساس ٿيو ته هي فن ايترو سادو نه آهي جيترو نظر اچي ٿو.
اسان کي مٽي ڏني وئي. جڏهن مون پهريون ڀيرو پنهنجي هٿن ۾ اها ٿڌي ۽ نرم مٽي ورتي ته ان جو احساس عجيب هو. ان کي هٿن ۾ راند ڪندي مون کي هڪ اهڙي خوشي محسوس ٿي جيڪا ڪنهن به اسڪرين تي اسڪرول ڪرڻ سان حاصل نه ٿي سگهندي. اهو محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته مان ڪنهن قديم دور ۾ پهچي ويو آهيان جڏهن انسان پنهنجن هٿن سان هر شيءِ پيدا ڪندو هو. استادن جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪندي مون پنهنجو پهريون ٿانءُ ٺاهيو. اهو شايد مڪمل نه هو پر مون کي پنهنجي هٿن سان ڪا شيءِ ٺاهڻ جي جيڪا خوشي ملي، ان جو ڪو مقابلو نه هو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ورڪشاپ جو ماحول بدلجي ويو. ان ۾ وڌيڪ ماڻهو اچڻ شروع ٿيا. ٻار، نوجوان، مرد ۽ عورتون، جنهن مان ايئن لڳو ڄڻ ته هڪ ننڍڙو معاشرو ورڪشاپ ۾ اچي ويوهجي.
پنجن سالن جي معصوم ٻارن کان وٺي 75 سالن جي بزرگ عورتن تائين هر ڪو مٽيءَ سان پنهنجي ئي انداز ۾ راند ڪري رهيو هو. ٻار مٽيءَ سان کلندي راند ڪندا رهيا، نوجوان مختلف شڪليون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ بزرگ ماڻهو پنهنجي خاموشي ۽ صبر سان پنهنجو ڪم ڪندا رهيا. ان ماحول ۾ هڪ عجيب اتحاد ۽ هم آهنگي نظر آئي. سوشل ميڊيا تي اسين اڪثر گهڻو ڄاڻون ٿا پر اڪيلا محسوس ڪندا آهيون، جڏهن ته هتي، سڀ ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هئا، پر انهن جي خاموش گفتگوءَ ۾ هڪ ٻئي لاءِ هڪ عجيب پيار ۽ خوشي نظر اچي رهي هئي.

آخر ۾ ورڪشاپ جو سڀ کان حيران ڪندڙ حصو آيو، جڏهن هڪ عورت استاد اسان کي ڪنڀار جي ڦيٿي (Potter’s Wheel) تي ڪم ڪرڻ سيکاريو. ڦيٿي تي مٽيءَ جو هڪ ننڍڙو ڍير رکيو ويو ۽ جيئن ئي ڦيٿو تيزيءَ سان گھمڻ لڳو استاد پنهنجن هٿن جي نرم ۽ ماهرانه ڇُھاءَ سان ان کي مختلف شڪليون ڏيندي رهي. اهو منظر ڏاڍو حيرت انگيز ۽ جادوئي هو. هڪ بي شڪل مٽيءَ جو ڍير اک ڇنب ۾ ٿانءُ، گلدان يا ٻي ڪا شيءِ بڻجي ويو. اهو ڏسڻ ۾ ئي ڏاڍو دلفريب هو.
ان ڏينهن مون کي هڪ ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي معمول کان مڪمل طور تي مختلف ڪم ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان اسان کي زندگيءَ جي نون پهلوئن جو احساس ٿئي ٿو ۽ اسين حقيقي طور تي سڪون حاصل ڪري سگهون ٿا. اهو منهنجي لاءِ صرف هڪ سيرامڪس جو ڪورس نه هو، پر اهو ڊجيٽل دنيا جي قيد کان آزاد ٿي فطرت ۽ انسان جي تخليق سان ٻيهر جڙڻ جو هڪ وڻندڙ ۽ يادگار تجربو هو. اها واقعي هڪ بهترين ۽ شاندار تجربي واري ڏينهن جي شروعات هئي.
_________________
عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ جو ناميارو ليکڪ آھي



