Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سنڌ جي سياست ۾ بلاول ۽ ذوالفقار ڀُٽو فيڪٽر ۽ نئين صفبندي

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ۽ فاطما ڀٽو اڳي سياست کان پاسيرو رھڻ جون ڳالهيون ڪيون پئي، ھاڻ اوچتو فيصلو ڪري ھُو سياست جي شروعات ڪندا. هيءَ نئين سياست ڪهڙي نوعيت جي هوندي، اهو ڏسڻو آهي

سنڌ ۾ جيڪڏهن ارب پتين جي ڳڻپ ٿئي ته پ پ جا اڳواڻ ۽ وزير پهرين نمبر تي هوندا، انهن ڪرپشن جي پئسي مان جوڳي ملڪيت ٺاهي آهي ۽ اهي پئسا سياست تي ئي سيڙايا ويندا

الهه بخش راٺوڙ

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ ۾ سياسي خال موجود آهي، پ پ توڙي  ان جا مخالف، ان خال کي ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. اهڙي صورتحال ۾ فاطما ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر جيڪڏهن نئين سياسي برانڊ سان گڏ ميدان ۾ لهن ٿا ته ان جو آڌرڀاءُ ته ڪري سگهجي ٿو، پر اهو چوڻ ته ڀٽوز جي ميدان ۾ لهڻ سان بلاول ڀٽو زرداري يا ان جي پارٽي زيرو ٿي ويندي، شايد اٻهرائيءَ واري سوچ ته ٿي سگهي ٿي، پر زميني حقيقتن جي ابتڙ هوندي. جيستائين عام چونڊون ٿين ۽ ڪا نئين پارٽي سامهون اچي، ان کان اڳ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ڪهڙا سياسي اتحادي يا نوان کيڏاري پنهنجي فولڊ ۾ آڻي ٿي، اهو به اهم هوندو.

سنڌ ۾ پ پ جي حڪمراني کي 17 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، جڏهن ته 1971 کان 2025 تائين پيپلز پارٽي کي حڪومت ۾ 44 کان 45 سال ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ وڌيڪ عرصو حڪمراني ڪندڙ هي پارٽي آهي، ان جي مقابلي ۾ وقفي وقفي سان پ پ مخالف به اقتدار ۾ آيا، پر اهي جٽاءُ ڪري نه سگهيا. پ پ جي ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود مخالف ڌر ايتري طاقتور پوزيشن ۾ ناهي، جو اها ان جي جاءِ والاري سگهي.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ۽ فاطما ڀٽو پهريان ته سياست کان پاسيرو رھڻ جون ڳالهيون ڪيون پئي، اوچتو، انهن هي فيصلو ڪري ورتو ته هو هاڻ نئين سياست جي شروعات ڪندا. هيءَ نئين سياست ڪهڙي نوعيت جي هوندي، اهو ته ڏسڻو آهي. پ پ شهيد ڀٽو کي ختم ڪري يا ان کي ڪنهن نئين پارٽيءَ ۾ ضم ڪري سامهون اچڻ واري سوچ به بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان ڀٽو خاندان ۾ اختلاف ٿيا، تڏهن کان پ پ شهيد ڀٽو پنهنجا پير پختا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. هڪ اڌ اهڙو موقعو آيو، جو ائين لڳو پئي ته پ پ شهيد ڀٽو پارليامينٽ ۾ ڪجهه سيٽون کڻي وٺندي، پر اها اميد به پوري نه ٿي سگهي. محترما بينظير ڀٽو، جيڪا پنهنجي والد جي سياسي وارث سمجهي پئي وڃي، ان جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ پ پ جي مقابلي ۾ ڪابه قوت نظر نه آئي، ڪجهه عرصو پي ڊي اي وارن گوڙ گهمسان ڪيو، پر انهن به ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو. ان کانپوءِ ٻيون به ڪوششون ٿيون، پر اهي نتيجا ڏئي نه سگهيون. هينئر ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ۽ فاطما ڀٽو نئين سوچ ۽ برانڊ سان گڏ اچن پيا، پر ائين ته نه ٿيندو ته انهن جي اچڻ سان سمورو سياسي ميدان خالي ڪري سندن حوالي ڪيو ويندو.

پيپلزپارٽي ڊگهي عرصي کان اقتدار ۾ رهڻ ۽ مالي طور تي سگهاري هجڻ کانپوءِ پارٽي جي چوڌاري اهم شخصيتون به گردش ڪن ٿيون، ان سان ڪي حلقا هي به الزام هڻن ٿا ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ارب پتين جي ڳڻپ ٿئي ته پ پ جا اڳواڻ ۽ وزير پهرين نمبر تي هوندا، انهن ڪرپشن جي پئسي مان جوڳي ملڪيت ٺاهي آهي ۽ اهي پئسا سياست تي ئي سيڙايا ويندا. جيڪڏهن ائين چئجي ته سياست سموري ملڪ توڙي سنڌ ۾ پئسي جو کيڏ ٿي ويو آهي ته غلط نه ٿيندو. سنڌ جي سياسي ڊائنامڪس به اهم فيڪٽر آهي، هتي گهڻو ڪري سياسي گاديون يا شخصيتون ڳڻيون وينديون آهن. ان حوالي سان توڙي جو هڪجهڙي صورتحال ناهي، پر شهرن ۽ ٻهراڙين جو تضاد  هڪ طرف آهي، جنهن ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف سان گڏ ننڍا وڏا گروپ آهن، ٻهراڙين ۾ وري پ پ سڀني کان وڌيڪ آهي، پر ٻين ڌرين سان به ڪافي وڏيرا، پير ۽ ٻيون شخصيتون آهن. سنڌ ۾ اهڙا سياسي خاندان به آهن، جيڪي وڏي سرڪار جي اشاري تي پارٽين ۾ شامل ٿيندا ۽ الڳ ٿيندا رهيا آهن. ڪجهه ڌرين کي ته انڪري حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ته انهن جي وڏي ”سفارش“ هوندي آهي. پئسي ڏوڪڙ جي ڏيتي ليتي به گهڻي آهي. پيسا ڏئي سيٽ کٽڻ وارو رواج ماضيءَ کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سياست اندر ٻاهرين يا ادارن جي مداخلت به تمام گهڻي آهي، انڪري هي اندازو لڳائي نٿو سگهجي ته ڪير ڪنهن جي چوڻ تي ڪهڙي پارٽي وسائي ٿو. ان سان گڏ آزاد ميمبرن جو به جوڳو تعداد هوندو آهي، اهي سمورا ٽرمپ ڪارڊ ٿيندا آهن. پر گهڻو ڪري حڪمران پارٽي جو ئي حصو ٿيندا آهن.

بلاول ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر کي انهن سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. انهن جي پوليٽيڪل ۽ پارٽي مينيجمنٽ ڪيتري سگهاري هوندي، جو هو مستقبل ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون بيهي سگهندا. ماضيءَ ۾ ممتاز ڀٽو ۽ مير مرتضي ڀٽو هڪ پاسي ۽ ٻئي پاسي  پ پ هئي، پر نتيجا سڀني جي سامهون آهن. مير جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ ان جي ٻارن فاطما ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر لاءِ همدرديون ضرور آهن، پر زميني حقيقتون همدردين سان تبديل نه ٿينديون. جونئير ذلفي کي نه صرف پارٽي پر ان جي رينڪ اينڊ فائل کي  جوڙڻو آهي. ان کانپوءِ اها ڪيئن ڪم ڪندي، اهو به ڏسڻو پوندو. هنن وٽ ڪيترا مالي وسيلا هوندا ۽ سرنديءَ وارا ڪيترا انهن جو حصو ٿيندا ؟ اهو به ڏسڻو پوندو. ڪي حلقا چون ٿا ته بلاول جي مقابلي ۾ ذوالفقار جونيئر جي نوجوانن ۾ وڌيڪ اپيل آهي ۽ ووٽرن جو وڏو تعداد به انهن نوجوانن جو آهي. جڏهن ته بلاول جي چوڌاري سيڪيورٽي جا ايترا انتظام ٿيل آهن، جو عام ماڻهوءَ جي ان تائين رسائي ممڪن ناهي. انڪري اهو ذوالفقار جونيئر جيان ماڻهن ۾ اٿي ويهي به نٿو سگهي.

جيڪڏهن سنڌ ۾ ووٽرن جي تناسب کي ڏٺو وڃي ته ملڪ جي 5 ڪروڙ 68 لک 60 هزار نوجوان ووٽرن مان 18 کان 35 سالن تائين جا هڪ ڪروڙ 17 لک 20 هزار سنڌ جا آهن. پر انهن ووٽرن جو 70 کان 80 سيڪڙو تعداد اليڪشن جي عمل کان پرڀرو رهندو آهي. ان سان گڏ اهم ادارا به جوڙ توڙ ڪندا آهن، سياسي پارٽين سان معاملا طئي ڪري اقتدار جو ميدان تيار ڪندا آهن. ڪي حلقا چون ٿا ته واڳ ڌڻين کي ڪنهن نئين سياسي ڌر بدران اسٽيٽس ڪو سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. ذوالفقار جونيئر ۽ فاطما ڀٽو ممڪن آهي ته واڳ ڌڻين سان معاملا طئي ڪرڻ کان شرمائين.

پيپلز پارٽي خاص ڪري لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم رکڻ گهري ٿي، انڪري هاڻ ذوالفقار ڀٽو جونيئر ۽ فاطما جي چرپر شروع ٿيندي ئي پنهنجي روايتي مخالف ممتاز ڀٽو جي پٽ امير بخش ڀٽو سان هٿ ملائڻ ۾ دير ئي نه لڳائي. امير بخش ڀٽو جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار ٿيڻ جا امڪان واضح آهن. هڪ حڪومتي ذريعي ٻڌايو ته امير بخش ڀٽو جي سياسي مستقبل جي حوالي سان رڌڻي ۾ ڪجهه پچي رهيو آهي، ان امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته هو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي وڃي. پر هيل تائين فائنل ڪجهه به نه ٿيو آهي.

______________

الھ بخش راٺوڙ ھڪ سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button