دنيا ۾ ڀاڄين جي ڪُل پيداوار جو 50 سيڪڙو چين ۾ ٿئي ٿو
چين صرف هڪ سيڪڙو ڀاڄيون برآمد ڪري ٿو، باقي 49 سيڪٽو پاڻ وٽ رکي ملڪي گهرجون پوريون ڪري ٿو.
چين ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ کُنڀيون مصنوعي طريقي سان اُپايون وڃن ٿيون جيڪي کائڻ سان گڏ دوائن ۾ به استعمال ٿين
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
3 نومبر 2024: محسوس ڪيم ته اڄ سڄو ڏينھن وشال جو موڊ آف رهيو. سمجهي ويس ته زال مڙس ۾ ڪجهه اڻبڻت ٿي آهي، ڪار ۾ به هو اڄ کشين سان گڏ اڳيان ويھڻ بدران پويان ويٺو ۽ ماڻهنس کي اڳيان ويھاريائين.
ماڻهنس مون کي ٻڌايو ته وشال چوي ٿو ته کشين چوي ٿي ته سندس ڳوٺ هلون ۽ مون چيومانس ته ”جڏهن مون، ابو ۽ اميءَ توکي بار بار ڳوٺ هلڻ جي لاءِ چيو ته تون نه هلڻ لاءِ مختلف بھانا ڪندين رهينءَ. هاڻ هلڻ جي ضرورت ڪونهي.“
منھنجي خواهش هئي ته چين جون ٻھراڙيون ڏسان، وشال ۽ کشين به چيو هلنداسين. کشين جي ماءُ به چئي ويئي ۽ بار بار مون کي اچڻ لاءِ چوندي رهي آهي. پر منھنجي ننھن جا مختلف بھانا، اڄ سو اسان به ڄڻ هلڻ کان آسرو لاهي ڇڏيو. اڄ وري کشين چيو ته وشال کيس جواب ڏيئي ڇڏيو. ائين اهو پروگرام ٽائين ٽائين فش ٿي ويو.

شام جو ماني کائڻ مھل کشين چيو ته ’ابو اوهان منھنجي ڳوٺ هلندا؟“ چيم ”هائو، هلندسين.“ بس سندس دل رکڻ خاطر چيم، پر هاڻ منھنجي دل به نٿي چوي.
رات وشال چيو ته [ماسي] ’وانگ ائي چائو‘ سڀاڻي منجهند جي مانيءَ جي دعوت ڏني آهي. اڳين دعوت ’وانگ ڦان‘ طرفان هئي. دعوت ساڳئي بوفي هوندي، جھڙي اڳين هئي ۽ هيءَ ٻي هوٽل آهي، جيڪا نئين کلي آهي.
ٻارهين ڌاري اسان چارئي ۽ پنجين مريم ’ڇائو يانگ‘ پھتاسين. ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪئي سين. هتي زمين دوز ڪار پارڪنگ ٺھيل آهن. جتي گاڏيون بيھاربيون آهن، ان جي في پنج يوان آهي. پاڻ وانگر ڪونهي ته جتي دل وڻي اتي گاڏي بيھاري هليا وڃو، پوءِ روڊ بند. هتي جي ڪير اهڙي حرڪت ڪري ته سر وڃيس. کشين ڪار هڪ وڏي دوڪان جھڙي ڪمري ۾ هڪ پاڪستان ۾ ڪانٽي جھڙي ٺھيل لوهي بلاڪ تي بيھاري بلڪل اهڙو ڪانٽي جھڙو، جنھن تي پاڻ وٽ ڪمند جون ٽرڪون توريندا آهن، اسان ٻاهر نڪتاسين ته ڪار پارڪنگ واري همراهه هڪڙو ڪارڊ ڏنو.
اسان لفٽ ۾ چڙهي مٿي پھتاسين ۽ مختلف روڊ ڪراس ڪندا اچي هڪ بلڊنگ جي ٻاهران بيٺاسين، سامھون ئي ’وانگ ائي چائو‘ ۽ سندس پٽ ’وانگ وئي وئي‘ اسان جي اوسيئڙي ۾ نظر آيا. جن مرڪي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ ان عمارت ۾ اليڪٽرڪ ڏاڪڻين ۽ لفٽن ۾ چڙهي الائجي ڪھڙي ماڙ تي پھتاسين. اتي ڪيتريون ئي ريسٽورينٽ هيون. جن ۾ سڄو سسٽم بوفي هو. ’وانگ ائي چائو‘ هڪ هوٽل پسند ڪئي ۽ ان ۾ وڃي ويٺاسين. صبح جو پھر هئڻ سبب رش نه هئي. اسان ٻه ٽيبلون بوڪ ڪرايون. انهن تي ويٺاسين، سيلف سروس هئڻ سبب هر ڪنھن پليٽ کنئي ۽ پنھنجون پنھنجون شيون کڻڻ ۾ لڳي ويو. سؤ کان به وڌيڪ ائٽم هئا، فروٽ، سويٽ ڊش، الڪوحل جا مختلف نمونا ۽ بيئر جون برف ۾ لڳل بوتلون، جوس، رڌل توڙي ڪچو کاڌو. هر ٽيبل جي اڳيان هڪ اليڪٽرڪ ديڳڙي ۽ پچائڻ لاءِ اسٽيل جي ڄاري لڳل هئي، جنھن ۾ اوهان ڪچو گوشت، چڪن ۽ سبزيون کڻي پچائي يا اوٻاري کائي ٿا سگهو. سي فوڊ (Sea food) به قسمين قسمين هو، گهانگهٽ، اسٽار فش، ڪوڏ، سپون، الائجي ڇا ڇا. چيني سي فوڊ وڏي شوق سان کائين، اهو ڄڻ سندن لاءِ جنت جو کاڌو هجي. ڀاڄيون به گهڻيون واپرائين، پر اوٻاري کائين، نه لوڻ نه مرچ وجهن.
منھنجي لاءِ مسئلو هو ته ڇا کڻجي. ٻه ٽي سويٽ ڊش جا نمونا ۽ ڪجهه فروٽ کنيم. هڪ هنڌ پيزا رکيل هو. وشال کان پُڇيم، هي ڏس کڻي سگهجي ٿو؟ ڏسي چيائين ته، ”هي پيزا ڊريگن جي گوشت مان ٺھيل آهي.“ کڻي پٺتي وڌيس. واپس اچي ٽيبل تي ويٺس. اسان جھڙن لاءِ اسٽڪ سان کائڻ به مسئلو آهي. سو چمچن کي استعمال ڪيوسين. البت وشال، جيڪو ’اڌ چيني-اڌ سنڌي‘ آهي، اسٽڪ سان مزي سان کائيندو رهيو. وشال ڪجهه ڀاڄين جا پتا ۽ کنڀيون کڻي آيو. جيڪي هن ديڳڙي ۾ اوٻارڻ جي لاءِ وڌيون. چين ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ کُنڀيون مصنوعي (هائبرڊ) طريقي سان اُپايون وڃن ٿيون. جيڪي کائڻ سان گڏ دوائن ۾ به استعمال ٿين. هڪ ٻه اوٻاريل کنڀي مون به کاڌي. هوٽل ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ويھي جيڪو دل چوي سو کائي سگهجي ٿو. في فرد ستر يوان اڳ ۾ جنھن هوٽل ۾ ’وانگ ڦان‘ وٺي ويئي هئي ان ۾ في فرد اسي يوان هو.

اسان پنھنجي حال سارو کاڌو، منھنجي لاءِ مسئلو اهو آهي ته ٻه چار گراهه کڻان ٿو ته پيٽ پائولا (فل) ٿيو وڃي. باقي ٻين ٻن ڪلاڪن ۾ پورو پورو انصاف ڪيو کائڻ سان. ان دوران ڪچھري ۽ فوٽوگرافي به هلندي رهي. ماني کائي هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين. موڪلائڻ مھل مون ميزبان ’وانگ ائي چائو‘ کي پاڻ سان آندل لُنگي سوکڙي طور ڏني ته مائي ڪا خوش ٿي. ڪنڌ ۾ وڌيمانس ته خوش ٿي فوٽو ڪڍايائين ۽ بار بار نسيم کي ڀاڪر پائي موڪلايائين. هوءَ پٽھنس ’وانگ وئي وئي‘ سان رواني ٿي ته اسان به گهر موٽڻ جي ڪئي. هھڙين هوٽلن ۾ هڪ ڳالهه نئين لڳي ته جي کاڌو اوهان بچايو ته ان جا پئسا ڪٽبا. ٻين لفظن ۾ جيترو کائي سگهو اوترو کڻو، کاڌو زيان نه ڪريو.
واپسيءَ ۾ هڪ عجيب لقاءُ ڏٺم. اسان جتي ڪار پارڪ ڪئي هئي، ان هنڌ وڃڻ بدران ٻي پاسي هڪ گيٽ وٽ وڃي بيٺاسين. کشين گيٽ وٽ لڳل اي. ٽي. ايم ٽائپ مشين ۾ ڪارڊ وڌو ۽ پوءِ ڏهن منٽن اندر گيٽ کليو ۽ اسان واري ڪار سامھون بيٺي هئي. کشين اندر وڃي ڪار ٻاهر ڪڍي آئي. پارڪ ڪرڻ مھل جنھن ڪانٽي ٽائپ لوهي چادر تي بيھاري هئي، اهو ڪارڊ لڳڻ سان ڪار کي کڻي آيو. اهو آهي ٽيڪنالاجي جو ڪمال.
مٿي ڀاڄين جو ذڪر نڪتو آهي ته ٿورو چين ۾ ڀاڄين جي پيداوار جو به ذڪر ٿي وڃي. چين جا 35 سيڪڙو ماڻهو زرعي صنعت سان وابسته آهن، چين جي سبزي مارڪيٽ ۾ گهمندي ڪيترين ئي قسمن جي ڀاڄين ۽ ميون کي ڏسي چين ۾ زراعت ۾ اڳڀرائي ۽ ترقيءَ جي خبر پوي ٿي. دنيا ۾ سبزين جي ڪل پيداوار جو 50 سيڪڙو چين ۾ ٿئي ٿو ۽ چين صرف هڪ سيڪڙو برآمد ڪري ٿو، باقي 49% پاڻ وٽ رکي ملڪي گهرجون پوريون ڪري ٿو.
_______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي