Editor's pickMain Slideدنياڪالم

فريڊرڪ نِٽشي: فڪر، تنقيد ۽ جديد انسان جو بحران

نٽشي جون لکڻيون جتي ناڪاره قدرن کان انڪار، مئل سماج کي جيئارڻ لاءِ جتن  ۽ مذهب جي قيد کان آزاد ٿيڻ جي بغاوت آهي، اتي اُھي استحصالي قوت جي ڏاڍ جون حمايتي آهن.

نٽشي جي لکڻين کي پڙھندي ان جو منفي اثر وٺندي سنڌ ۾ نوجوانن مسئلن کي منھن ڏيڻ بدران فراريت جو رستو اختيار ڪيو ۽  خودڪشين ڏانهن لاڙو رکيو.

نويد سنديلو

انساني تاريخ ۾ جيڪي  غيرمعمولي ذھين انسان پئدا ٿيا آهن انهن ۾ جرمن فلسفي فريڊرڪ نِٽشي کي پڻ ھڪ سمجهيو وڃي ٿو. نٽشي مغربي تھذيب، عيسائيت ۽ فلسفي جو تمام گھڻو مطالعو ڪيو ھو. کيس جرمن قوم جي ڪاھلي، سست روي ۽ زوال مان ڪڍڻ لاءِ ھن ڪوششون ورتيون.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نٽشي پنهنجو نڪور فڪر ڏنو پر ساڳي وقت تي ھن ڪمزور نظريا  پڻ پيش ڪيا جن تي تنقيد ٿيندي رهي آهي، خاص ڪري سپر مين، اقتداري قوت،  انسان جي گڏيل مفادن ۽ سوشلزم جي نظرين کان انڪار.

فريڊرڪ نٽشي 1844ع ۾ جرمنيءَ جي شهر Röcken ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هڪ لٿرَن پادري هو، جنهن جي موت کان پوءِ نٽشي جي پالنا هڪ مذهبي ماحول ۾ ٿي. شروعات ۾ ھو Classical Philology ۾ ماهر ٿيو ۽ Basel يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. پر ذهني ۽ جسمي بيمارين سبب کيس تدريسي ڪم ڇڏڻو پيو، جنهن کان پوءِ هن مڪمل طور فلسفي، ادب ۽ موسيقيءَ ڏانهن رخ ڪيو.

نٽشيءَ جي زندگيءَ ۾ تڪليف، اڪيلائپ ۽ ذهني جدوجهد مستقل ساٿي رهيا. 1889ع ۾ هن کي سخت ذهني بيماري اچي واسو ڪيو ۽ پوءِ زندگيءَ جا آخري يارهن سال بيهوشيءَ ۽ جنوني حالت ۾ گذريا. پر ان کان اڳ هو پنهنجي فڪر جون اهم لکڻيون ڇڏي ويو، جن ۾ ھيٺيان ڪتاب شامل آهن:

1. The Birth of Tragedy (1872)

2. Thus Spoke Zarathustra (1883–1885)

3. Beyond Good and Evil (1886)

4. The Genealogy of Morals (1887)

5. Twilight of the Idols (1888)

6. The Antichrist (1888)

انهن ڪتابن ۾ نٽشي جو فڪر ڏاڪي به ڏاڪي  پچي راس ٿيڻ لڳو، جنهن پھريان جمالياتي فڪر، پوءِ اخلاقي تنقيد ۽ آخر ۾ وري وجودي ۽ فوق الاخلاقي فڪر جي صورت اختيار ڪئي.

يورپي فلسفين پاران نٽشي کي جديد مغربي فلسفي جي تاريخ جو هڪ اهڙو ليکڪ ۽ مفڪر سمجهيو وڃي ٿو جنهن فڪر جي روايتي قدرن کي نه رڳو للڪاريو، پر “اخلاق”، “حقيقت”، “سچ” ۽ “خدا” جي معنيٰ تي پڻ بنيادي سوال اٿاريا. نٽشي جي خيال ۾ فلسفو ڪو بيٺل نظريو نه هو، پر هڪ جيئرو جاڳندو تجربو هو، جيڪو زندگيءَ جي رڳ رڳ سان رچيل ھو. سندس شارھن جي خيال ۾ ھن جي فڪر جون جڙون “زندگيءَ جي  تصديق”(affirmation of life) جي تصور ۾ کتل هيون، جيڪو نفيءَ ۽ انڪار بدران، رڳو وجود جي تخليقي قوتن کي مڃيندڙ ھو. اھڙي طرح سندس شارھن  موجب نٽشي جو فڪر اڻويهين صديءَ جي يورپ ۾ جنم ورتو، جيڪو عقل پرستي (rationalism)، سائنسي ماديت ۽ مذهبي زوال جو دور هو. مغربي سماج ۾ انسان کي “مرڪز” بڻايو ويو هو، جيڪو پنهنجي معنيٰ وڃائي رهيو هو. سندن خيال ۾ نٽشي جو فلسفو انهيءَ بحران جي خلاف فڪري بغاوت ھو. نٽشي جي نظر ۾ انسان جي نجات ڪنهن صحيفي يا آسماني ڪتاب ۽ خدا ۾ نه، پر پنهنجي اندر جي تخليقي قوت ۾ سمايل  ھئي. ان سان گڏ سندن خيال آهي ته نٽشي جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ ان دور جي فڪري ماحول کي سمجھڻ لازمي آهي. جنهن وقت نٽشي پنهنجو فڪري  دڳ ٺاهي رهيو هو، تنهن دور ۾ يورپ تي هيگل، شوپنهاور ۽ ڊارون جا تمام وڏا اثر هئا. نٽشي پنهنجي دور جي ڇانيل نظرين خاص ڪري هيگل جي مطلق تصور (absolute idealism) تي تنقيد ڪندي چيو ته ھيگل انساني فڪر کي منطق ۽ عقل جي پوري نظام ۾ قيد ڪري ان کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو هو. نٽشي ان جي خلاف زندگيءَ کي عقل کان مٿانهون قرار ڏنو. شوپنهاور، جنهن کي نٽشي پنهنجو “استاد” سڏيندو هو، “ارادي” (will) کي دنيا جو بنيادي اصول ڄاڻايو. سندس شارھن جو چوڻ آهي ته جتي شوپنهاور جي ارادي ۾ “تڪليف” ۽ “زندگي جي نفي” هئي، اتي نٽشي جي ارادي ۾ “طاقت” ۽ “تخليق” جو جذبو هو. انهيءَ پسمنظر ۾ نٽشي جي فڪر کي هڪ فلسفياڻو انقلاب چئي سگهجي ٿو. هن مغربي اخلاق، مذهب ۽ علم جي بنيادن کي ئي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس مشهور اعلان ته “خدا مري چڪو آهي” (God is dead) ڪنهن الحاد جو اظهار نه پر هڪ علامتي حقيقت جو اعتراف ھو، يعني مغربي فڪر جي بنيادي اخلاقي ۽ مابعدالطبیعاتي قدرن جو زوال ٿي چڪو آهي.

اھڙي طرح ڏسجي ته نٽشي جي لکڻ جو انداز روايتي فلسفي وانگر منظم نه آهي. سندس لکڻيون شاعراڻيون، طنزيه ۽ علامتي آهن. هو فلسفي کي “فن” سان ڳنڍي ٿو، ۽ منطق بدران “تمثيل” ۽ “افورزم” (aphorism) کي ترجيح ڏئي ٿو. هن چيو:

”مان فلسفو ان طريقي سان لکان ٿو، جيئن موسيقيءَ ۾ ترنم پيدا ٿئي.“

ڪن ليکڪن جي خيال ۾، نٽشي جي فڪر ۾ جذبو، تخليق ۽ انفرادي آزادي مرڪزي حيثيت رکن ٿا. هو ڪنهن به مطلق سچ يا آفاقي قدر تي يقين نٿو رکي. سندس نظر ۾ سڀ قدر انساني تخليق آهن، جيڪي طاقتور انسان پنهنجي ارادي سان ٺاهين ٿا.

نٽشي جو فلسفو: بغاوت،  آزاديءَ جو سنيھو ۽ سوشلزم جي مخالفت

نٽشي جي فڪر کي “بغاوت جي فلسفي” طور سڃاتو وڃي ٿو. جنهن ۾ مذهبي نظام، اخلاقي ۽ سماجي قدرن کي  للڪارڻ آهي. سندس نظر ۾ روايتي اخلاق “غلامن جو اخلاق” آهي، جيڪو ڪمزور انسانن جو پيدا ڪيل آهي. ان جي مقابلي ۾ ھن “مالڪ جي اخلاق” (Master morality) جو تصور ڏنو، جنهن ۾ طاقت، تخليق ۽ خوداعتمادی کي وڏي  حيثيت ڏنائين. پر ساڳي وقت ڏٺو وڃي ته، جنهن طاقتور، اقتداري قوتن حامي ٿيندي  نٽشي اھو تصور ڏنو، انھن پَر ماري قوتن، ڦورن ۽ جابر کي ھٿي وٺرائي جنهن جا اگرا نتيجا نڪتا. ان نظريي جي حوالي کان ڏٺو وڃي ته انهن طاقتور طبقن سدائين ڌرتي ڌڻين، پورھيتن، ھارين نارين، مزدورن، مٽيءَ ھاڻن ماڻهن، مسڪينن ۽ مصيبت ماريل تي ھاڃا ھنيا آهن. نٽشي جو خواب ھڪ مڪمل سگهاري انسان جو نه پر اڻپوري انسان جو خواب لڳي ٿو ھو جنھن وٽ رڳو اقتدار جي واڳ ھئي، جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان ٻين تي وس ھلائي سگهي. ٿئي ائين ھا ته نٽشي به مارڪس وانگي پيڙيل عوام جي ڳالھ ڪري ھا جنهن ۾ تخيلقي سگھ ۽ پنهنجي وجود جي جياپي جو اونو ھجي ھا جيڪو اوڻويهين صدي جي انسان جو شعوري، سياسي، نظرياتي ۽ وجودي مسئلو ھو ۽ اڄ به موجود آهي جيڪو پنهنجي جدوجهد جاري رکيون اچي پيو خاص ڪري اسان جهڙن پٺ تي پيل سماجن جي تاريخ پيڙھيل عوام لاءِ جيڪي پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

نٽشي لاءِ حقيقي انسان اهو آهي، جيڪو سماج جي مقرر ڪيل قدرن کي ٽوڙي، پنهنجي قدرن کي پاڻ ٺاهي. اهو ئي “سپر مين” (Übermensch) آهي — يعني اهڙو وجود جيڪو عام انسان کان مٿي آهي، جيڪو خدا جي موت کان پوءِ نئين معنيٰ تخليق ڪري ٿو.

سندس شارھن جي نظر ۾، خدا جي موت جو اعلان — هڪ علامتي فڪري انقلاب

نٽشي جو سڀ کان گهڻو مشهور ۽ بحث طلب فقرو آهي:

”خدا مري ويو آهي. (Gott ist tot!)“

اهو جملو پهريون ڀيرو سندس ڪتاب The Gay Science (1882) ۾ آيو، ۽ پوءِ Thus Spoke Zarathustra ۾ ان کي فڪري بنياد طور بيان ڪيو ويو. سندن چوڻ آهي ته، “خدا جي موت” مان نٽشي جو مقصد ڪنهن مخصوص مذهب يا وجودي خدا جو خاتمو نه پر هڪ ثقافتي ۽ اخلاقي زوال جو اعلان آهي. اهو جملو مغربي تهذيب جي انهيءَ حالت ڏانهن اشارو ڪري ٿو جتي “خدا” جو تصور، جيڪو صديون انسان جي قدرن، سچائي ۽ اخلاق جو ماخذ رهيو، هاڻي بي معنيٰ ٿي چڪو هو.

اھڙي طرح نٽشي جي نظر ۾ جديد سائنس، عقل پرستي ۽ انسان پرستيءَ (humanism) پاڻ پنهنجي هٿن سان خدا کي “قتل” ڪيو آهي. ماڻهو هاڻي پنهنجي قدرن لاءِ ڪنهن الوهي ماخذ تي نٿا ڀاڙين، پر پوءِ به “اخلاقيات” جي نالي ۾ انهن ئي پراڻن قدرن کي زندھ رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نٽشي ان کي منافقت سمجهيو. هن لکيو:

“اسان خدا کي ماري ڇڏيو آهي — پر هاڻي اسان پاڻ کي ڪيئن تسلي ڏينداسين؟ اسان سمنڊ جي تري کان به گهڻو هيٺ هليا ويا آهيون، اسان وٽ مٿاهين ۽ هيٺاهين جو ڪو به تصور نه رهيو آهي.”

اهو اعلان دراصل نيهيليزم (Nihilism) جي فڪري سُڃاڻپ آهي. هن جي خيال ۾ مغربي تهذيب پنهنجي قدرن جي ماخذ کي وڃائي چڪي آهي، تنهنڪري هاڻي هر شيءِ بي معنيٰ ٿي وئي آهي. پر نٽشي ان خال (nothingness) کي مايوسي بدران تخليق جو نئون موقعو سمجهيو ھو.

نيھيليزم ۽ نئون قدرن جو بحران

نٽشي چيو ته خدا جي موت کان پوءِ انسان لاءِ هڪ خالي جڳهه ڇڏي وئي آهي — پر اها خالي جڳهه ڪنهن نه ڪنهن قدر سان ڀرڻي پوندي. جيڪڏهن انسان پنهنجا قدر پاڻ نه ٺاهيندو، ته ڪو ٻيو نظام (مثلاً سياسي يا مذهبي) ان تي مسلط ٿي ويندو.

انهيءَ ڪري نٽشي جو مقصد خدا جي انڪار ۾ نه، پر نون قدرن جي تخليق ۾ ھو. هو لکي ٿو:

”اسان کي پنهنجا قدر پاڻ ٺاهڻا پوندا، ڇو ته دنيا ۾ ڪا اڳواٽ ڏنل معنيٰ ڪانهي.“

اهو فڪر بعد ۾ وجوديت (Existentialism) جو بنياد بڻيو، جنهن جو مرڪزي خيال آهي ته “وجود جوھر کان اڳ  آهي” (existence precedes essence). يعني انسان جي زندگيءَ جي معنيٰ اڳواٽ نه طئي ٿيل آهي، پر انسان پاڻ ئي پنهنجي عملن ۽ چونڊن سان ان کي ٺاهي ٿو — جيڪو نٽشي جي فڪر جو مرڪزي نڪتو آهي. ان نقطي کي پوء سارتر پنهنجي فلسفي جو مرڪزي نظريو اختيار ڪيو.

اخلاقي فلسفو: غلاميءَ جو اخلاق ۽ سردار جو اخلاق

سندس شارھن جي خيال ۾ نٽشي جو اخلاقي فلسفو بنيادي طور تي هڪ نفسياتي ۽ تاريخي تجزيو آهي. هن مغربي اخلاقيات کي ٻن قسمن ۾ ورهايو:

مالڪ جو اخلاق (Master Morality)

غلام جو اخلاق (Slave Morality)

مالڪ جو اخلاق طاقت، تخليق، خوداعتمادي ۽ زندگيءَ جي تصديق تي ٻڌل آهي. اهو انهن ماڻهن جو اخلاق آهي، جيڪي پنهنجن قدرن کي پاڻ ٺاهين ٿا. اهي نيڪي ۽ بدي کي پنهنجي قوت جي احساس جي بنياد تي طئي ڪن ٿا.

غلامن جو اخلاق، ان جي ابتڙ، ڪمزوري، حسد ۽ خوف تي ٻڌل آهي. اهو انهن ماڻهن جو اخلاق آهي، جيڪي طاقتور ماڻهن جي خلاف بغاوت ڪري نيڪيءَ کي نوڙت ۽ بديءَ کي طاقت سان ڳنڍين ٿا. نٽشي موجب عيسائيت ۽ اخلاقي روايتن “غلاميءَ جي اخلاقيات” مان جنم ورتو آهي. انهن انسان کي بزدل، نفي ڪندڙ ۽ انڪار ڪندڙ بڻائي ڇڏيو. نٽشي جو خيال هو ته انسان کي انهن “غلاميءَ وارن قدرن” کي ٽوڙي پنهنجي فطري قوت ۽ زندگيءَ جي تصديق ڪرڻ گهرجي.

زندگيءَ جي تصديق (Affirmation of Life)

نٽشي موجب زندگي ڪا گناهه يا آزمائش نه آهي، جيئن مذهب چون ٿا، پر اها هڪ تخليقي رقص آهي. هن چيو ته

”مان ان دنيا جو حامي آهيان، جيڪا درد، تبديلي ۽ تباھيءَ سان ڀرپور آهي — ڇو ته انهن کانسواءِ ڪا به تخليق ممڪن نه آهي.“

اهو تصور سندس جمالياتي فلسفي سان ڳنڍيل آهي. جيئن The Birth of Tragedy ۾ هن چيو ته يوناني الميي ۾ زندگيءَ جي خوبصورتي ۽ درد گڏ گڏ  آهن — اپولو (نظم ۽ روشنيءَ جو ديوتا) ۽ ڊائونسس (جنون ۽ تخليق جو ديوتا) جي ميلاپ ۾ حقيقي زندگيءَ جو حسن لڪل آهي.

زندگيءَ جي تصديق جو مطلب آهي هر حال ۾ “ها” چوڻ، يعني وجود جي هر تڪليف کي قبول ڪري، ان مان نئين قوت پيدا ڪرڻ. اهو ئي “سپر مين” (اعلي انسان) جو رستو آهي.

سپر مين جو تصور

نٽشي جي لکڻين کي پڙهندي اھو معلوم ٿئي ٿو ته ھو فلسفي ۾ “سپر مين” دار کي هڪ تمثيلي ۽ اخلاقي مثالي وجود پيش ڪري ٿو. جيڪو مافوق الانسان نه، پر اهڙو انسان آهي جيڪو خدا جي موت کان پوءِ نئين معنيٰ ڀري دنيا جو اڏيندڙ نظر اچي ٿو. سپر مين پنهنجي قدرن کي پاڻ ٺاهي ٿو، روايتي خير ۽ شر(نٽشي جو ڪتاب: Beyond Good and Evil) کان مٿاهون ٿي ڪري نئين زندگيءَ جي معنيٰ پيدا ڪري ٿو. نٽشي لاءِ سپر مين ڪو مذهب جو نجات ڏيندڙ نه آهي، پر هڪ “نئون انسان” آهي، جيڪو طاقت جي خواهش ۽ زندگيءَ جي تصديق سان ڀرپور آهي. ان حوالي کان ڏسجي ته نٽشي فقط ۽ فقط طاقتور انسان کي اعليٰ انسان جو قائل آهي جيڪو نيڪي ۽ بدي ٻنهي محرڪن کان مٿانهون آهي. مارڪس جي پورھيت ۽ سوشلزم جي پرولتاري يا ڪنهن به جديد سياسي تبديليءَ جي محرڪ کان قطعي انڪاري آهي.

Thus Spoke Zarathustra ۾ زرتشت چوندو آهي:

”انسان هڪ رسو آهي، جيڪو جانور ۽ سپر مين جي وچ ۾ سوڙي پُل تي ٽنگيل آهي.“

يعني انسان هڪ عبوري مخلوق آهي، جنهن کي پنهنجي اندر جي قوت سان مٿي اُڀرڻو آهي.

طاقت جي خواهش (Will to Power)

نٽشي جو سڀ کان اهم فلسفياڻو تصور “ارادي جي طاقت” (Will to Power) آهي. شوپنهاور لاءِ ارادو درد ۽ انڪار جو ذريعو هو، پر نٽشي لاءِ اها ئي زندگيءَ جي اصلي توانائي آهي. هن موجب هر جاندار ۾ بنيادي قوت “بقا” نه، پر “طاقت حاصل ڪرڻ” آهي. زندگي پاڻ کي جٽاءُ رکڻ لاءِ نه، پر وڌائڻ، ويجهائڻ ۽ مٿاهين بڻجڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿي. طاقت جي خواهش رڳو سياسي يا جسماني طاقت نه آهي، پر تخليقي، روحاني ۽ نفسياتي توانائي آهي. هڪ فنڪار جڏهن نئون فن تخليق ڪري ٿو، يا هڪ مفڪر نئين سوچ کي جنم ڏئي ٿو، تڏهن به اهو “طاقت جي ارادي” (Will to Power) جو اظهار آهي.

ازلي واپسي (Eternal Recurrence) جو تصور

نٽشيءَ جو هڪ ٻيو انتهائي پيچيدو ۽ علامتي فڪر ”ازلي واپسي“ (Die ewige Wiederkehr des Gleichen) آهي، جيڪو Thus Spoke Zarathustra ۽ The Gay Science ٻنهي ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هيءُ خيال ظاهر ۾ ڪائناتي يا مابعدالطبیعاتي لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ اهو هڪ اخلاقي ۽ وجودي آزمائش آهي.نٽشي جي خيال ۾ جيڪڏهن زندگيءَ جي هر گهڙي، هر عمل ۽ هر تڪليف هڪ ئي روپ ۾ وري وري ورجائبي، ته ڇا توهان ان کي قبول ڪندو؟ ڇا توهان چوندو ته ”ها، مان چاهيان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه وري وري ٿئي“.

اهو سوال انسان جي زندگيءَ جي معنيٰ جو امتحان آهي. جيڪو ماڻهو هر لمحي کي اهڙي خوشيءَ سان قبول ڪري ٿو، ڄڻ اهو هميشه لاءِ آهي، اهو ئي زندگيءَ جو سچو عاشق آهي. ھيءُ تصور نٽشي جي “زندگيءَ جي تصديق” جي انتها آهي — زندگيءَ کي نه فقط قبول ڪرڻ، پر ان جي ابدي ورجاءُ سان محبت ڪرڻ.

ازلي واپسي ڪا سائنسي حقيقت نه آهي، پر هڪ اخلاقي فڪر جو اوزار آهي. نٽشي جو مقصد انسان کي اهڙو ”ڀاري وزن”(heaviest weight) محسوس ڪرائڻ آهي، جيڪو ان کي پنهنجي چونڊن جي ذميواري قبول ڪرڻ سيکاري.

جيڪڏهن توهان هر عمل اهڙي طرح ڪريو، ڄڻ اهو هميشه لاءِ ورجائبو رهندو، ته پوءِ توهان زندگيءَ کي مڪمل ايمانداري سان جيئندو پيا. اهو تصور بعد ۾ وجوديت (existentialism) ۾ “اخلاقي خودذميواري” جو بنياد بڻيو، جيئن سارتر چيو ته ”انسان پنهنجن عملن لاءِ مڪمل ذميوار آهي.“

نٽشي ۽ جديد فڪر تي اثر

نٽشي جو اثر بيحد وسيع ۽ گهرو آهي. سندس فڪر نه رڳو فلسفي، پر ادب، نفسيات، فن ۽ سياست تي به گهرو نشان ڇڏي ويو.

1. وجوديت (Existentialism)

نٽشي کي وجوديت جو اڳواڻ چيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ هن پاڻ کي وجوديت سان نه ڳنڍيو ھو. سارتر، هائيڊگر، ڪاميُو ۽ ياسپرز سڀ نٽشي جي فڪر کان  متاثر ٿيا هئا. وجوديت ۾ “خدا جي موت”، “قدرن جي تخليق” ۽ “انساني آزادي” جا تصور نٽشي جي فلسفي مان ئي ورتل آهن.

هائيڊگر چيو ته نٽشي “پراڻي مابعدالطبیعات جو آخري ۽ نئين سوچ جو پهريون مفڪر آهي.“ سگمنڊ فرائيڊ (Freud) ۽ ڪارل ينگ (Jung) ٻئي نٽشي جي نفسياتي تجزين مان گهڻو متاثر ٿيا. نٽشي “لاشعور” ۽ “جذباتي ارادي” جي ڳالهه ان وقت ڪئي، جڏهن نفسيات اڃا سائنس نه بڻي هئي.

يونگ جي “انفراديت” (individuation) جو تصور ۽ فرائيڊ جي “اراداتي قوتن” جي ڳالهه نٽشي جي “Will to Power” سان گهرو سلھاڙيل آهن.

نٽشيءَ جي جمالياتي فڪر، خاص طور تي The Birth of Tragedy، جديد آرٽ، شاعري ۽ موسيقيءَ جي تصور کي نئون رخ ڏنو.

T. S. Eliot، Rainer Maria Rilke، Thomas Mann، ۽ Hermann Hesse جهڙا اديب نٽشيءَ جي فڪر مان متاثر ٿيا.

خاص طور تي “سپر مين” جو تصور يورپي ناول ۽ ڊرامي ۾ هڪ علامتي ڪردار بڻجي ويو.

نٽشي کان پوءِ فلسفي جو رخ مابعدالطبیعاتي حقيقتن کان موڙي انساني وجود، تاريخ ۽ تشريح (interpretation) ڏانهن ويو.

هائيڊگر، ڊيلوز، فوكو ۽ ڊريدا سڀني فلسفين نٽشي کي نئين فڪر جو محرڪ تسليم ڪيو. فوڪو جو “علم ۽ طاقت” جو تجزيو ۽ ڊريدا جي “Deconstruction” جو فڪري بنياد نٽشي جي “قيمتن جي تنقيد” ۾ سمايل آهي.

نٽشي جي فڪر کي غلط طور تي ڪڏهن ڪڏهن فاشزم يا نازيت سان ڳنڍيو ويو، پر حقيقت ۾ نٽشي سياسي نظريو پيش نه ڪيو ھو.

نازي خيال “سپر مين” کي نسلي برتريءَ سان ڳنڍي غلط استعمال ڪيو ھو، جڏهن ته نٽشي جو “سپر مين” اخلاقي ۽ تخليقي آزاديءَ جي علامت هو، نڪي نسلي طاقت جو.

نٽشيءَ جي ڀيڻ Elisabeth Förster-Nietzsche سندس لکڻين کي نازي تحريڪ جي حق ۾ مسخ ڪيو، جنهن سبب سندس فڪر تي ڪنهن وقت تائين غلط فهمي ڇانئجي وئي.

نٽشي لاءِ انسان جو وجود “مڪمل ٿيل” نه، پر “جاري” آهي. يعني انسان اڃا مڪمل ناهي، پر هڪ امڪان (potential) آهي.

سپر مين جي تصور ذريعي نٽشي ٻڌايو ته انسان کي پاڻ کان مٿي اُڀرڻو آهي — پنهنجي محدوديتن، خوف ۽ سماجي قدرن کي ٽوڙي نئين معنيٰ ڀري وجود ڏانهن وڌڻو آهي.

نتيجو

ان سموري بحث جي تناظر ۾ اھو نتيجو نڪري ٿو ته نٽشي جو  نئين سماج ۽ مڪمل انسان وارو خواب پورو نه ٿي سگهيو.

سندس فڪر بورجوائي سماج ۽ استحصالي قوتن کي وڌيڪ ھٿي وٺرائي جنهن جا نھايت اُگرا نتيجا نڪتا، مثال: نازي جرمني ۾ ھٽلر جو اقتدار ۾ اچڻ، نازي ڪئمپن ۾ يھودين جو قتل عام ۽ پاڻ کي نٽشي جو اعليٰ انسان (سپر مين) سمجهي طاقت جو غلط استعمال ڪرڻ.

نٽشي جي لکڻين کي پڙھندي ان جو منفي اثر وٺندي سنڌ ۾ نوجوانن مسئلن کي منھن ڏيڻ بدران فراريت جو رستو اختيار ڪندي  خودڪشين ڏانهن لاڙو رکڻ.

نٽشي جون لکڻيون جتي ناڪاره قدرن کان انڪار، مئل سماج کي جيئارڻ لاءِ جتن  ۽ مذهب جي قيد کان آزاد ٿيڻ جي بغاوت آهي، اتي اُھي استحصالي قوت جي ڏاڍ جون حمايتي آهن.

__________________  

Naveed-Sandeelo-Sindh-Courier-150x150-1

شاعر، ليکڪ ۽ نقاد نويد سنديلو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي فلسفي واري شعبي ۾ ليڪچرار آھي. ھُو فلسفي جي موضوع تي پنج ڪتابن جو ليکڪ آھي ۽ ھن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فلسفي واري شعبي مان پي ايڇ ڊي ڪري رھيو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button