ھڪ نئين روايت جو بنياد: سنڌي سئڻن لاءِ ٿورا مڃڻ جو ڏينهن
ڀوپال ۾ سنڌ جي ساھتي گھراڻي 12 فبروري 2026 تي نئين روايت جو آغاز ڪيو.
سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن اهڙو ضرور هجي، جنهن ڏينهن پوري سڪ محبت، عزت ۽ شڪرگذاريءَ سان نُنھن جي ماءُ-پيءُ جو احترام ڪيو وڃي. ان لاءِ نُنھن جي جنم-تاريخ کي بنياد بڻائي سگهجي ٿو.
ناري لڇواڻي، ڀوپال انڊيا
اسان جي خاندان ۾ ڪيترن ئي سالن کان هيءَ روايت هلندي اچي ٿي ته سال ۾ هڪ مقرر ڏينهن خاندان جي ڌيءَ، ڀيڻ ۽ نُنھن جي عزت ۽ احترام (سنمان) ڪيو وڃي ٿو. ايئن ڪرڻ سان دل کي خاص روحاني خوشي ۽ سڪون حاصل ٿئي ٿو. ڪاش ! هر خاندان ۾ اهڙي روايت هجي. جيڪڏهن هيءَ ڳالھ اوهان کي سٺي لڳي ته ضرور ان کي اختيار ڪريو .
اڄ انھيءَ ئي جذبي کان متاثر ٿي دل ۾ هڪ ٻيو خيال به آيو—

جڏهن ڪنهن خاندان ۾ ڌيءَ جنم وٺي ٿي تـ کيس پيار، محبت ۽ لاڏ ڪوڏ سان پاليو وڃي ٿو. کيس پڙهايو، لکايو، سمجهايو ۽ سيکاريو وڃي ٿو. ماءُ-پيءُ کيس لائق ۽ قابل بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. ان کان پوءِ، جيترو جلد ٿي سگهي، سندس شاديءَ جون تياريون شروع ڪيون وڃن ٿيون.
ڪيتري نہ عجيب ڳالھ آهي تـ جڏهن ڌيءَ پڙهي-لکي هر لحاظ کان زندگي گذارڻ جي لائق بڻجي ٿي، تڏهن ماءُ-پيءُ سندس قابليت مان پاڻ فائدو وٺڻ جي ڪا بـ اميد نٿا رکن، پر پنهنجي دل جو ٽڪرو پاڻ کان جدا ڪري ڪنهن اڻڄاتل شخص ۽ اڻڄاتل خاندان جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا . ماءُ-پيءُ جو هي عظيم تياڳ سڀني قربانين کان نرالو ۽ لاجواب آهي .. ڇا ڪنهن ڪڏهن انھن جي ان انوکي تياڳ جي احساس کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟

شاديءَ کان پوءِ ڌيءَ جي عقل، علم، سمجھ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو سمورو فائدو سندس ساھرن کي ئي ملي ٿو . هاڻي اهو ئي سندس گهر ۽ ڪٽنب هوندو آهي . پنهنجي گهر-گهرستي کي سنوارڻ، خوشحال ۽ خوش رکڻ هر نيڪ نيت ۽ شالين نُنھن جو فرض آهي .
اهڙي هر وفادار ۽ سٻاجھي نُنھن جي ماءُ-پيءُ لاءِ ساھري ڌر کي شڪرگذار ۽ ٿورائتو هئڻ گهرجي.
هوءَ پنهنجا سڀ رشتا-ناتا، پياريون ساھيڙيون ۽ سڀ پيارا مٽ مائٽ ڇڏي نئين گهر ۾ اچي ٿي ۽ پوري دل ۽ جان سان ان کي وسائي ۽ سنواري ٿي.. اھا سندس مائٽن طرفان سندس ساھرن لاءِ هڪ اڻمول تحفو آهي .
ان ڪري اهو ضروري ٿو لڳي ته سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن اهڙو ضرور هجي، جنهن ڏينهن پوري سڪ محبت، عزت ۽ شڪرگذاريءَ سان نُنھن جي ماءُ-پيءُ جو احترام ( سنمان) ڪيو وڃي. ان لاءِ نُنھن جي جنم-تاريخ کي بنياد بڻائي سگهجي ٿو.
اسان اھا روايت اڄ 12 فيبروري 2026 کان شروع ڪري رهيا آهيون .
______________

ناري لڇواڻي ناميارو شاعر، ڪلاڪار ۽ سينئر براڊڪاسٽر آھي. سندس وڏڙن جو تعلق سنڌ جي ساھتي پرڳڻي سان آھي. ناري لڇواڻي ھِردارام نگر ۾ رھي ٿو



