Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

چونڊن ۾ قومپرستن جي ناڪاميءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جو لکيل خط

اسان 19 مئي 1988 تي سنڌ قومي اتحاد جو بنياد وڌو ھو ته جيئن متحد ٿي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪري سگھون ـ پر لڳي ٿو ته اندروني ڦوٽ ۽ ويڙھه سان گڏ ساٿين جي الڳ ٿي وڃڻ اسان کي ٻوڙي وڌو: جي ايم سيد  

نصير اعجاز

مان سائين جي ايم سيد جو ھڪ خط، جيڪو ھن 7 ڊسمبر 1988 تي لکيو ھو، ڏھن سالن کانپوءِ ٻيھر شائع ڪري رھيو آھيان، ڇو تہ سنڌ جون حالتون اڄ بہ ساڳيون آھن ـ اھو خط انگريزيءَ ۾ ٽائيپ ٿيل آھي ۽ ھيٺ سائين جي ايم سيد جي صحيح ٿيل اٿس ـ سائينءَ اھو خط نومبر 1988 جي عام چونڊن ۾ قومپرستن جي ناڪاميءَ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ دوستن ۽ ھمدردن کي لکيو ھو جنھن ۾ ھن اھم سوال پڇيا ھئا ـ سيد جو اھو خط ۽ پڇيل سوال اڄ به اُھائي حيثيت رکن ٿا ڇوته سنڌ ۽ سنڌين جون حالتون مٽيون ناھن ۽ چونڊن ۾ متبادل قوت طور اُڀرڻ جي ھر ڪوشش ناڪام وئي آھي ـ ھيءُ خط صرف انھيءَ ڪري پيش ڪري رھيو آھيان ته جيئن قومپرست قوتون ھڪ ڀيرو وري سائين جي ايم سيد جيان پنھنجي غلطين تي نئين سر غور ويچار ڪن ـ خط جو متن ترجمو ڪري ھيٺ پيش ڪريان ٿو ـ

پيارا نصير اعجاز

جيتوڻيڪ 10 ۽ 16 نومبر 1988 تي ٿيل عام چونڊن جا نتيجا مايوس ۽ بي ھمت ڪندڙ آھن، پر تڏھن به قومپرست قوتن کي پنھنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ جاري رکڻ کپي ۽ حوصلا وڃائڻ نه گھرجن ـ مونکي پڪ آھي ته اسان جي ٻين دوستن وانگر توھان به پنھنجي عوام جي ڇوٽڪاري واري عظيم مقصد ۾ پُختو يقين رکو ٿا ـ انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته پھرين رائونڊ ۾ اسان ھارائي چُڪا آھيون پر اڃان آزمائشون اچڻيون آھن ۽ اسان کي پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ تائين جدوجھد لازمي طور جاري رکڻي آھي ـ

اسان 19 مئي 1988 تي سنڌ قومي اتحاد جو بنياد وڌو ھو ته جيئن متحد ٿي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪري سگھون ـ پر لڳي ٿو ته اندروني ڦوٽ ۽ ويڙھه سان گڏ ساٿين جي الڳ ٿي وڃڻ اسان کي ٻوڙي وڌو ـ ڪجھه افسوسناڪ ۽ بيرحميءَ وارن واقعن به اتحاد تي اثر وڌو ـ ان کي اڻڳڻت اندروني توڙي بيروني رنڊڪون درپيش آيون ـ اتحاد کي اھڙا ڪٺور واقعا درپيش آيا ۽ اھڙن عنصرن کي منھن ڏيڻو پيو، جو ان جي ڪاميابيءَ جا امڪان بنھه گھٽ پئي ڏسڻ ۾ آيا ـ پر مان پُر اُميد آھيان ته اتحاد موجوده سياسي ڌڪ پچائي ويندو ۽ پنھنجي مانائتي مقصد جي حاصلات لاءِ وکون کڻندو رھندو ـ بھرحال ان لاءِ اسان کي پنھنجون ڪوششون وڌائڻيون پونديون ته جيئن اتحاد کي سگھارو ڪري سگھجي ۽ ان جي مقصدن ۾ پنھنجو ايمان پُختو ڪري سگھجي ـ ساڳئي وقت اسان کي سنجيدگيءَ سان اتحاد جي خراب ڪارڪردگي ۽ ان جي ناڪاميءَ جي ڪارڻن جو تجزيو ڪرڻ گھرجي ـ

سنڌ قومي اتحاد جي چيئرمن جي حيثيت ۾ مان پنھنجو فرض سمجھان ٿو ته انھيءَ مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪريان ـ مان ھن خط سان گڏ اوھان ڏانھن ڪجھه سوال موڪليان ٿو جن جي جوابن جي روشنيءَ ۾ اسان گڏجي تجزياتي راءِ جوڙي ڪي تجويزون تيار ڪري سگھون ٿا ته جيئن ڪو تدارڪ ڪري سگھجي ـ

مان اُميد رکان ٿو ته توھان ان مسئلي تي سنجيدگيءَ سان سوچيندو ۽ اسان کي پنھنجن خيالن کان آگاھه ڪندو ـ مان ساڳئي قسم جا خط ٻين سمورن سينئر ۽ تجربيڪار دوستن کي به موڪلي رھيو آھيان ـ مونکي پڪ آھي ته اوھان مسئلي جي گنڀيرتا ۽ ھنن ڪوششڻ جي اھميت کي محسوس ڪندا ـ

اوھان جو مخلص

صحيح

جي ايم سيد

چيئرمن، سنڌ قومي اتحاد

(نوٽ : اوھان جون تجويزون لکت ۾ ھجڻ گھرجن)

خط جي ٻئي صفحي تي ھيٺيان سوال لکيل ھئا:

1 _ توھان جي خيال ۾ نومبر 1988 وارين چونڊن ۾ قومپرست قوتن جي مڪمل ناڪاميءَ جا ڪھڙا ڪارڻ آھن ؟ 

2 _ ڇا انھن ڪارڻن کان پاسو ڪري بچاءُ ڪري سگھجي پيو يا انھن کي گھٽائي سگھجي پيو ؟ جيڪڏھن ھا، ته پوءِ ٻڌايو ته اسان ڪٿي ۽ ڪھڙيون غلطيون ڪيون، ۽ انھن کان ڪيئن پاسو ڪري سگھجي پيو ـ

3 _ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مھاجر قومي موومينٽ جي ڪاميابيءَ جا ڪھڙا ڪارڻ ھئا ؟

4 _ سنڌ قومي اتحاد وٽ ھيٺين ڳالھين مان ڪھڙين جي کوٽ ھئي :

الف _ تنظيم ـ ب _ مناسب وقت ـ ت _ صحيح رُخ ـ ث _ پڪو فيصلو ـ ج _ فيلڊ ورڪ ـ ح _ فنڊ ـ د _ پروگرام ۽ منشور ـ ذ _ چونڊ مھم صحيح نموني ھلائڻ ـ

5 _ ڇا قومپرست قوتن جي ناڪاميءَ لاءِ پنھنجي انفرادي ۽ خانگي مفادن واسطي ذاتي سياست ڪرڻ کي ذميوار قرار ڏئي سگھجي ٿو ؟

6 _ توھان ھيٺين مان ڪھڙن اُپائن جي تجويز ڏيندو :

الف _ سنڌ قومي اتحاد جي ٻيھر تنظيم ۽ اُن کي سگھارو ڪرڻ ۽ ب _ اُن کي اتحاد مان مٽائي قومپرست سياسي پارٽيءَ جي شڪل ڏيڻ ـ

توھان ان کانسواءِ به ٻي ڪا تجويز ۽ خيال پيش ڪري سگھو ٿا ـ

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button