Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ڪڪر ڦاٽڻ  سبب تباهي جا دل ڏاريندڙ منظر

جيڪڏهن اڳواٽ خبرداريءَ وارو نظام بهتر ڪيو وڃي ۽ ٻوڏ کان بچاءَ جا ڊگهي مدي وارا منصوبا تيار ڪيا وڃن، ته ايندڙ سالن ۾ اهڙن انساني ۽ مالي نقصانن کي گهٽائي سگهجي ٿو.

مُشتاق ٽانوري

پاڪستان ۾ هن سال جي سخت سانوڻيءَ جي برساتن ۽ اوچتن ڪڪر ڦاٽڻ  سبب تباهيءَ جو سلسلو جاري آهي. 15 آگسٽ کان پوءِ ملڪ ۽ پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ آيل برساتي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن ۾ فوتين جو انگ وڌي 360 تائين پهچي ويو آهي. رڳو  پاڪستان جي اترين علائقن ۾  ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن. سڀ کان وڌيڪ متاثر خيبر پختونخوا جو ضلعي بونير آهي، جتي ٻن ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 207 ماڻهو مارجي ويا آهن. ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ ڪيترائي خاندان ملبن هيٺان دٻجي ويا آهن. مقامي اختيارين وڌيڪ ٻوڏ ۽ ممڪن لينڊ سلائيڊنگ بابت خبردار ڪيو آهي.

ڪڪر ڦاٽڻ (Cloudburst) ڇا آهي؟

ڪڪر ڦاٽڻ هڪ غيرمعمولي ۽ اوچتي مينهن جو شديد وسڪارو آهي، جنهن ۾ تمام ٿوري وقت ۾ انتهائي گهڻو پاڻي زمين تي پوي ٿو. عام طور تي جيڪڏهن 20–30 ڪلوميٽر تائين جي ننڍي ايراضيءَ ۾  100 ملي ميٽر کان وڌيڪ مينهن في ڪلاڪ ۾ وسي، ان کي ڪڪر ڦاٽڻ سڏيو ويندو آهي. اهو واقعو عام وسڪاري کان بلڪل مختلف ۽ خطرناڪ هوندو آهي. ڪڪر ڦاٽڻ جو سڌو تعلق ماحولياتي ۽ جاگرافيائي حالتن سان هوندو آهي.  جڏهن ڪڪرن ۾ گرم ۽ نمي ڀريل هوا ڀرجي وڃي ٿي ۽ اها گرم هوا مٿي وڃي ٿڌي ٿئي ٿي، ته پاڻيءَ جي ٻاڦ تيزيءَ سان گھاٽا ڪڪر ٺاهي ٿي. ڪڪرن ۾   پاڻي تمام گهڻو گڏ ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن اهڙا گھاٽا ڪڪر جبلن يا ٿڌي هوائن سان ٽڪرائجن ٿا، ته سڄو گڏيل پاڻي اوچتو زمين تي وسي پوي ٿو. اهو عمل اوچتو ٿيندو آهي. ڪڪر ڦاٽڻ هڪ قدرتي آفت آهي، جيڪا اوچتو ۽ انتهائي شدت سان ٿئي ٿي. ان جا نتيجا گهڻو ڪري ٻوڏ، انساني جاني ۽ مالي نقصان جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن. خاص طور جبلن ۽ اوچين علائقن ۾ ان جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو

بونير ۾ هڪ ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو ٿيو، جنهن ۾ 15 آگسٽ جي صبح جو صرف هڪ ڪلاڪ اندر 150 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئي. ماهرن موجب اهڙا واقعا عام طور جبلن ۾ ٿيندا آهن ۽ ننڍڙن علائقن ۾ وڏي تباهي آڻيندا آهن. هڪ اسڪول استاد عزيز احمد جو چوڻ ھو ته طوفاني برسات ۽ گجگوڙ ايتري تيز هئي جو لڳو ڄڻ ته دنيا جو خاتمو اچي ويو آهي. ڳولا ۽ ريسڪيو ٽيمون انهن علائقن ۾ مصروف آهن جتي ڳوٺ وهندڙ پاڻي ۽ پٿرن هيٺ دفن ٿي ويا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجن پيارن جي ڳولا ۾ اڃا به بي يارو مددگار بيٺل آهن.

چوماسي مينهن جي شدت ۽ نقصان

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ موجب، جُون جي آخر کان وٺي هلندڙ برساتن ۾ سڄي ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 650 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ لڳ ڀڳ 1,000 زخمي ٿيا آهن. چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر مَلڪ جو چوڻ آهي ته هن سال جي سانوڻيءَ جي برساتن  جي شدت گذريل سال کان 50–60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رڳو خيبر پختونخوا ۾ 425 موت رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 164 ماڻهو فوت ٿيا. اڌ کان وڌيڪ موت ٻوڏ سبب ٿيا، جڏهن ته ٽيون حصو گهرن جي ڊهڻ سبب ٿيا. مجموعي طور تي 2,700 کان وڌيڪ گهر تباهه يا سخت متاثر ٿيا آهن.

امدادي آپريشن ۽ حڪومت جا قدم

پاڪ فوج ۽ رينجرز متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري رکيا آهن. بونير، شانگلا، ۽ دير ۾ هوائي امداد پهچائي پئي وڃي، جتي گهڻا رستا ۽ پليون وهي ويا آهن. فوج جي مطابق، هيل تائين هزارين ماڻهن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ايمرجنسي فنڊ جاري ڪرڻ ۽ متاثر علائقن لاءِ عارضي پناهه گاهن قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صحت کاتي موبائل ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن زخمين جو علاج ممڪن بڻجي سگهي.

عالمي برادري جو ردعمل

اقوام متحده پاڪستان لاءِ هنگامي امداد جو اعلان ڪيو آهي ۽ کاڌ خوراڪ، خيما ۽ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٽيمون روانو ڪيون ويون آهن. ان سان گڏ عالمي امدادي ادارا، جهڙوڪ ريڊ ڪراس ۽ ڊاڪٽرز وِد آئوٽ بارڊرز، پڻ متاثر علائقن ۾ سرگرم ٿي ويا آهن. چين، ترڪي ۽ گڏيل عرب امارات به پاڪستان لاءِ امدادي پيڪيج موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ورلڊ فوڊ پروگرام پاران متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي فراهمي تي ڪم هلي رهيو آهي.

رهواسين جون شڪايتون

بونير ۾ متاثر رهواسين الزام ھنيو آهي ته اختيارين کين اڳواٽ خبردار نه ڪيو. مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن تان به ڪو الرٽ جاري نه ٿيو. حڪومت وضاحت ڪئي ته اوچتو ۽ شديد برسات سبب وقت تي اطلاع ڏيڻ ممڪن نه هو.

قدرتي آفتن ۾ وڌيڪ خطري هيٺ ملڪ

پاڪستان عالمي سطح تي گرِين هائوس گيس جي اخراج جو صرف 1 سيڪڙو کان به گهٽ جو ذميوار آهي، پر اهو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطري وارن ملڪن مان هڪ آهي. ملڪ اڳ ۾ به بدترين ٻوڏن جو شڪار ٿي چڪو آهي، جيئن 2022 ۾ آيل تباهي جنهن ۾ 1,700 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 40 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو هو.

ماهرن موجب، جيڪڏهن اڳواٽ خبرداريءَ وارو نظام بهتر ڪيو وڃي ۽ ٻوڏ کان بچاءَ جا ڊگهي مدي وارا منصوبا تيار ڪيا وڃن، ته ايندڙ سالن ۾ اهڙن انساني ۽ مالي نقصانن کي گهٽائي سگهجي ٿو.

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button