Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

زندگي ھڪ سفر آھي ۽ هر وِک تي سکيا جا نوان سبق ملن ٿا

زندگيءَ جي ڪهاڻي، هڪ درياهه وانگر آهي جيڪو هر موڙ تي پنهنجو رخ بدلائي ٿو. جيڪڏهن زندگيءَ کي هڪ ڪهاڻي سمجهون ته ان جا باب مختلف آهن ، ٻالڪپڻ، جواني، وچولي عمر ۽ پِيري  

زندگيءَ جو حُسن اهو ئي آهي ته هر ڏاڪَو نئون سبق ڏئي ٿو. جيڪڏهن اسان انهن سبقن مان سکون ته زندگي نه رڳو اسان لاء پر ايندڙ نسلن لاءِ به آسان بڻجي سگهي ٿي

عبدالله عثمان مورائي

زندگي هڪ اهڙو سفر آهي جيڪو ڄمڻ کان وٺي آخري ساهه تائين جاري رهي ٿو. هن سفر جا مختلف ڏاڪَا ۽ مرحلا آهن ۽ هر مرحلو پنهنجو هڪ نئون روپ، نئون رنگ ۽ نئون سبق کڻي اچي ٿو. جيڪا شيءِ ننڍپڻ ۾ اهميت رکي ٿي اها جوانيءَ ۾ گهٽجي وڃي ٿي ۽ جيڪي خواب جوانيءَ ۾ دل کي موهيندا هجن اهي وچولي عمر ۾ ذميوارين جي بوج هيٺ دٻجي ويندا آهن ۽ جيڪي شِيون شايد پوڙهائپ ۾ دل کي سڪون ڏينديون اهي جوانيءَ ۾ شايد ڪڏهن اهم ئي نه لڳنديون هجن.

جيڪڏهن زندگيءَ کي هڪ ڪهاڻي سمجهون ته ان جا باب مختلف آهن ، ٻالڪپڻ، جواني، وچولي عمر ۽ پوڙهائپ. هيءَ حقيقت ئي زندگيءَ جي خوبصورتي آهي ته هر مرحلي ۾ اهميت بدلجي ٿي پر سکيا جا سلسلا ختم ناهن ٿيندا.

ٻالڪپڻ (ننڍپڻ جو دور)

چوندا آهن ته ٻالڪپڻ جي ڇاپ سڄي عمر جي ڇاپ هوندي آهي. هن عمر ۾ ٻار جو دماغ اڻ لکيل ڪاغذ وانگر هوندو آهي، جنهن تي ماحول ۽ تربيت پنهنجا نقش ڇڏين ٿا. ننڍپڻ ۾ زندگيءَ جي سڀ کان وڏي اهميت ماءُ پيءُ جي پيار، محبت، توجهه ۽ سنڀال جي هوندي آهي. ٻار لاءِ کير، کاڌ خوراڪ کائڻ جا مزا ، راندين جا رانديڪا ۽ ماءُ پيءُ جو آغوش ۽ انهن جي ڀرپاسي ۾ گذاريل وقت دنيا جو سڀ کان وڏو خزانو ۽ وڏي دولت آهي. انهيءَ عمر ۾ سکيا جو پهريون بنياد پئي ٿو. ڳالهائڻ، لکڻ پڙهڻ ۽ دنيا کي ڏسڻ ۽ ان مان سکڻ. هتي ٻار کي پيار ۽ تربيت ٻنهي جي ضرورت هوندي آهي ڇو ته اها ئي شيءَ سندس شخصيت کي مضبوط بنياد ڏئي ٿي. جيڪڏهن هن مرحلي ۾ ٻار کي جيڪي محبت، اخلاقي تربيت ۽ علم جا بنياد ملن ٿا اهي ٻار جي سڄي زندگيءَ ۾ سندس شخصيت جو حصو ٿي وڃن ٿا.

دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيل ساجد ننڍپڻ ۾ هڪ سادي گهر ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. سندس ماءُ هن کي هر وقت پڙهائيءَ لاءِ همٿائيندي هئي. باوجود ان جي ته ڳوٺ ۾ اسڪول جون سهولتون گهٽ هيون پر ماءُ جي توجهه ۽ پيء جي محنت کيس تعليم ڏانهن مائل ڪيو. ساجد جو ننڍپڻ رانديڪن سان گڏوگڏ ڪتابن ۾ پڻ گذريو. توڙي جو ساجد هاڻي انجينيئر آهي پر ڪتاب پڙهڻ جو شوق اڄ به کيس آهي.

جواني (تعليم ۽ خوابن جو دور)

جواني زندگيءَ جو سڀ کان روشن پر سڀ کان خطري وارو دور به آهي. جوانيءَ ۾ اهميت جا رنگ بدلجي وڃن ٿا. هن مرحلي ۾ انسان پنهنجا خواب ڏسي ٿو ۽ انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. جواني ۾ تعليم، مقصد، خواب ۽ دوستيون وڏي اهميت رکندا آهن. جوان ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ چاهي ٿو، مستقبل جا رستا ڳولهي ٿو. هن دور ۾ محنت، ڪوشش، سکڻ ۽ سيکارڻ ئي زندگيءَ جو مرڪز بڻجي وڃن ٿا. ڪيترن لاءِ ڪيريئر ۽ نوڪريءَ جا خواب ته ڪن لاءِ محبت ۽ لاڳاپا وڏي معنيٰ رکندا آهن.

جوانيءَ ۾ خواهشون به گهڻيون هونديون آهن ۽ توانائي به بيحد هوندي آهي. پر ساڳئي وقت غلطيون به ٿي سگهن ٿيون ڇو ته جذبات عقل تي حاوي ٿين ٿا. جيڪڏهن هن مرحلي ۾ تعليم ۽ محنت کي اهميت ڏني وڃي ته زندگي ڪامياب ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ڪير بي مقصد خواهشن ۾ گم ٿي وڃي ته مستقبل مشڪل ٿي سگهي ٿو.

سچ ته جواني انسان لاءِ هڪ “امتحان” آهي  جتي صبر، محنت ۽ فيصلن تي ئي سڄي زندگيءَ جو دارومدار هوندو آهي.

حيدرآباد جي رهواسڻ زرينا، هڪ استاد جي ڌيءَ آهي. جوانيءَ ۾ جڏهن هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته سندس خواب هو ته ڊاڪٽر بڻجي. پر مالي حالتون اهڙيون نه هيون جو هوءَ خانگي ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهي. زرينا پنهنجي خواب کي نه وساريو ۽ وظيفي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پڙهندي رهي ۽ محنت، جستجو ۽ ڪوشش ڪندي رهي.

سندس محنت رنگ لاتو. هوء ميرپورخاص مان وظيفي تي ڊاڪٽر بڻجي وئي ۽ هاڻي ڳوٺن ۾ عورتن لاءِ مفت ڪئمپ هلائي ٿي. هوءَ چوندي آهي ته “جوانيءَ ۾ خواب ڏسڻ ضروري آهن پر ان کان به وڌيڪ ضروري آهي ته انهن خوابن لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي.”

وچولي عمر: ذميوارين جو بوج ۽ زندگيءَ جو استحڪام

وچولي عمر ۾ زندگي جي ترجيحن جو مرڪز بدلجي وڃي ٿو. هي دور اڪثر ماڻهن لاءِ سخت محنت، قرباني ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿڪاوٽ سان ڀريل هوندو آهي. جڏهن انسان وچولي عمر ۾ داخل ٿئي ٿو تڏهن سڀ کان وڏي اهميت ذميوارين،ڪيريئر جواستحڪام ۽ خاندان جي هوندي آهي. شادي، ٻارن جي تعليم ۽ پرورش، روزگار، گهر جي خرچن ۽ سماجي حيثيت کي سنڀالڻ انسان جي لاءِ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري ٿو. هن مرحلي ۾ محبت صرف جذباتي نه پر عملي به ٿي وڃي ٿي جتي ماڻهو پنهنجن لاءِ  پنهنجا خواب پوئتي رکي انهن لاءِ قربانيون ڏئي ٿو ۽ انهن جي سک لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ٿو. وچولي عمر ۾ اهميت رڳو دولت گڏ ڪرڻ ۾ ناهي پر اهو سوچڻ ۾ آهي ته ڪهڙي ورثي کي ايندڙ نسل لاءِ ڇڏي وڃبو يا رڳو مال ۽ ملڪيت؟ يا محبت، عزت ۽ اخلاقي قدر؟

نوابشاهه ضلعي جو علي شير َ جيڪو هڪ سرڪاري ملازم آهي. جڏهن هن شادي ڪئي ته سندس مٿان گهر جون وڏيون ذميواريون اچي ويون. هڪ پٽ ۽ ٻن ڌيئرن جي تعليم، گهر جو خرچ، ماءُ پيءُ جي دوا ۽ پنهنجي نوڪريءَ جا مسئلا ـسڀ گڏ ٿي ويا.

علي شير پاڻ ڪيترائي خواب ڏٺا هئا جن ۾ پرڏيهي پڙهائي، وڏو گهر ۽ ڪار پر اهي سڀ خواب هن پنهنجي ٻارن لاءِ قربان ڪيا. هو چوندو آهي ته “منهنجي لاءِ هاڻي خوشي اها آهي ته منهنجو پٽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي ۽ منهنجي ڌيئرن اعزاز سان سٺين مارڪن سان ميٽرڪ پاس ڪئي آهي.”

وچولي عمر جي اها ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته زندگيءَ جي هن ڏاڪَي تي سڀ کان وڏي اهميت ذميوارين جي پوري ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل لاءِ قرباني ڏيڻ ۾ آهي.

پوڙهائپ يا پِيري (تجربن ۽ يادگيرين جو دور)

بزرگ ماڻهن جي مطابق ته جيئن جيئن انسان پوڙهائپ ڏانهن وڌي ٿوتيئن تيئن هو گذريل زندگيءَ تي نظر وجهي ٿو، ڪاميابين تي فخر ڪري ٿو ۽ غلطيَن تي سوچي ٿو. هن مرحلي ۾ دنياوي خواهشن بدران سڪون، صحت ۽ روحانيت جي اهميت وڌي وڃي ٿي. هاڻي دوستن جون محفلون ۽ وڏن جي ساٿ ۾ گذاريل گهڙيون دل کي آرام ڏين ٿيون. پوڙهائپ ۾ ماڻهو پنهنجي گذريل زندگيءَ کي ڏسي يادون ۽ تجربا ورجائي ٿو ۽ ايندڙ نسل کي نصيحتون ڏئي ٿو. هن دور ۾ اولاد جو ساٿ، عزت ۽ پيار سڀ کان وڏي دولت بڻجي وڃي ٿو.

پوڙهائپ ۾ انسان کي سکڻ جي هڪ نئين سچائي ملي ٿي ته زندگيءَ ۾ سڀ کان وڏو خزانو نه مال آهي، نه شهرت، پر محبت، عزت ۽ سڪون آهي.

سکر جو هڪ ريٽائرڊ استاد سائين محمد بخش جيڪو هاڻي ستر ورهين جي عمر ۾ آهي. سڄي زندگي تعليم ڏني، ڪيترن ئي شاگردن کي وڏيون منزلون ڏنيون. هاڻي جڏهن هو گهر ۾ ويهي ويو آهي ته سندس لاءِ سڀ کان وڏي خوشي اها آهي ته سندس شاگرد کيس ياد ڪن ٿا ۽ وقت بوقت ملڻ اچن ٿا.

محمد بخش چوندو آهي ته “پوڙهائپ ۾ ماڻهوءَ کي پئسا نه پر عزت ۽ ساٿ کپي. جڏهن ڪو پراڻو شاگرد اچي ڪري چوي ته ’استاد سائين، توهان منهنجي زندگي بدلائي ته پوء ئي تڏهن دل کي سڪون ملندو آهي.”

اهو مثال سيکاري ٿو ته پوڙهائپ ۾ سڀ کان وڏي اهميت عزت، پيار ۽ سڪون جي هوندي آهي.

زندگيءَ جو سبق ۽ پيغام

زندگيءَ جا مختلف مرحلا اسان کي اهو سيکارين ٿا ته هر عمر جي پنهنجي خوبصورتي ۽ پنهنجو سبق آهي. ان لاء وقت جي اهميت کي سمجهو ۽ هر ڏاڪَي کي ان جي ضرورت مطابق ڀريو. ننڍپڻ ۾ راندين ۽ محبت جو مزو، جوانيءَ ۾ محنت ۽ خوابن جي جستجو، وچولي عمر ۾ ذميوارين جي سنڀال ۽ پوڙهائپ ۾ سڪون ۽ روحانيت، اهي سڀ هڪ ئي سفر جا مختلف رنگ آهن. جيڪڏهن انسان هر مرحلي ۾ موجود شين جي اهميت کي سمجهي جيئڻ سکي ته زندگي صرف گذرڻ وارو سفر نه رهندي پر وڌيڪ خوبصورت، بامقصد ۽ ڀرپور تجربو بڻجي ويندي.

هن ڪالم جو حاصل مقصد ته زندگيءَ جي ڪهاڻي، هڪ درياهه وانگر آهي جيڪو هر موڙ تي پنهنجو رخ بدلائي ٿو. ننڍپڻ ۾ اها ڌارا معصوميت ۽ سکيا جي صورت ۾ وهندي آهي، جوانيءَ ۾ خواهشن جي تڪڙ سان، وچولي عمر ۾ ذميوارين جي بوج سان ۽ پوڙهائپ ۾ سڪون ۽ خاموشيءَ سان. زندگيءَ جي اهميت ڪنهن هڪ مرحلي ۾ نه آهي، پر ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان هر مرحلي جي ضرورت کي وقت تي سمجهون. ننڍپڻ ۾ سکيا، جوانيءَ ۾ محنت، وچولي عمر ۾ ذميواري ۽ پوڙهائپ ۾ سڪون، هي سڀ گڏجي هڪ مڪمل زندگي ٺاهين ٿا.

زندگيءَ جو حسن اهو ئي آهي ته هر ڏاڪَو نئون سبق ڏئي ٿو ۽ بنيادي ڳالھ ھيءَ آهي ته سمجهجي ته ڪهڙي شيءِ ان وقت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. جيڪڏهن اسان انهن سبقن مان سکون ته زندگي نه رڳو اسان لاء پر ايندڙ نسلن لاءِ به آسان بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته وقت جي سمجهه ئي زندگيءَ جي سمجهه آهي.

_______________

عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ ناميارو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button