Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڪراچيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڊپلوميٽڪ بازار لڳائي وئي، سنڌي برياني ۽ انبن جا اسٽال

وڏي وزير مراد علي شاھ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچيءَ ۾ فارن افيئرز لائزن آفيس جي ميزبانيءَ ھيٺ ڪوٺايل پهرين ڊپلوميٽڪ بازار جو افتتاح ڪيو

ڪراچي، سنڌ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينھن اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ فارن افيئرز لائزن آفيس جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل پهرين ڊپلوميٽڪ بازار (Diplomatic Bazaar) جو افتتاح ڪيو۔

وڏي وزير تقريب کي ثقافت، تخليق، تعاون ۽ حقيقي سفارتڪاريءَ جو خوبصورت ميل قرار ڏيندي چيو ته هيءَ تقريب دوستي ۽ انسانيت جي علامت آهي۔ وڏي وزير ڪراچي فارن افيئرز لائزن آفيس جي ڊي جي عرفان سومرو جي ساراهه ڪندي چيو ته بشڪيڪ ۾ فسادن دوران پاڪستاني شاگردن جي واپسي ۽ ايران ۾ زائرين جي بس حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائين ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي۔

هن سنڌ جي تاريخي سفارتي خدمتن جو ذڪر ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ موجوده سيڪريٽري خارجا آمنه بلوچ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ مراد علي شاهه مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو جتي سنڌي برياني، انب، ٽيڪسٽائل شيون ۽ نوجوانن جي تخليقي ڪم جي نمائش ڪئي وئي۔

وڏي وزير چيو ته اهي سڀ شيون محنتي عوام ۽ ثقافت جي سچي عڪاسي ڪن ٿيون۔ هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو سامونڊي سفارتي گاديءَ جو هنڌ آهي جتي اسلام آباد کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ قانصل خانا موجود آهن۔

وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته هي ڊپلوميٽڪ بازار هر سال لڳندي جنهن سان ثقافتي مٽاسٽا، امن ۽ عالمي دوستي کي هٿي ملندي خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن جي ڀاڱيداري سان۔

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ به هن تقريب کي دوستي ۽ ثقافت جي ذريعي حقيقي سفارتڪاري جو مظاهرو قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي واپار ۽ ثقافت جو شهر آهي۔

ڊي جي ليزن آفيس عرفان سومرو مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته نوجوانن ۽ عورتن جي شرڪت پاڪستان جي مستقبل جي بين الاقوامي سڃاڻپ جي عڪاسي ڪري ٿي۔ هن چيو ته پاڪستان سفارتي، فوجي ۽ معاشي اعتبار سان هڪ ڀرپور اعتماد ۽ تخليقي قوم طور اڀري رهيو آهي۔

تقريب ۾ مختلف ملڪن جي کاڌي جا اسٽال لڳايا ويا جتي وڏي وزير کاڌا چکيا ۽ ذائقي جي تعريف ڪئي ۽ ٻين مهمانن سان گڏجي ڊپلوميٽڪ بازار جو افتتاحي ڪيڪ ڪٽي تقريب کي يادگار بڻايو۔

هن تقريب ۾ صوبائي وزيرن، سفارتڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ٻين معزز مهمانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي مهمان نوازي، اتحاد ۽ امن جي پيغام کي ساراهيو۔ (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button