سنڌي ٻوليءَ تي مختلف ٻولين جا اثر: ڀٽائيءَ جي راڳن جا نالا ھنديءَ ۾ آھن
ھنديءَ جا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ شامل آهن. شاھ ۽ سچل جي ڪلام ۾ به بي شمار لفظ شامل آهن.ڀٽائي جي راڳن جا نالا به ھنديءَ ۾ آھن. رشتن ، ناتن ،سماجي اٿڻ ويھڻ ۾ به ھندي ٻولي جو اثر واضح آهي، راجڪمار
اردو ٻوليءَ ۾ سنڌي لفظن جو ذخيرو موجود آهي پر رابطي ۽ معيشت جي ٻوليءَ سبب اُردوءَ جو مٿس اثر پيو، اردو اسڪالر پروفيسر شاهد ڪمال
ٻولين ھڪ ٻئي کي لفظ ڏنا آھن ۽ انھن جو ھڪ ٻئي تي اثر رھيو آھي. زنده ٻوليون ئي ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ ضم ڪنديون ۽ ڏينديونرھنديون آهن، ڊاڪٽر عبالغفار سومرو
حيدرآباد، سنڌ
ٻوليءَ ماهرن، محققن ۽ عالمن چيو آهي تہ ” دنيا جون ٻوليون هڪٻئي جو اثر وٺنديون ۽ زنده ٻوليون ئي ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ ضم ڪنديون ۽ ڏينديونرھنديون آهن. علمي، معاشي، ثقافتي طور تي مضبوط ۽ حڪمران طبقي جون ٻوليون ٻين ٻولين تي گهرو اثر ڇڏينديون آهن. ” اهڙو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇنڇر ڏينھن ” سنڌي ٻوليءَ تي مختلف ٻولين جا اثر ” جي عنوان هيٺ گهرايل ڪانفرنس ۾ مختلف عالمن ۽ اسڪالرن خطاب ڪندي ڪيو .
ڪانفرنس جي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري چيو ته ٻولين ھڪ ٻئي کي لفظ ڏنا آھن ۽ انھن جو ھڪ ٻئي تي اثر رھيو آھي، سنڌي ٻوليءَ جو عربي ۽ فارسي سان تعلق ھڪ ھزار سال کان وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ انگريزين جي حڪومت ۾ 1853۾ سنڌي جي موجوده معياري صورتخطي ٺھي. ان کان اڳ فارسي رائج ھئي، ايتري قدر جو ڏکين سنڌي لفظن جي معني به فارسيءَ ۾ ڏسڻي پوندي ھئي. ھن چيو ته هاڻ سنڌي پنھنجي مستقل مزاج واري زبان آھي ۽ ڪنهن ٻوليءَ جي لفظن کي کڻي ٿي ته اھا پنهنجن شرطن تي کڻي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته انگريزن جي اقتدار کان اڳ فارسي هتي جي تدريسي زبان هئي. ايتري قدر جو عربيءَ جي سکيا به فارسي ۾ ڏني ويندي هئي جنهن ڪري پهرين فارسي پڙهڻي پوندي هئي. ان ڪري ان جو سنڌي تي گهرو اثر رهيو آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري چيو ته انگريزي ٻولي هتي جي حڪمرانن جي ٻولي رهي آهي ان ڪري هتي جي سمورين ٻولين تي ان جا اثر آهن، سنڌي ۾ به ان جا ڪافي اثر موجود آهن، انگريزي جا ڪافي لفظ اسان جي ٻولي ۾ ضم ٿي ويا آهن، هن وقت انگريزي رابطي ۽ علم جي عالمي ٻولي آهي ان ڪري نفسياتي طور تي به انگريزي جو اثر حاوي آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم آزاد سميجي چيو ته فارسي ۽ سنڌ جا انتظامي لاڳاپا رھيا آھن.آريا سنڌ جا رھاڪو ھئا پوءِ دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويا، وري ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا، سندن سفر سان گڏ فارسي ٻين تائين پھتي سنڌ انتظامي طور فارسي سان ڳنڍيل رھي آھي. ان ڪري فارسي جا پھاڪا ، محاورا اثر انداز رھيا.

آرڪيالجسٽ عزيز ڪنگراڻي چيو ته سنڌي ٻوليءَ نھايت قديم ٻولي آھي، سنڌي ٻولي دراوڙي ٻولي جي لِڇ رکي ٿي،ان ڪري دراوڙي ٻولي جا لفظ گھڻي تعداد ۾ موجود آهن.
استاد راجڪمار سنڌي تي ھندي جو اثر تي ڳالھائيندي چيو ته ھندي پاڙيسري ٻولي آھي ۽ ڪاروبار ۽ ادب جي ذريعي ٻولي وڌي آهي، ھندي جا ڪيترائي لفظ سنڌي ۾ شامل آهن. شاھ ۽ سچل جي ڪلام ۾ به بي شمار لفظ شامل آهن.ڀٽائي جي راڳن جا نالا به ھنديءَ ۾ آھن. رشتن ، ناتن ،سماجي اٿڻ ويھڻ ۾ به ھندي ٻولي جو اثر واضح آهي .
اردو اسڪالر پروفيسر شاهد ڪمال سنڌيءَ تي اردو جو اثر تي ڳالھائيندي چيو ته اردو ۾ سنڌي لفظن جو ذخيرو موجود آهي. معيشت ۽ رابطي جي ٻولي هئڻ ڪري اردو ٻوليءَ سنڌي تي اثر وڌو. مرزا قليچ بيگ شاعري ۽ نثر اردو ۾ لکيو ۽ ٻين سنڌي شاعرن به اردوءَ ۾ ڪافي لکيو آهي.

قائد اعظم يونيورسٽي جي پروفيسر منظور ويسريي چيو ته پنھنجي مزاج مطابق ٻوليون متاثر ٿين ۽ متاثر ڪن ٿيون سنڌي ۽ اردو پاڪستان جون ٻوليون آهن. قدامت جي لحاظ کان اردو سنڌي کان ننڍي ٻولي آھي پر ھزارين سالن جي تاريخ رکندي به اردو جو سنڌي تي اثر پيو. ورھاڱي کان پوءِ سنڌ جي گھڻن شھرن جي ٻولي اردو ٻولي بنجي وئي ۽ اتي سنڌي ٻولي گهٽ ٿي وئي
عربي ۽ سنڌي جي اسڪالر ڊاڪٽر محمد ادريس سومري چيو ته عام راءِ اها آهي ته سنڌي ۽ عربي جو ڳانڍاپو محمد بن قاسم جي ڪري ٿيو. پر تحقيق ۾ اهو چٽو آهي ته سنڌي جو عربي سان تعلق پاڻ سڳورن جي وقت کان وٺي آھي، ان وقت ۾ پنج صحابہ سنڌ ۾ اسلام جي دعوت کڻي آيا اهي هتي ماڻهن سان مليا ۽ پوءِ انهن مان ٻہ اصحابه هتان جي عالمن کي اتي وٺي ويا، تحقيقي ڪتابن ۾ واضح آهي ته عربي ۽ سنڌي جا لاڳاپا تمام پراڻا آهن.
استاد عبدالرحمن جسڪاڻي چيو تہ عربي الھامي زبان آھي. ۽ قديم ٻولي آھي. قرآن پاڪ جي نزول کان پوءِ عربي ٻولي جي اھميت وڌي وئي جاھلت جي زماني ۾ به ٻولي جي اھميت ھئي، سنڌي ٻوليءَ تي عربي ٻولي جو صديون اڳ اثر رھيو آھي.
اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاھاڻي چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج جو ڪم اداري جو بنيادي ڪم آھي، هن چيو تہ عالمن، ماھرن ۽ محققن سروي ۾ دنيا جي ٻولين جي جيڪا درجابندي ڪئي آهي، اھا حوصلا افزائي واري ناھي ڇو تہ 100 ٻولين مان 70 نمبر تي آهي ۽ سنڌي ٻولي اردو، گجراتي کان پوئتي آهي، جيڪا ڳڻتيءَ جوڳي ڳالھ آھي. (پريس رليز)
___________________



