ڏاھپ: انسان جو لڳاتار هلندڙ فڪري سفر
انسان جي ذاتي تجربن سان، ڏاھپ تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن انسان پنهنجن تجربن تي غور ڪري، تجزئين جو تت ڪڍي ۽ پاڻ کي خود تنقيديء واري عمل مان گذاري ٿو. بلڪل ايئن ئي ڏاھپ رڳو گهڻو علم پرائڻ جو نالو ناهي، پر ان جو مطلب آهي، عقل، تجربي، احساس ۽ اخلاق کي گڏائي، صحيح وقت تي درست فيصلي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ. جيئن انسان صدين جا سفر ڪندو موجوده دور تائين پھتو آھي ۽ اڃان به اڳتي وڌندو ويندو، تيئن ڏاھپ به ان سان ساڻ ساڻ ھوندي. البت انسان جتي ختم ٿيو، ڏاھپ جو به ان وقت انت ممڪن ھوندو ڇو ته، ڏاھپ انسانن جي گڏيل ميراث آھي.

حميد منگي
سمجھ جو مطلب، رڳو ڄاڻ حاصل ڪرڻ نه پر شين جي سڃاڻپ ڪري، کين درست طريقي سان استعمال ڪرڻ به آهي. ھن وقت تائين انسان ڄاڻ جا جيڪي به ذريعا ھٿ ڪيا آهن، انھن ۾ استاد، ڪتاب، علم، ادب، سائنس، فن، تاريخ ۽ انجا پنھنجا ذاتي تجربا شامل آهن. جن ۾ اڳتي ھلي ڪجھه ٻيا ذريعا به شامل ٿي سگھن ٿا. ڪو وقت ھئو، جڏھن انسان کي استاد، ڪتاب يا سائنس جھڙا ذريعا به ميسر نه ھئا، جيڪي وقت سان گڏ آھستي آھستي ان جي زندگيءَ ۾ ايئن شامل ٿيندا ويا، جيئن ھاڻوڪي دور ۾ ھٿراڌو ڏاھپ شامل ٿي رھي آھي. اھڙيءَ طرح اشارا ٻڌائين ٿا ته، ايندڙ دور م ڪجهه ٻيون شيون به انھن ذريعن ۾ شامل ٿي، انسان جي ڏاھپ ۾ واڌارا ڪري سگھن ٿيون. ھتي ھيءَ ڳالھ به ذھن ۾ رکڻ گھرجي، ڪو ماڻهو ڀلي ته ڪيترو به پڙهيل ڇو نه هجي، ڪڏھن ڪڏھن ان کان به غلط يا اڻ وڻندڙ فيصلا ٿي سگهن ٿا.
حاصل ڪيل علم، عقل ۽ تجربن کي ڪٿي ڪٿي ڪتب آڻجي، استعمال ڪيئن ڪجي ۽ انجا نتيجا ڪھڙا نڪرندا؟ اھڙي ڄاڻ اچڻ کان پوءِ سمجھ وڏي طاقت بڻجي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ علمي شعور سمجھ کي طاقت ڏئي ٿو، عقل انسان کي سوچڻ، دليل ڏيڻ، وٺڻ، ڪنھن ڳالھ جا سبب جاچڻ ۽ نتيجا سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سمجھ توڙي ڏاھپ انسان ۾ عقل سان گڏ اخلاقي ذميواري به شامل ڪري ٿي. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن وٽ علم يا ڄاڻ هجي، جنهن سان هو ٻين کي فائدا يا نقصان پهچائڻ چاھي، ته عقل ٻڌائي ٿو اهو ڪم ڪيئن ٿيندو. سمجھ سوچڻ سيکاري ٿي ته، اهو ڪم ڪرڻ گهرجي به يا نه. ٻيو ته هر علم، عقل ۽ تجربو ماڻھوء ۾ ڏاھپ پيدا نه ٿو ڪري، جڏھن ته ساڳي غلطي بار بار ورجائڻ سان عمر وڌي سگهي ٿي، پر سمجھ نٿي وڌي ۽ پڻ ڊگھي عمر به ڏاھپ جي ضمانت ناهي ھوندي.
انسان جي ذاتي تجربن سان، ڏاھپ تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن انسان پنهنجن تجربن تي غور ڪري، تجزئين جو تت ڪڍي ۽ پاڻ کي خود تنقيديء واري عمل مان گذاري ٿو. بلڪل ايئن ئي ڏاھپ رڳو گهڻو علم پرائڻ جو نالو ناهي، پر ان جو مطلب آهي، عقل، تجربي، احساس ۽ اخلاق کي گڏائي، صحيح وقت تي درست فيصلي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ. ڏاھپ جو تعلق شين ۽ ڳالھين کي چڱيءَ طرح سمجھڻ سان آهي يعني سمجھ اھا چئبي جيڪا شين جي ظاهري صورت کان اڳڀرو اصل سببن جي نتيجن تائين پھچائي. مثال طور علم ٻڌائي ٿو باهه ساڙي ٿي، عقل صلاح ڏئي ٿو، باهه کان مناسب فاصلو رکجي، تجربو ڳالهه کي وڌيڪ پڪو ۽ پختو ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح سمجھ سيکاري ٿي ته باهه کي ڪڏهن، ڪهڙي مقصد لاءِ ۽ ڪيئن احتياط سان استعمال ۾ آڻجي. تڏهن ئي چئي سگهبو ته، علم ڄاڻ ڏئي ٿو، عقل انھيءَ ڄاڻ جي پرک ڪري ٿو، تجربو ڪجهه نئون سيکاري ٿو ۽ ڏاھپ انهن سڀني ذريعن جي مدد سان زندگيءَ کي درست رخ ڏانھن وٺي وڃي ٿي.
ڏاھپ لفظ جي گھرائي ماپينداسين ته، پاڻ کي ڄاڻ ملندي اھا رڳو منطقي سوچ ناهي، ڪنھن خاص موقعي يا حادثي مھل ڏاهپ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته، ٻئي انسان کي ڇا محسوس ٿي رهيو آهي يا ھو ڪھڙي ڪرب مان گذري رھيو آھي. ڪنهن غريب کي رڳو اهو چئجي ته، “محنت ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.” اھو جملو شايد انھيء غريب جي ذھن کي متاثر نه ڪري. سمجھ انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ۽ ان جي مسئلن جا سماجي، سياسي يا معاشي سبب ڪهڙا آهن؟ ان ڏس ۾ ڪم ڪري ٿي. ڏاھپ ۾ همدردي ۽ انساني احساس به وڏي اهميت رکندا آهن. ڏاھپ جو بنيادي دليل ھي به آهي، ته انسان هر ڳالهه کي رڳو انڪري قبول نه ٿو ڪري جو، ماڻھن جي گهڻائي مٿس ھروڀرو زور وجهي ٿي يا ڪو وڏي عھدي وارو ائين چوڻ تي مجبور ڪري ٿو يا پراڻي دئور کان ائين ٿيندو پيو اچي وارو راڳ ورجائبو رھي ٿو يا سندس پنهنجي ڪٽنب توڙي گروهه جو پراڻو عقيدو يا فائدو اٿس.
ڏاھپ پڇندي آھي، ڳالھين جا دليل ۽ ثبوت ڪھڙا آهن؟ انھن جا ڪي ٻيا امڪان به آهن يا نه؟ ڏاھپ جو مطلب، ھر ڳالهه يا شئي تي شڪ ڪرڻ به ناهي ھوندو، بلڪي ثبوتن جي بنياد تي راءِ ٺاهڻ ۽ ضرورت پوڻ تي راءِ کي تبديل ڪرڻ آهي. ڇو ته وڏي ۾ وڏو ڏاهو به غلطيءَ کان خالي ناهي هوندو. ھا البت اڻڄاڻ ۽ ڄاڻ واري ۾ فرق اهو ضرور ھوندو آهي ته، ھو پنهنجين غلطين کي مڃين ٿا يا نه. اڻڄاڻ ماڻهو ته چئي سگهي ٿو “مان غلط ٿي ئي نٿو سگهان.” پر ان جي مقابلي ۾ ڏاھپ مڃيندي آھي ته “اھو ممڪن آھي، مان غلط به هجان” پر دليل يا ثبوت ته ڏيو. انھيءَ حوالي سان سقراط جو اهم خيال اهو رهيو ته، انسان کي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جو به شعور هجڻ گهرجي. يعني ھو دنيا آڏو قبول ڪري ته مان عقل ڪل ناهيان، جيڪڏھن مان سير آھيان ته، ٻيو سوا سير به ٿي سگھي ٿو.
ان مٿين جملي کي، ڏاهپ جو بنيادي دروازو سمجهي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جي ابتڙ جيڪو ماڻهو اھو سمجهي ٿو، کيس سڀ خبر آهي، اهو نئين علم لاءِ پنهنجي ذهن جي دري ڄڻ ته پاڻ ئي بند ڪري ٿو. ٻيو ته هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ به ڏاھپ ناهي ھوندي، ڇو ته ڪٿي ڳالهائڻ ضروري ھجي ٿو، ڪڏهن سوال ڪرڻ اھم ھوندو آھي، ڪنهن موقعي تي اختلاف رکڻ، ڪڏهن چپ رھڻ ۽ ڇڱي وقت جو انتظار ڪرڻ به ضروري ھجي ٿو. اھو ان ڪري ته ڏاھپ انسان کي وقت، موقعي ۽ صورتحال مطابق عمل ڪرڻ، وقتي خاموشي اختيار ڪرڻ يا ردعمل ظاھر ڪرڻ به سيکاري ٿي. ڪنھن سماج ۾ جيڪڏهن علم تمام گهڻو ۽ سمجھ نه هجڻ برابر آھي ته، اتي علم، عقل ۽ تجربي جو غلط استعمال به ٿي سگهي ٿو. مثال طور سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وڌيڪ ترقي ڪري سگهن ٿا پر جيڪڏهن انهن سانگڏ امن، انصاف، انساني حق، ذميواري ۽ شعور موجود ناھن، ته ترقين بجاء نقصان به ٿي سگهن ٿا.
جديد دنيا لاءِ رڳو علم، عقل، ادب، سائنس ۽ تجربن جي ترقي ضروري ناهي، پر ڏاھپ جي ترقي به ضروري هجي ٿي. سمجھ کان خالي ذھن گھڻو ڪري پنھنجن حقن کي، جڏھن ته ڏاھپ پنھنجي جائز حقن سان گڏ مخالف ڌر جي حقن کي به ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سک، امن ۽ شانتيءَ بابت به ڏاهپ جو موقف، ٻين جي ڀيٽ ۾ مختلف ھوندو آهي. بھرحال ڏاھپ کي سائنسي سڌ ٻڌ سان هيٺينء ريت چڱيءَ طرح سمجهي سگهجي ٿو. علم، عقل، تجربي، دليل، احساس، اخلاق ۽ تنقيد کي گڏائي ڪتب آڻبو ته اھا ڏاھپ ٿي پوندي. اهم ڳالهه هيء به آهي ته ڏاھپ اها صلاحيت آهي، جنهن سان انسان رڳو اهو نه ڄاڻي ته ڪير درست آهي، اهو به سمجهي ته درست ڳالهه يا اصول کي ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان عمل ھيٺ آڻجي. ھن فڪر ۾ احساسن، علم، عقل، فنن ۽ تجربن کي گڏائڻ سان، مضبوط سبق ترتيب ڏئي سگهجن ٿا.
ڏاهپ، ڪڏھن به مخصوص شعبي يا ڪنھن خاص ماڻھوءَ جي ملڪيت توڙي ميراث ناھي رھي، ان کي ڪي به سياڻا ماڻھو يا ڪنھن به شعبي جا ماھر استعمال ڪري سگھن ٿا. پاڻ ھتي انجا مختلف قسم بيان ڪيون ٿا. ڏاھپ علم رياضيءَ جي ڪنھن فارمولي جيان ناھي، نه ئي سيڌي سامان جي چيري (فھرست) وانگر آھي. پر اھا دنيا جي مختلف فلسفن، فنن، سوچن، ڪمن، وچورن، ڪاروبارن، نفسياتن ۽ روايتن ۾ انھن جي ورهاست ھڪ ٻئي کان مختلف ملندي. پاڻ ان کي هيٺين ٽن قسمن مان سمجهي سگهون ٿا. پھرين عملي ڏاھپ ٻي اخلاقي ڏاھپ ۽ ٽئين فڪري ڏاهپ جيڪي ڏاھپ جا بنياد به آھن. ڏاھپ جا اهي ٽئي پاسا، ڪٿي ھڪ ٻئي کان الڳ ته، ڪٿي گڏيل آهن. حقيقي ڏاهپ تڏهن مڪمل ٿئي ٿي، جڏهن سوچ، اخلاق ۽ عمل پاڻ ۾ ڳنڍيل هجن ٿا.
سڀ کان پھريان پاڻ، عملي ڏاهپ تي بحث ڪنداسين. جنھن کي روزاني جي زندگيءَ ۾ درست فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت چئبو آھي. مثال طور ڪنهن به مسئلي تي جذباتي ٿيڻ بدران، حالتن کي سمجهي انجو مناسب رستو ڳولي لھڻ آھي. هيءَ ڏاهپ ٻڌائي ٿي ته هاڻي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ عملي ڏاهپ اها انساني صلاحيت آهي، جنهن سان انسان وقت حالتن، وسيلن ۽ نتيجن کي ڏسي مناسب فيصلو ڪندي ڪا عملي صورت ڏئي ٿو. مثال طور ٻن ماڻهن وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا ھجن، انھيءَ موقعي تي صرف اهو چوڻ ته، جهيڙو خراب عمل آهي، اھو جملو ڌرين کي مطمئن ڪرڻ لاء ڪافي نه ھوندو. عملي ڏاهپ تي عمل ڪرڻ وارو اڳ ۾ سوچيندو ته، اصل مسئلو ڇاهي، ٻنهي ڌرين ۾ ڪھڙي ڳالهه تي ڇڪتاڻ وڌي يا اڃا وڌيڪ ڪٿي دنگ ڪندي ۽ ان مامري تي هن وقت ڳالهائڻ مناسب آهي به يا ڪجهه وقت چپ رهي انتظار ڪجي يا اھڙو ڪهڙو رستو اختيار ڪجي، جنھن سان مسئلو وڌڻ بدران نبيرجي وڃي.
مطلب ته، عملي ڏاهپ جو پھريون سوال اھو ھوندو آھي، موجوده صورتحال ۾ بهتر رويو ڪهڙو هئڻ کپي، يعني ڏاهپ لاء پنھنجا توڙي پرايا ڪارائتا تجربا، وقت جي سڃاڻپ، حالتن جو جائزو وٺڻ، نتيجن جا اندازا ڪڍي فيصلو ڪرڻ اهم ھوندو آهي. پوءِ به اڪثر جاين تي ان جي هوشياري ڪافي ناهي ھوندي، ڇو ته ڪئي ماڻهو فنڪاريون ڪري پنهنجا فائدا حاصل ڪري وٺندا آھن. جيڪڏهن اهي چالاڪيون ڪندي ٻين سان ناانصافيون ڪن ٿا ته، ان کي ڏاهپ نٿو چئي سگهجي. جڏھن ڪنھن جاء تي اھڙي صورت حال جڙي ٿي ته، اتي وري اخلاقي ڏاهپ جو استعمال ڪرڻ ضروري ٿي وڃي ٿو.
ھاڻي جڏھن پاڻ کي اخلاقي ڏاهپ تي بحث ڪرڻ جي ضرورت پئي آھي ته، اسان کي اها ڳالھه به سمجھڻي پوندي، جيئن اهو فرق ڪري سگهون ته ان ۾ ڇا ڇا ڪرڻ جي طاقت آھي يا ڇا نه ڪرڻ مناسب رھندو، ڇو ته اھي ٻه مختلف عمل آهن. مثلاً ڪنهن ماڻهوء وٽ ٻي کي نقصان پهچائڻ جو موقعو هجي. عملي ڏاھپ يا هوشياري کيس اهو سيکاري سگهي ٿي ته، مخالف کي نقصان ڪيئن پهچائجي پر اتي جيڪڏھن اخلاقي ڏاهپ ھوندي ته، اھا ھڪ سوال ضرور ڪندي “ڇا مون کي ايئن ڪرڻ گهرجي” ڇو ته اخلاقي ڏاهپ جا وري پنھنجا اصول ھوندا آهن. مثال طور انصاف، سچائي، ذميواري، عزت، ھمدردي، ٻين جي حقن جو احترام ۽ پنهنجن عملن جي نتيجن جي ذميواري به قبول ڪرڻ.
هتي پاڻ موضوع کي واضع ڪرڻ لاء اخلاقي ڏاهپ جي اصولن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين مثال، جيڪو ڪم مان پنهنجي لاءِ پسند ڪيان ٿو، اهو ئي معيار ٻين لاءِ به رکڻ گهرجي. ٻيو ته عملي ڏاھپ کان پوءِ اخلاقي ڏاهپ جو ڪردار تمام وڏو آهي، ڇاڪاڻ ته امن رڳو جھيڙو نه ٿيڻ جو نالو ناهي پر عزت، انصاف ۽ ٻين جي حقن جو احترام به ان جا اھم بنياد آهن. ھتي اھو به واضعح ڪندا ھلون ته، مختلف معاشرن ۾ ڪي ماڻھو اھڙا به ھوندا آھن، جيڪي نڪ جا پڪا ھوندا آھن، اھي ڪنھن به اخلاقي قدر کي ناھن مڃيندا، اھڙن ماڻھن سان نبرڻ لاء فڪري ڏاھپ جي به ضرورت پوندي آھي، جيئن سندن جي غلط عملن جو جواب دليلن سان ڏئي سگھجي. ان ڪري پاڻ ٿورڙو بحث فڪري ڏاھپ بابت به ڪيون ٿا.
فڪري ڏاهپ، ڪنهن به ڳالهه کي بنا سوچ ۽ ويچار جي قبول ڪرڻ بدران سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ ۽ مختلف ماڻھن جي نقطه نظر کي پرکڻ ضروري سمجھندي آھي. فڪري ڏاهپ خاص ڪري تعصب، غلط فهمين ۽ خوش فهمين کان بچڻ ۾ مدد ڪري ٿي. فڪري ڏاهپ ۾ مختلف انساني سوچن، سوالن جي جوابن، دليلن جي سڃاڻپ ڪرڻ، حقيقتن کي سمجهڻ جي صلاحيت ھوندي آهي. فڪري ڏاهپ جو ھر ڄاڻو، هر ڳالهه کي رڳو انڪري درست نٿو سمجهي ته، اها پراڻي روايت آهي، ماڻهن جي گھڻائي به ائين چوي ٿي يا اها سندن جي پسنديده راءِ آهي. اھا ڏاھپ پڇي ٿي ان جو ثبوت يا سبب ڇاهن ۽ ان جو ٻيو پاسو ڪهڙو آهي. جڏھن ته فڪري ڏاهپ جو اهم عمل پنهنجي سوچ کي واضع ڪرڻ به ھوندو آهي. يعني فڪري ڏاھو رڳو مخالفن جون غلطيون ناهي ڏسندو، پر پنهنجي راءِ، مفروضن ۽ تعصبن کي به پرکيندو آھي.
اھڙيءَ طرح ڏاھپ جا ڪجهه ٻيا به قسم ٿين ٿا، جنھن ۾ سماجي، جذباتي، فني، تجرباتي، سائنسي ۽ فلسفياتي ڏاھپون وغيرہ وغيرہ به پنھنجا محدود اثر رکن ۽ ڇڏن ٿيون. دل ته چوي ٿي انھن تي به ڄاڻ مطابق تفصيل سان لکجي ۽ ان موضوع سان گھرو لاڳاپو رکندڙ ھٿراڌو ڏاھپ کي به ھن موضوع ۾ شامل ڪجي پر پوء اھڙو مضمون، ڪتابي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو. بھرحال انهن سڀني ڏاھپن جو مقصد هڪڙو ئي آهي. انسان کي بهتر نموني سمجهڻ، فيصلو ڪرڻ، عمل لائق بڻائڻ ۽ عقل، علم، احساس توڙي دليلن کي هڪ ئي سلسلي ۾ جوڙي رکڻ سان تمام مضبوط تصور ٺهي سگهي ٿو.
ھتي ھڪ سوال اھو به اٿي ٿو، ڇا ڏاهپ جا به ڪي اصول ٿين ٿا ته، ذھن جواب ڏيندو، بلڪل ٿيندا آھن. ڇو ته بنا اصول جي ڪا به شئي پرفيڪٽ نه ٿي سگھندي آهي. ھيٺ ان جا ڪي ضروري ۽ اهم اصول بيان ڪجن ٿا، هڪ ته حقيقت کي قبول ڪرڻ، ٻيو ته ڪوبه ماڻھو عقل ڪل ناهي، ٽيون جتي ذھن اٽڪي بيھي رھي، اتي سوال ضرور ڪرڻ ڇو ته ڏاهپ سوالن کان ناھي ڊڄندي ۽ سٺا سوال سٺن جوابن کان وڌيڪ اهم هوندا آهن. اهڙا سوال اصل ۾ تحقيقن جا دروازا کوليندا آهن. ڏاهپ جو چوٿون اصول اهو آهي ته، انسان حقيقت کي پنهنجين خواهشن مطابق نه، پر جيئن اها آهي تيئن ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. صرف روايتن، افواهن، شهرتن يا گهڻن ماڻهن جي راين تي يقين ڪرڻ بدران ثبوت ۽ منطق کي ڏسي.
پنجين اصول تحت پنهنجي ڄاڻ کي سڃاڻڻ به ڏاهپ جي وڏي نشاني آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي اڻڄاڻائيءَ کي مڃي ٿو، ان جو ذھن سکڻ لاءِ کليل رهي ٿو. ڇھون دليلن ۽ ثبوتن کي اهميت ڏيڻ، ڏاھو رڳو پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ يا ٻڌائڻ ناھي چاهيندو پر هو پنھنجي مخالف جي راءِ کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ستون مختلف نقطن ۽ نظرين کي چڱيءَ طرح سان ٻڌڻ، ڇو ته ڪابه ڳالھه رڳو ڄاڻڻ ڪافي ناهي ھوندي، ڏاهپ تڏهن ظاهر ٿيندي آھي جڏهن علم صحيح وقت ۽ درست طريقي سان استعمال ٿئي ٿو. اٺين اصول ۾ علم کي عمل سان ڳنڍي قدم کڻڻ يا پنھنجن توڙي پراين تجربن جي نتيجن تي غور ڪرڻ ۽ ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ اھو سوچڻ ته ان جو اڳتي هلي ڪهڙو نتيجو نڪري سگهي ٿو.
ڏاھپ جو نائون اصول آھي، جذباتن، جذبن ۽ احساسن کي ضروري سمجهڻ پر، انهن جو ھرگز به غلام نه ٿيڻ، يعني ڪاوڙ، خوشي، ڊپ يا ڏک فطري احساس آهن، انھيء ڪري ڪنھن به احساسي حالت ۾ فيصلا گھٽ ۾ گھٽ ڪرڻ. ڏھين اصول مطابق اخلاق کي علم کان جدا نه ڪرڻ، ڇو ته ھر ڏاهو غلطيء کان بچڻ جي ڪوششون ڪري ٿو ۽ غلطي ٿي وڃي ته لڪائڻ بدران ان مان سبق وٺي ٿو. جيڪڏهن علم طاقت آهي ته اخلاق انھي طاقت جو رخ طئي ڪري ٿو، ڇوته ڏاهپ جو مقصد رڳو طاقتور ٿيڻ نه، پر ذميواريءَ سان طاقت کي استعمال ڪرڻ آهي. يارھون اصول طبيعت ۾ عاجزي رکڻ يعني ڏاهپ جو مطلب ٻين کان مٿانهون ٿيڻ ناهي، حقيقي ڏاهپ انسان کي وڌيڪ عاجز بڻائي ٿي، کيس خبر هوندي آهي ته، علمي، عقلي ۽ تجرباتي دنيا تمام وسيع آهي. ٻارھون اصول انسانيت کي نظر ۾ رکڻ، ڏاهپ جو مقصد رڳو ذاتي فائدو نه هجڻ گهرجي. اهڙي ڏاھپ وڌيڪ قيمتي آهي جيڪا سماج، انصاف ۽ امن لاءِ فائديمند ٿئي. ڏاهپ جو جديد اصول هن ريت به قائم ڪري سگهجي ٿو “پنهنجي حق کي سمجهڻ ڏاهپ آهي ٻئي جي حق کي سمجهڻ ان کان به وڏي ڏاهپ آهي جڏھن ته سڀني جي حقن ۾ انصاف پيدا ڪرڻ اعليٰ ڏاهپ سڏرائيندي.”
ڏاھپ جا گھڻي قدر فائدا ته، پاڻ مٿي ڄاڻائي آيا آھيون، ھتي سوال اھو پيدا به ٿئي ٿو، ڇا ڏاھپ جا ڪي نقصان به ٿين ٿا؟ جيڪڏھن جواب ھا ۾ اچي ته ان تي مناسب بحث ڪرڻ به تمام ضروري آھي، هتي اهم فرق اھو به ٻڌائيندا ھلون، ڏاهپ پاڻ ڪڏھن به نقصاندہ ناهي ھوندي، پر ان جي غلط استعمال سان يا انکي اخلاق کان جدا ڪرڻ سبب نقصان پيدا ٿيندا آهن. جنھن جو ھڪ ثبوت ڏاهپ سان جڏھن غرور پيدا ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو پنهنجي سمجھ کي ٻين کان مٿانهون سمجهڻ لڳندو آھي. جيڪا ڏاهپ تڪبر ۾ تبديل ٿئي ٿي يا عاجزي تان ھٿ کڻي ٿي ته، پاڻ ئي پنهنجي طاقت کي وڃائي ڇڏي ٿي. ڏاهپ انسان کي سوال ڪرڻ سيکاري ٿي، پر جڏهن ماڻھو هر شيءِ تي بنا سبب شڪ ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته، ان جي فيصلي جي صلاحيت به ڪمزور ٿئي ٿي.
ڏاهپ ڪنهن به ڪم يا فيصلي جا ڪئي پاسا جاچي ٿي، ڪڏهن ڪڏھن گهڻي سوچ سبب فيصلو دير سان ڪري ٿي. ان مان اھو نتيجو نڪري ٿو ته، مناسب سوچڻ ڏاهپ آهي، پر هر وقت سوچيندي رهڻ سان ڏاهپ جو توازن برقرار نه ٿو رھي. هڪ ماڻهو جڏهن ذھن کي اخلاق کان خالي ڪري ٿو، پنهنجي سمجھ سان ٻين کي قائل يا متاثر ڪرڻ بدران دوکي لاءِ استعمال ڪري ٿو تڏھن ھو ڄڻ ته ڏاھپ جي رستي تان پاڻ کي ٿيڙي ڇڏي ٿو. ٻيو ته ڏاهپ کي اخلاق جي سخت ضرورت ھوندي آهي، جڏهن ساڳيو ماڻهو پنھنجي ڏاهپ کي اهم سمجهي ويھي ٿو، تڏھن انساني احساس ڪمزور ٿين ٿا ڇو ته، ڏاھپ رڳو علم ۽ عقل ناهي ان سان گڏ احساس، همدردي ۽ تعلق به انساني زندگيءَ جا حصا آهن. ٽئين نمبر تي ڏاھپ سان انسان لاءِ ھيڪلائپ جو خطرو وڌي ٿو، جڏهن ماڻهو هروقت ٻين جي غلطين کي ڏسندو رهي ٿو ۽ پاڻ کي ئي درست سمجهي ٿو، ته هو سماج کان ذهني طور پري ٿي سگهي ٿو.
حقيقي ڏاهپ ٻين کان مٿانهون ٿيڻ بدران ٻين کي سمجهڻ سيکاري ٿي. پراڻي يا مدي خارج ڏاهپ ڪڏهن ڪڏھن نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي، هر پراڻو تجربو لازمي طور درست ناهي ھوندو. ڪنهن به سماج ۾ صدين کان هلندڙ ريتون، رسمون ۽ روايتون غلط ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري ڏاهپ کي ھر نئين دور جي سبقن، ثبوتن، علمن ۽ تجربن سان لڳاتار پرکڻ ضروري ھوندو آهي. ڏاهپ جا نقصان انھيء وقت به وڌن ٿا، جڏهن ڏاهپ کان اخلاق، دليل، احساس ۽ عاجزي الڳ ٿيڻ ٿا ۽ اھا ڏاھپ خطرناڪ سمجھ ۾ تبديل ٿئي ٿي. هيء ڳالهه به اهم آهي ته، انسان کي ايتري ڏاهپ گهربل آهي، جيڪا طاقت کي انساني ڀلائيء لاءِ استعمال ڪرڻ سيکاري.
آخر ۾ ڏاھپ جي حد تي بحث ڪري مضمون کي ختم ڪنداسين. ڪجھ ماڻھن جي خيال ۾ ڏاهپ جي ڪابه حد ناهي ھوندي، اها ڳالهه سمجهڻ به خود ڏاهپ جو حصو آهي. ڪجھ ڏاھا ڏاهپ جي پهرين حد انسان جي علم، سوچ ۽ تجربن تائين محدود رکن ٿا پر، انسان ڪيترو به پڙهي، سوچي توڙي تجربا ڪري، جيڪڏھن اصل سچ يا حقيقت کي نٿو ڄاڻي ته سمجھو ھن جا سمورا علم، عقل ۽ تجربا بيڪار آھن. ڇو ته ڪائنات، زندگي، شعور ۽ مستقبل بابت ڪيترائي سوال حل ٿيڻ جوڳا ناهن ھوندا ۽ جتي به اعتماد لائق ثبوت نه هجن، اتي ڏاهپ جو درست رويو يقيني دعويٰ ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪرڻ ئي بھتر آهي. مثال طور، مستقبل ۾ ڪنهن خاص واقعي بابت انسان اندازو لڳائي سگهي ٿو، پر مڪمل يقين سان هر شيءِ نٿو ٻڌائي سگهي. هڪ ماڻهو زندگيءَ مان جيڪو ڪجھ سکي ٿو، لازمي ناهي ته اھو هر انسان ۽ سماج تي ساڳيءَ طرح لاڳو به ٿئي. انهيءَ ڪري ڪو به علم، عقل ۽ ذاتي تجربو، مڪمل سچ نه آهي.
ڪجھ ڏاھن جي خيال ۾، ڏاهپ انسان کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي ته، فلاڻو ڪم ڪيئن ڪجي، پر هر ناممڪن ڪم تي زور به نه ڏيڻ گهرجي، اصل ۾ اهو خيال اخلاق سان به لاڳاپيل آهي. ڪجھه ماڻھن جي خيال ۾ انسان کي رڳو منطق سان سمجهڻ مشڪل آهي. محبت، نفرت، خوشي، غم، خوف، ڪوڙ، ڪاوڙ، همدردي ۽ اميد جهڙا احساس، انساني زندگيءَ جا اهم حصا آهن. تنهن ڪري ڏاهپ جيڪڏهن احساسن کي رد ڪري ڇڏي ته اها نامڪمل ڏاهپ بڻجي سگهي ٿي. ڪي ماڻھو سمجھڻ ٿا وقت سان ڏاهپ به بدلجي ٿي، اڄ جيڪا ڳالهه بهتر محسوس ٿئي ٿي، نئين علم يا نئين تجربي کان پوءِ انھيء ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. ان ڪري پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻ ڏاهپ جي ڪمزوري نه، پر ان جي طاقت ٿي سگهي ٿي.
ھن سڄي بحث مان ھڪ خوبصورت نتيجو ھيءُ به نڪري ٿو ته، ڏاهپ انساني اڻڄاڻائيءَ کان سفر ڪندي ان جي سڃاڻپ جي شروعات بڻجي ٿي. ڏاھپ جي حد ڪجھه ماڻھن لاءِ حيرت آھي، ڪن لاء اڪيلائپ ۽ چريائپ به ٿي سگھي ٿي پر ڏاھپ جي ويجھڙ ۾ ڪابه آخري منزل نظر نٿي اچي، ھيءُ انسان جو سڄي عمر جو هلندڙ فڪري سفر آهي، جنھن کي ڪوبه ونگ وجھي نٿو سگھي، نه ئي ان جو ڪٿي دنگ آھي. جيئن انسان صدين جا سفر ڪندو موجوده دور تائين پھتو آھي ۽ اڃان به اڳتي وڌندو ويندو، تيئن ڏاھپ به ان سان ساڻ ساڻ ھوندي. البت انسان جتي ختم ٿيو، ڏاھپ جو به ان وقت انت ممڪن ھوندو ڇو ته، ڏاھپ انسانن جي گڏيل ميراث آھي.
____________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين، سنڌ جو سرگرم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.




The best column