ڪوريائي راند ”ھانگُنگ“ کي عالمي سطح تي پکيڙڻ لاءِ رٿا تيار
ھانگُنگ راند کي عالمي سطح تي وڌائڻ لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي ٽن تنظيمن وچ ۾ ٺاھ. ھانگُنگ هڪ تخليقي راند آهي جنهن ۾ جديد آءِ ٽي ڊجيٽل ٽارگيٽس کي ڪوريا جي روايتي راندين ٽوهو (Tuho)، گُڪگنگ (ڪورين تير اندازي) ۽ ٻين سان ملايو ويو آهي،

رپورٽ: سيوڪ-جَي ڪانگ
نائب صدر، ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن
سيئول: ڪوريا ۾ پيدا ٿيندڙ هر هڪ فرد لاءِ موزون ۽ سڀني جي تفريح جو ذريعو بڻجندڙ مشهور راند هانگنگ (Hangung) هاڻي پنهنجي عالمي سفر جي شروعات باضابطه طور تي ڏکڻ ڪوريا جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪري ڇڏي آهي.
ورلڊ هانگنگ ايسوسيئيشن (WHA) اعلان ڪيو آهي ته ان 12 آڪٽوبر تي قومي اسيمبلي ميمبرز هال جي مکيه آڊيٽوريم ۾ٿيل”11هين يونائيٽيڊ ورلڊ ڪورين وومين ڪنوينشن“ دوران، يونائيٽيڊ ورلڊ ڪورين وومين (UWKW) ۽ انٽرنيشنل سينٽر فار ڪورين ڪلچر (ICKC) سان هڪ ٽطرفو معاهدو ڪيو ويو آهي.
هي معاهدو WHA جي صدر هو ڪوانگ (Hu Kwang) ۽ UWKW ۽ ICKC جي سربراهه لي هيو-جنگ (Lee Hyo-jung) جي وچ ۾ ٿيو، جنهن جو مقصد هانگنگ کي عالمي سطح تي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪوريائي برادرين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ آهي.

معاهدجون اهم ڳالھيون ۽ مقصد:
هي معاهدو پرڏيھ ۾ رھندڙ ڪوريائي باشندن جي وچ ۾ ڪي-اسپورٽ (K-Sport) هانگنگ ذريعي ثقافتي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ ٽنهي تنظيمن جي گڏ ترقيءَ لاءِ ڪيو ويو آهي. معاهد تحت هيٺين معاملن تي سهڪار ڪيو ويندو:
هر تنظيم پاران ٿيندڙ تقريبن ۾ هانگنگ جا عملي پروگرام ۽ تعليمي شروعات شامل ڪرڻ.
سڄي دنيا ۾ ڪوريائي تنظيمن ذريعي هانگنگ کي عام ڪرڻ ۽ ان جي پرچار ڪرڻ.
ڏيساور ۾ رھندڙ ڪوريائي باشندن ۽ سندن ايندڙ نسلن لاءِ روايتي ثقافت ۽ هانگنگ جي تجرباتي سرگرمين جي حمايت ڪرڻ.
هانگنگ پروموشن ايڪٽ (Hangung Promotion Act) پاس ڪرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ.
خاص طور تي، UWKW سان سهڪار، جنهن جو بين الاقوامي نيٽ ورڪ تمام وسيع آهي، هانگنگ کي سڀني لاءِ هڪ سڃاتل عالمي راند طور اڳيان آڻڻ ۾ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو.

هانگنگ ٽورنامينٽ ۽ تقريبون:
هن تقريب کان پوءِ مکيه آڊيٽوريم ۾ سيئول هانگنگ ايسوسيئيشن پريزيڊنٽس ڪپ اوورسيز ڪورينز هانگنگ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ هن تقريب کانپوءِ شرڪت ڪندڙ گيونگي صوبي جي شهر يوجو (Yeoju) روانا ٿيا، جتي گڏيل هانگنگ ٽورنامينٽ ۽ تجرباتي پروگرام 14 آڪٽوبر تائين جاري رهيا.
هي ٽورنامينٽ ورلڊ هانگنگ ايسوسيئيشن ۽ سيئول هانگنگ ايسوسيئيشن پاران گڏجي منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته ICKC، UWKW، ڪوريا ڪلچر فائونڊيشن ۽ دمسو هو (Damsuhoe) هن جا اسپانسرز هئا.

ورلڊ ٽريڊيشل ڪلچر فيسٽيول جو قيام:
تقريب دوران ”ورلڊ ٽريڊيشل ڪلچر فيسٽيول“ جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي افتتاح جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جنهن جو نعرو ”ورثي ۾ هم آهنگي، دنيا لاءِ امن“ رکيو ويو آهي.
تياري ڪميٽيءَ جي چيئرمين نم-سُن اِن (Nam-sun In) ۽ ICKC جي صلاحڪار پارڪ يوئي-گيئون (Park Eui-geun) جي افتتاحي تقريرن سان شروع ٿيندڙ هن تقريب ۾ ترقياتي رپورٽون، ويزن جو اعلان ۽ مقرري جا سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا. ICKC جي بورڊ ڊائريڪٽر ۽ ڪوريا هانگنگ ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ سيوڪ-جَي ڪانگ ترقياتي رپورٽ پيش ڪئي. آرگنائيزنگ ڪميٽي جو مقصد آڪٽوبر 2027 ۾ هن فيسٽيول کي ڪاميابيءَ سان شروع ڪرڻ لاءِ تفصيلي ايڪشن پلان تيار ڪرڻ آهي.

ايوارڊ ۽ اعزاز:
ان کان پوءِ منعقد ٿيندڙ ”پنجين ڪوريا گلوبلائيزيشن ڪانٽريبيوشن اينڊ سروس اوارڊز“ جي تقريب ۾، WHA جي صدر ۽ هانگنگ جي باني هو ڪوانگ (Hu Kwang) کي روايتي راندين جي درجي ۾ گرانڊ پرائز سان نوازيو ويو. صدر هو ڪوانگ کي هي اعزاز هانگنگ ايجاد ڪرڻ تي ڏنو ويو، جيڪا هڪ تخليقي راند آهي جنهن ۾ جديد آءِ ٽي ڊجيٽل ٽارگيٽس کي ڪوريا جي روايتي راندين جهڙوڪ ٽوهو (Tuho)، گُڪگنگ (ڪورين تير اندازي) ۽ ٻين سان ملايو ويو آهي، ۽ هن راند کي پوري دنيا ۾ پکيڙي ڪوريا جو نالو مٿاھون ڪيو آهي.
هو ڪوانگ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو: “ڪي-اسپورٽ هانگنگ هڪ اهڙو فخريه ثقافتي اثاثو آهي جنهن مان عمر يا جنس جي فرق کان سواءِ هرڪو لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. هن معاهدي ۽ اوارڊ جي ذريعي اسان اوورسيز ڪورين برادرين سان هٿ ملايون ٿا ته جيئن هانگنگ کي عالمي سطح تي محبوب راند بڻايون ۽ ‘هانگنگ پروموشن ايڪٽ’ جي ذريعي قومي ترقي ۾ حصو وٺون. اسان ‘ورلڊ ڪورين هانگنگ ٽوئر’ کي پڻ ڪاميابي سان هلائڻ جو ارادو رکون ٿا.”
_____________

سيوڪ-جَي ڪانگ ، نائب صدر، ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



