وليرام وَلڀ: سنڌ جو سٻاجھڙو اديب
سائين وليرام ولڀ پنهنجن سوچن ۽ سپنن جي سنڌ ۽ انسانيت جي عظيم آدرشن ۽ اصولن جي لاءِ قلم ۽ ڪاغذ سان يد ڪندي رات جي پوئين پهر ۾ وير گتي پائي ويو. وليرام ولڀ پنهنجي مزاج جو سٻاجهو ۽ ترقي پسند اديب هو، هن تخليق توڙي ترجمي ۾ سدائين ترقي پسند ۽ تخليقي ادب کي ترجيح ڏني.

ڀارومل اَمراڻي
سائين وليرام ولڀ جي وڇوڙي جي خبر ٿر ۾ ان وقت پهتي، جڏهن پرهه جا پکيئڙا اڏامڻ جي لاءِ پر سوريندا آهن. ريگستاني وڻن ۽ ٻوٽن تي ماڪ ڦڙا وسندا آهن.
پئي جا پرڀات، ماڪ م ڀانيو ماڻهئان.
مون کي پياري دليپ ڪوٺاري سڌ ڏيندي چيو ته سائين رات 3 وڳي حيدرآباد جي اسپتال ۾ پراڻ تياڳي ويو آهي. مون کي ياد آيو ته سائين وليرام ولڀ ننڍي کنڊ جي نامور ناول نويس قرت العين حيدر جي هڪ ناول آخري شب ڪي همسفر جو سنڌي ترجمو پوئين پهر جا پانڌيئڙا جي نالي سان ڪيو هو. سائين وليرام ولڀ پنهنجن سوچن ۽ سپنن جي سنڌ ۽ انسانيت جي عظيم آدرشن ۽ اصولن جي لاءِ قلم ۽ ڪاغذ سان يد ڪندي رات جي پوئين پهر ۾ وير گتي پائي ويو.
مٺي تي ماڪون،
تو بن تنهائي جو
چيري ٿو چاقون .
سائين وليرام ولڀ پنهنجي مزاج جو سٻاجهو شخص ۽ اڻ ورچ اديب هو. سنڌي اديبن جي ڪنهن به جهيڙي جهٽي يا لابي وغيره جو ڪڏهن حصو نه ٿيو. سائين ولي رام پوري ايمانداري سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو. مون سائين وليرام جي پورھئي ۽ پنڌ تي پنھنجي ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ ۾ تفصيلي خاڪو لکيو آھي.
2017 ۾ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن جي سلسلي ۾ ووٽ ڏيڻ جي حيدرآباد اچڻ ٿيو، ووٽ ڪاسٽ ڪري آئون، نوجوان شاعر گل گوماڻي، دليپ دوشي لهاڻو ۽ شهاب نهڙي گڏجي سائين وليرام سان ملڻ جي لاءِ رهائش گاهه تي وياسين. سائين اسان کي ڏسندي خوش ٿيو، بي اختيار چيو ته اوهين لنگهي آيا آهيو، ڄڻ ٿر مون وٽ ٿر لنگهي آيو آهي.
2019ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران اعلانيل ايوارڊ ۾ منهنجي ڪتاب چتر ٻولي چارڻاڻ جي لاءِ تحقيق جو ايوارڊ هو، حيدرآباد ۾ ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ٿي. اسٽيج سيڪريٽري جي سڏ تي آئون پنھنجي ڪتاب تي ايوارڊ وٺڻ جي لاءِ جئين اچي مکيه مهانن جي ڀر سان بيٺس، مون تي نگاھ پوڻ سان سائين وليرام ولڀ پنھنجون ٻاجھاريون ٻانھون کولي شفقت ڏيڻ جي لاءِ ڪرسي تان اٿڻ جي ڪئي ته مون ايوارڊ وٺڻ ڇڏي سائين کي اٿڻ تان روڪيندي وڃي پيرن تي ھٿ رکيا. منھنجون اکيون ڀرجي آيون، دل بي اختيار چيو ته اي منھنجا محسن اوھان جي ھن شفقت ۽ محبت مون کي وڏو ايوارڊ ڏيئي ڇڏيو آھي.
سائين ولي رام ولڀ کي سندس چاچي نهالچند 6 مئي 1947ع مٺي جي ان پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جنهن اسڪول مان سنڌي ٻولي جو نامور شاعر نارائڻ شيام ابتدائي تعليم حاصل ڪري ويو هو. اسڪول جي هيڊ ماسٽر سائين ٻال ڪرشن جهوٽا ننڍڙي ولي رام کي اسڪول جي الماڙي مان ٻاراڻو درسي ڪتاب ڏئي پهرين درجي جي ڪلاس ۾ ويهاريو. ان وقت ڪنهن ڄاتو ٿي ته هي ٻارڙو سنڌ جو ناليوارو اديب ٿي اڀرندو. وليرام جي والد صاحب ڪيولرام جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هئي. والد صاحب جي نوڪري جي بدلي جي ڪري پرائمري پڙهائي دوران وليرام مختلف اسڪولن ۾ ابتدائي تعليم پرائي. مٺيءَ کان پوءِ اسلام ڪوٽ، ڪنري ۽ چيلهار جي اسڪولن ۾ پڙهيو. چيلهار جي پرائمري اسڪول ۾ ولي رام جي داخلا آگسٽ 1949 تي ٿي هئي. چيلهار جو پرائمري اسڪول ۽ اتان جا استاد هن کان ڪڏهن به نه وسريا. وليرام جي چيلهار جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا وقت اسڪول جو هيڊماستر چونيلال مهراج هو. جنهن جي ترت رٽائرمنٽ ٿي ۽ ميگهومل مهيشوري هيڊماستر ٿيو. وليرام کي ٻئي درجي ۾ سائين ڀاني مل مينگهواڙ پڙهايو. ٽين درجي ۾ ڪوي ڪاليداس جي ٻولي ڄاڻو سائين پنڊت پونم چند تعليم ڏني. وليرام پنڊت پونم چند وٽ هندي ۽ گجراتي به سکيو. چوٿين درجي ۾ تاريخ ريگستان جي مصنف سائين رائچند راٺوڙ پڙهائڻ شروع ڪيو. سائين رائچند جو فرزند جوهر لال هن جو ڪلاسي هو. وليرام ولڀ اسڪول مان اچي گهران ماني کائي وري سائين رائچند جي گهر پهچندو هو.
سائين وليرام جي چيلهار سان بي حد الفت هئي، سندس والد ڪيولرام جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هئي، شري ڪيولرام ڪنري مان بدلي ٿي چيلهار آيو، چيلهار ۾ ڪيولرام وليرام ولڀ کي پڙهڻ جي لاءِ سائين رائچند راٺوڙ وٽ ڇڏيو. شام جو پنڊت پونم چند وٽ سنسڪرت، هندي ۽ گجراتي سکندو هو. سائين وليرام ولڀ جڏهن پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي، ڪجهه قسطون ڪاوش مئگزين ڇپيون.
سائين وليرام ولڀ اسان جو اتساھ هو۔ سائين جي پورھئي ۽ پنڌ تي مون پنھنجي ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ ۾ تفصيلي خاڪو لکيو آھي . سائين وليرام ولڀ جي لائبريري به فقيرن جي لاءِ کليل هوندي هئي. ڪڏهن ڪنهن جي ضرورت پوندي هئي ته سائين وليرام ولڀ وٽان کڻي فوٽو ڪاپي ڪرائي وٺبو هو يا پڙهي واپس ڪبو هو. مون کي جئديو جو گيت گووندا سائين وليرام ولڀ کان مليو هو.
وليرام ولڀ پنهنجي مزاج جو سٻاجهو ۽ ترقي پسند اديب هو، هن تخليق توڙي ترجمي ۾ سدائين ترقي پسند ۽ تخليقي ادب کي ترجيح ڏني.
سائين وليرام ولڀ ننڍي کنڊ جي نامور ناول نويس قرت العين حيدر جي هڪ ناول آخري شب ڪي همسفر جو سنڌي ترجمو پوئين پهر جا پانڌيئڙا جي نالي سان ڪيو هو.
___________

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



