Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھيمون ڪالاڻيءَ کي ڏنل ڦاھي هڪ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي!

19 ورھين جي هيمونءَ انگريز سرڪار کان معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ چيائين : مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي ھيمون ڪالاڻيءَ سميت سنڌ جي جوڌن تي فلمون ۽ ڊراما ٺاھڻ گھرجن  

پروفيسر ساجدہ چنہ

جڏهن انگريزن ڏکڻ ايشيا تي قبضو ڪيو تڏهن کان ڌرتيءَ جا اصلوڪا وارث آزاديءَ جي حصول لاءِ ڪوشان رهيا۽ ھٿياربند ويڙھ سان گڏ آئيني ڪوششون پڻ ڪيون. گڏيل هندستان جي هر حصي مان بغاوت جا شعلا انگريز سامراج خلاف اٿيا جنهن کي انگريزن انھيءَ وقت جي جديد هٿيارن جي زور تي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. 1857ع جي جنگ آزادي هتان جي ٻن وڏين قوتن هندو ۽ مسلمانن گڏجي انگريز جي خلاف وڙهي ۽ هزارين جانثار وطن جي آزاديءَ واري جنگ ۾ شهيد ٿيا. اهڙي خوني راند هتان جي نوجوانن جي آزاديءَ جي جذبي ۽ وطن جي عشق  کي اڃان وڌايو. يورپي سامراج سان هتان جا ارڏا جوڌا مهاڏو اٽڪائيندا رهيا.

سنڌ جي جوڌن بہ هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي . هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت انهيءَ جو عظيم مثال آهي . سکر جو هي بهادر ننڍڙي عمر جو جوڌو پڻ آزاديءَ واري جدوجهد جو شهيد آهي جنهن وطن جي آزاديءَ خاطر پنهنجي جان قربان ڪئي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل خاڪو

مارچ 1923ع تي پراڻي سکر ۾  پيسو مل ڪالاڻي جي گهر ۾  سندس جنم ٿيو. سندس والد  ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو،  هيمون کيس پيار ۾ سڏيندا هئا.

جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙھ جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ حر تحريڪ زورن تي هئي جڏهن ته هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو.

 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ قهر ثابت ٿيندا، جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙيءَ کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي فيروز خان کين ڏسي ورتو. هيمونءَ جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻيءَ کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي تہ کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين تہ مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي. جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالھ ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس، جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي.

 21 جنوري 1943ع تي هيمون ڪالاڻي کي 19 سالن جي عمر ۾ سينٽرل جيل سکر ۾ ڦاسي ڏني وئي. ھيمونءَ کي ڏنل ڦاھي شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا نابالغ هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي.

سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي.

سنڌ جي اهڙن ڪردارن تي فلمون ۽ ڊراما ٺهڻ گهرجن جيئن نوجوانن کي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سر گهور ڪندڙ نوجوانن کي روشناس ڪرائي سگهجي.

____________

پروفيسر ساجده چنه ڪاليج ايجوڪيشن ۾ پروفيسر آهي ، انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي سرگرمين ۾ شرڪت ڪندي آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button