پاڻ وڃائي وري پاڻ کي ڳولي لهڻ: سئيڊن جي ٻهراڙيءَ ڏانهن اڻڄاتل سفر
سال جي هن موسم ۾ سئيڊن جادوئي محسوس ٿيندو آهي. اڃا مڪمل اونهارو ناهي آيو، پر سياري جي سختي به ختم ٿي چڪي آهي. هوا ۾ ٿڌ بدران تازگي هوندي آهي. ڏينهن وڏا، ڊگها، روشن ۽ دلڪش آهن ۽ دل کي ڄڻ ته ٻاهر نڪرڻ لاءِ سڏيندڙ لڳندا آهن، ائين لڳندو آهي ڄڻ فطرت پاڻ ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ کيس ڳولي نئين سر ڏسڻ جي دعوت ڏئي رهي هجي.

عبدالله عثمان مورائي
“هلڻ شروع ڪر،رستو پاڻهي ملي ويندو”. رومي
شايد هو خود زندگيءَ ۽ روح جي ڊگهن سفرن بابت ڳالهائي رهيو هو، يا شايد انهن ننڍڙن حادثاتي سفرن بابت جيڪي اوچتو معنيٰ خيز يادون بڻجي ويندا آهن.
هن ڀيري مئي 2026ع ۾ ، اهي لفظ منهنجي لاء سئيڊن جي هاءِ ويز، ٻهراڙيءَ جي رستن، ٻيلن، ڍنڍن ۽ وساريل ڪنڊن ڪڙڇن مان گذرندڙ لڳ ڀڳ 250 ڪلوميٽرن جي هڪ مختصر روڊ سفر لاءِ اتساه بڻجي ويا. جي پي ايس (GPS) ۾ ڪا به منزل لکيل نه هئي، نه ڪو تفصيلي پلان هو ۽ نه ئي ڪو وقت جو تعين ۽ تخمينو، رڳو هڪ سادي سوچ هئي ته اچو ته ڏسون ته اڄ ڇا ٿو ڳولي سگهجي.
مقصد ۽ منزل معمولي هئي ته هر پاسي تقريباً 125 ڪلوميٽر هلبو يعني اوٽ موٽ 250 ڪلوميٽر ٿيندا. پر اهو تجربو مفاصلي کان گهڻو وڏو ۽ گهرو بڻجي ويو. اهو هڪ اهڙو سفر بڻجي ويو، جتي انسان پاڻ کي وڃائي به ٿو ۽ وري پاڻ کي ڳولي به لهي ٿو.

سال جي هن موسم ۾ سئيڊن جادوئي محسوس ٿيندو آهي. اڃا مڪمل اونهارو ناهي آيو، پر سياري جي سختي به ختم ٿي چڪي آهي. هوا ۾ ٿڌ بدران تازگي هوندي آهي. ڏينهن وڏا، ڊگها، روشن ۽ دلڪش آهن ۽ دل کي ڄڻ ته ٻاهر نڪرڻ لاءِ سڏيندڙ لڳندا آهن، ائين لڳندو آهي ڄڻ فطرت پاڻ ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ کيس ڳولي نئين سر ڏسڻ جي دعوت ڏئي رهي هجي.
بغير رٿا بندي جي ڄاتل ۽ اڻڄاتل رستن تي آزادي سان گاڏي هلائڻ
سفر جي شروعات E4 ۽ E20 موٽر ويز تان ٿي، جيڪي يورپ جي وڏين شاهراهن جي نيٽ ورڪ جو حصو آهن ۽ مختلف ملڪن ۽ سرحدن مان گذرن ٿيون. پوءِ رخ اوسلو (Oslo) ڏانهن ويندڙ E18 ڏانهن ٿيو ۽ پوءِ وڏين شاهراهن کي ڇڏي سئيڊن جي قومي رستن Riksväg 70 ۽ 72 ڏانهن روانو ٿيس. اڳتي هلي آخرڪار سفر ننڍن länsväg يعني ڳوٺاڻن رستن تي ٿيو، جيڪي “C” جي نشان سان سڃاتا وڃن ٿا.

جيئن جيئن سفر اڳتي وڌندو ويو، دنيا وڌيڪ خاموش ٿيندي وئي.
ٽريفڪ غائب ٿي وئي. ڳوٺ ننڍا ٿيندا ويا. رستا سوڙها ٿيندا ويا. شاهراهن جي ڪنارن تي پائن يعني صنوبر جا وڻ خاموشيءَ سان بيٺل هئا، جڏهن ته کليل زرعي ٻنيون نيري آسمان هيٺ پري پري تائين پکڙيل هيون. پکين جا غول مٿان اڏامندا رهيا ۽ گاڏيءَ جي انجڻ جو آواز ئي واحد ساٿي بڻجي ويو.
سئيڊن جي ٻهراڙيء وارن علائقن ۾ اڪيلي ڊرائيو ڪرڻ ۾ هڪ عجيب سڪون ۽ گهري تسڪين هوندي آهي. ماڻهو گهٽ ڳالهائڻ لڳندو آهي ۽ وڌيڪ مشاهدو ڪرڻ شروع ڪندو آهي. خيالن جي رفتار گهٽجي ويندي آهي ۽ سوچون آهستي ٿي وينديون آهن ۽ ذهن کي ساهه کڻڻ جو موقعو ملندو آهي.
پر انهن رستن تي هڪ چئلينج به ضرور هوندو آهي ته سامهون رستو ڏسجي ۽ روڊ تي گاڏي ڌيان سان هلائجي يا چوڌاري انهن منظرن جي خوبصورتي تي ڌيان ڏجي جيڪا هر قدم ۽ هر پل تي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي رهي هئي.

مورٽسجن (Mörtsjön) ڍنڍ جي اوچتي اڻ توقع خوبصورتي
اڳتي هلي اينشوپنگ (Enköping) کان تقريباً 18 ڪلوميٽر اتر اولهه طرف روڊ C558 تي، Fjärdhundra ۽ Österlunda جي ڀرسان، هڪ اوچتو اڻتوقع مورٽسجن (Mörtsjön) ڍنڍ جو منظر سامهون آيو.
سئيڊن جي ٻين ڪيترين ئي ڍنڍن وانگر مورٽسجن ڍنڍ ۾ به هڪ پر امن خاموشي، اڻ ڇهيل دلڪشي ۽ پنهنجو هڪ سحر موجود هو. کليل آسمان، ٻيلن ۽ ٻهراڙيءَ جي ايڪڙ ٻيڪڙ گهرن جي وچ ۾ گهيريل هيءَ ڍنڍ سئيڊن جي ان پرسڪون فطري ۽ قدرتي سونهن جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن لاءِ هي ملڪ مشهور آهي. ڀريل سياحتي هنڌن جي ابتڙ، مورٽسجن جهڙيون جايون اڃا به خاموش ۽ تقريباً لڪل آهن، جتي گوڙ بدران هڪ خاموشي، اڪيلائي ۽ روح کي سڪون ملي ٿو.
ڍنڍ ڏانهن هڪ اوچتو موڙ هڪ حيران ڪندڙ ۽ دل موهيندڙ منظر ڏانهن وٺي ويو.
نه ڪا ماڻهن جي پيهه هئي. نه تيز موسيقي. نه ڪا واپاري سرگرمي، هئي ته رڳو گهري خاموشي.
گاڏي بيهارڻ واري جاء کان اڳتي وري هڪ بجري وارو رستو پاڻيءَ ڏانهن وڃي رهيو هو، جتي هڪ ننڍڙو ڪاٺيءَ جو پليٽ فارم ڍنڍ جي ڪناري کان اڳتي پاڻي تائين پکڙيل هو. ڪاٺ جون بينچون پرسڪون پاڻيءَ ڏانهن منهن ڪري بيٺل هيون، ڄڻ ماڻهن کي ويهڻ، کائڻ، سوچڻ يا رڳو خاموشيءَ کي ڏسڻ ۽ قدرت جي حسن کي پسڻ جي دعوت ڏئي رهيون هجن. ويجهو ئي ڪجهه ٻيڙيون خاموشيءَ سان ڪنهن ٻئي ڏينهن ڍنڍ تي ترڻ جي انتظار ۾ اتي اونڌيون پيل هيون.
اوچا صنوبر جا وڻ ڍنڍ جي چوڌاري خاموش محافظن وانگر بيٺل هئا. نيري آسمان، نيري پاڻي، ۽ سائي ٻيلي جو ميلاپ ايترو متوازن هو، جو منظر تقريباً حقيقي محسوس ئي نه پي ٿيو ۽ ائين پي لڳو ڄڻ ڪا تصوير هجي. ڍنڍ جي ٻئي پاسي ڪجهه گهر وڻن جي وچ ۾ پرسڪون ۽ پرامن ٺهيل نظر آيا. ماڻهو رڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو ته اهڙي جڳهه تي زندگي ۽ رهڻ ڪيترو خوبصورت هوندو، جتي روز صبح جو اک فطرت جي انهن رنگن تي کلندي هجي ۽ هر روز پاڻيءَ تي فطرت جا عڪس جاڳندا هجن. پاڻيءَ تي وڻن جا پاڇا ڄڻ فطرت جي پنهنجي مصوري لڳي رهيا هئا.
جيتوڻيڪ ڪجهه گهڙيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪئميرا ڪڏهن به مڪمل طور قيد نٿي ڪري سگهي پر تنهن هوندي به مون ڪجهه يادگار تصويرون ورتيون.
وتنگي جا زرعي ميدان، خاموشي ۽ ڳائيندڙ پکي
سفر اڳتي وتنگي (Vittinge) ڏانهن وڌي جاري رهيو، جتي وسيع زرعي زمينون ۽ ميدان پري پري تائين افق تائين پکڙيل هيون.
هڪ هنڌ تجسس مون کي هڪ اهڙي ننڍڙي واٽ ڏانهن وٺي ويو، جيڪا شايد گاڏين کان وڌيڪ رڳو ٽريڪٽرن لاءِ ٺهيل لڳي رهي هئي. رستو ايترو سوڙهو ٿي ويو جو چوڌاري رڳو فصل، گاهه، خاموشي ۽ آسمان ئي رهجي ويا هئا. گاڏيءَ مان ٻاهر نڪرڻ ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا ۾ قدم رکڻ جهڙو محسوس ٿيو.
ٻنيون پوک لاءِ تيار هيون ۽ مٽيءَ جي خوشبو بهار جي تازي هوا سان مليل هئي. ڪٿي ويجهو ئي هڪ پکي لڳاتار چهنب هڻي لاڳيتو ٻولي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن اڻڄاتل مهمان ۽ مسافر کي ڀليڪار ڪري رهيو هجي.
پري ڪافي مفاصلي تي وتنگي جي چرچ جو منارو نظر اچي رهيو هو جيڪو ائين لڳو ته خاموشيءَ سان زمينن تي نظر رکندو هجي.
اهڙيون گهڙيون انسان کي ياد ڏيارينديون آهن ته خاموشي رڳو خال ناهي هوندي پر ڪڏهن ڪڏهن خاموشي پاڻ هڪ بهترين ساٿي بڻجي ويندي آهي.

ننڍڙي پل ۽ وساريل ڪاٺ جو گهر
سفر ۽ ڳولا اڳتي Vappeby، Norden، ۽ Härled جي علائقن ڏانهن جاري رهي، جيڪي روڊ C558 سان گڏ آهن. سئيڊن جا اهي ٻهراڙيء جا علائقا اڪثر عام جڳهين ۾ لڪل حسن سان حيران ڪري ڇڏيندا آهن ۽ هي رستو به ان کان مختلف نه هو.
اوچتو هڪ ننڍڙي پل سامهون اچي وئي، پنهنجي سادگيءَ ۾ انتهائي دلڪش. ننڍڙن پٿرن جي ڀتين ۽ گول محرابي شڪل سان ٺهيل ان پل جي هيٺان پرسڪون پاڻي وهي رهيو هو. ڀرسان هڪ پراڻو غير آباد ڪاٺ جو گهر هو، لڳو ائين ڄڻ وقت پاڻ ان کي وساري ڇڏيو هجي. پر ان جي اها حالت ئي ان کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي رهي هئي.
شايد ان ڪري جو اهڙيون پراڻيون عمارتون اهڙيون ڪهاڻيون پاڻ ۾ جذب ڪيون ويٺيون هونديون آهن، جيڪي شايد جديد عمارتون ٻڌائي نٿيون سگهن.

ڍنڍ ايسپوس (Äspuss) جي ڪناري تي چانهه جو مزو
سفر جي سڀ کان يادگار گهڙين مان هڪ لمحو ايسپوس ڍنڍ جي ڪناري ويجهو گذريو جتي روڊ C558 ۽ C561 پاڻ ۾ ملن ٿا.
ايسپوس ڍنڍ سئيڊن جي ٻهراڙين ۾ ڍنڍن واري ثقافت جي نمائندگي ڪري ٿي، جتي قدرت، فطرت، مڇي مارڻ، خاموش تفريح ۽ سست رفتاريءَ واري زندگي اڄ به هڪ ٻئي سان گهرو تعلق رکن ٿا. ٻيلن ۽ کليل ڳوٺاڻن علائقن سان گهيريل هي ڍنڍ گوڙ ۽ پيهه واري سياحت بدران سڪون ۽ فڪر لاءِ ڀرپور جڳهه آهي.
اتي جو منظر غير معمولي ۽ حيرت انگيز هو. ڇٻر تي ماڻهن جي ويهڻ لاء ڪاٺ جون بينچون ۽ ٽيبلون رکيل هيون. هڪ ڪاٺ جي ننڍڙي جهوپڙي آرامگاهه طور پڻ ٺهيل هئي جنهن جو منهن رڳو ڍنڍ پاسي ئي کليل هو، ان ۾ رڳو ٻن يا ٽن ماڻهن جي ويهڻ لاءِ جاء هئي. اهو ڄڻ اهڙن مسافرن لاءِ ٺاهيو ويو هجي، جيڪي اتي ويهي ڍنڍ جي پاڻيء کي تڪي، ترندڙ بدڪن ۽ ٽٻيون هڻندڙ پکين ۽ نظاري مان لطف اندوز ٿيندا هجن.

اهو هنڌ چانهه ۽ سينڊوچ کائڻ لاءِ بلڪل مناسب هو ۽ اتي ئي سج جي روشنيءَ هيٺ بهترين جڳهه ملي وئي. جڏهن مان اتي خاموشيءَ سان ويهي ڍنڍ جي منظرن جو نظارو ڪري رهيو هئس ته ٻه بدڪون /بطخون پري کان ترنديون ۽ ڪجهه دير منهنجي ويجهو پاڻيءَ ۾ ترڻ بعد اهي ڪناري جي گاهه تي منهنجي ڀرسان اچي ويٺيون. شايد تجسس ۾ يا شايد سينڊوچ مان حصو وٺڻ جي اميد ۾، سا خبر خدا کي.
جيڪو به سبب هو پر ڪجهه منٽن لاءِ اهي منهنجيون اڻڄاتل ساٿي بڻجي ويون. جيڪو انتهائي خوبصورت منظر هو. بدڪن /بطخن سان گڏ ورتل هڪ سيلفي سڄي تجربي کي وڌيڪ يادگار بڻائي ڇڏيو. ويجهو هڪ اڪيلي ٻيڙي ڪناري سان لڳل بيٺي هئي، جنهن ۾ چپو اڃا اندر رکيل هئا، ڄڻ ڪو شخص ڪجهه گهڙِيون اڳ ئي واپس آيو هجي. ٿورو اڳتي ڪجهه گهوڙا کليل چراگاهه ۾ سڪون سان گاهه چرندي نظر آيا.
اتان نڪتس ته هڪ دفعو وري سفر جاري رهيو ۽ ويجهو ئي روڊ جي ڀرسان هڪ ٻيو پراڻو ڪاٺ جو گهر نظر آيو. ان جون ننڍڙيون اڇيون تازن گلن سان سينگاريل دريون ۽ ٻاهر بيٺل پراڻي چئن ڦيٿن واري گهوڙي گاڏي جو کليل گاڏو هڪ اهڙو منظر پيدا ڪري رهيا هئا، جيڪو ڄڻ ڪنهن فلم جو حصو هجي. سئيڊن جي ڳوٺاڻي ماضيءَ جي زندگي جي هڪ خاموش ياد.

وچئين دور جي سئيڊن ڏانهن هڪ تاريخي سفر
آخرڪار واپس ايندي هڪ روڊ سائن بورڊ تي وچئين دور (Medieval times) ۽ هڪ پراڻي قديمي گرجا گهر جو ذڪر هو، جنهن منهنجي تجسس کي ٻيهر جاڳائي ڇڏيو. اهو تجسس مونکي روڊ C559 ذريعي هرڪيبرگا گرجا گهر (Härkeberga kyrka) تائين وٺي ويو.
هرڪيبرگا گرجا گهر سئيڊن جي اهم وچئين دور جي گرجا گهرن مان هڪ آهي، جيڪو 13هين صديءَ جي آخر ۾ تعمير ٿيو. اهو خاص طور پنهنجي شاندار اندروني تصويرن (Paintings) لاءِ مشهور آهي، جيڪا مشهور وچئين دور جي مصور البرٽس پڪٽر (Albertus Pictor) پاران 1480ع واري ڏهاڪي ۾ ٺاهيون ويون هيون. چرچ جي اندر قدم رکندي ئي ماحول مڪمل طور تبديل ٿي ويو ۽ ائين پي لڳو ڄڻ ماڻهو صديون پويان هليو ويو هجي. گرجا گهر ۾ اندر داخل ٿيڻ تي هڪ وچولي عمر جي نگهبان وڏي گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو ۽ گرجا گهر جي تاريخ بابت دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون.
قديم ڀتين ۽ ڇت تي ٺهيل اهي تصويرون اڄ به زنده لڳي رهيون هيون. ڇتين ۽ ڀتين تي مذهبي منظرن ۽ علامتي تصويرن تي ٻڌل اها مصوري اسڪينڊينيويا جي بهترين وچئين دور جي مصوريء ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ تاريخ، عقيدو ۽ نسلن جون يادون محفوظ هيون.
ٻاهر جو منظر به اوترو ئي دلڪش هو، چرچ سائي زمينن ۽ کليل آسمان جي وچ ۾ انتهائي خوبصورت لڳي رهيو هو. هلڪن اڇن رنگن ۽ ناسي رنگ جي ڇتين سان سينگاريل اها عمارت جيڪا چوڌاري سائي گاهه، سرسبز ڇٻر، وڻن، محراب، سج جي روشني ۽ نيرو آسمان هڪ ٻئي سان مڪمل هم آهنگيءَ سان ملي ڪري هڪ شاندار منظر پيش ڪري رهيا هئا. ويجهو هڪ اوچو ڪاٺيءَ جو گهڙيال ٽاور به هو، جيتوڻيڪ اهو سياحن لاءِ بند هو.
گرجا گهر کي سنڀاليندڙ ان وچولي عمر واري همراه ٿوري دير کان پوء مون کان پڇيو ته سفر ڪٿان کان شروع ٿيو هو؟ جڏهن ٻڌايم ته اسٽاڪهولم، ته هن پنهنجي گهڙي ڏٺي ۽ مرڪندي اندازو لڳايو ته واپسي تقريباً شام 4 وڳي تائين ٿيندي. ان وقت تقريباً 2:20 ٿي چڪا هئا.
ان لمحي ائين محسوس ٿيو ۽ حقيقت هوريان هوريان واپس موٽي آئي ته سفر پنهنجي فطري انجام تائين پهچي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو آهي.

مرڪ سان گهر واپسي
اسٽاڪهولم ڏانهن واپسيءَ جو سفر ڪنهن حد تائين وڌيڪ هلڪو محسوس ٿي رهيو هو.
نه ڪو وڏو سياحتي ماڳ ڏٺو ويو هو ۽ نه ئي ڪو مهانگو ايڊونچر ڪيو ويو هو. پر ان هوندي به سفر انتهائي معنيٰ خيز ۽ تمام گهڻو بامقصد محسوس ٿيو.
شايد ان ڪري جو هن روڊ رستي واري سفر مونکي اهو ڪجهه واپس ڏنو جيڪو جديد زندگي آهستي آهستي کسي وٺندي آهي جيئن خاموشي، سڪون، آهستگي، تجسس، فطرت سان لڳاءُ ۽ تعلق.
اڪثر ڪري ماڻهو سڪون جي ڳولا ۾ دنيا جا ڊگها سفر ڪري پوري دنيا گهمندا آهن، جڏهن ته سڪون خاموشيءَ سان ڪنهن اڻڄاتل ڍنڍ، خالي ٻهراڙين جي رستن يا ڪنهن پراڻي وچئين دور جي عمارت ڀرسان انتظار ڪري رهيو هوندو آهي.
اهو ڏينهن منهنجي لاء رڳو سئيڊن جي رستن تي ڊرائيو جو نالو نه هو.
اها هڪ ياد ڏياريندڙ گهڙي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن، پاڻ کي اڻڄاتل رستن ۾ وڃائي ويهڻ سان، انسان اوچتو ٻيهر پنهنجو پاڻ ڳولي وٺندو آهي.
۽ شايد اهو ئي تجسس، اها ئي اوچتي ڀٽڪڻ واري روح، مستقبل ۾ به ڪيترن ئي اڻڄاتل رستن ڏانهن وٺي ويندي. سو روميء جي ڳالهه وانگر ته هلڻ شروع ڪيو رستا پاڻهي ملندا ويندا، سو ائين بلڪل آهي.
____________________
سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



