سنڌ ۾ گهريلو تشدد روڪڻ واري قانون تي 13 سالن ۾ بہ عمل نہ ٿي سگھيو
قانونن جو اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ترجمو دستياب نه هجڻ جي ڪري ڳوٺاڻن ۽ پوئتي پيل طبقن تائين ڄاڻ نه پهچي سگھي آهي.

ڪراچي
سنڌ ۾ گھريلو تشدد کي روڪڻ لاءِ ٺاھيل قانون تي گذريل 13 سالن ۾ ان جي اصل روح مطابق عمل نه ٿي سگهيو آهي. اھا ڳالھ چيئرپرسن سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين، ايڊووڪيٽ روبينه امان بروهيءَ چئي.
اڱاري ڏينھن ھڪ مقامي ھوٽل ۾ ڪوٺايل صوبائي سطح جي پاليسي ڊائلاگ ۾ ڳالھائيندي ايڊووڪيٽ روبينه امان بروهيءُ گهريلو تشدد جي اثرائتي نموني خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو۔ هنن ڪميشن جي جاري آگاهي مهم “پنهنجا قانون ڄاڻو، پنهنجا حق ڄاڻو“ جو ذڪر ڪيو، جيڪا ٿرپارڪر کان شهيد بينظيرآباد تائين بنيادي سطح تي لاڳو ڪئي پئي وڃي ته جيئن عورتن کي سندن قانوني حقن بابت آگاهي ڏني وڃي۔ هنن زور ڏنو ته انفرادي ڪوششن کان اڳتي وڌي گڏيل ۽ منظم قدم کڻڻ ضروري آهن ته جيئن حقيقي نتيجا حاصل ڪري سگهجن۔
ھُن سنڌ حڪومت طرفان گهريلو تشدد ايڪٽ 2013 جي منظوريءَ کي ساراهيو پر چيو ته گذريل 13 سالن دوران هن قانون تي “ان جي اصل روح مطابق” عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي۔ هنن عورتن جي ڪميشن، وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين سول سوسائٽي ادارن پاران تجويز ڪيل ترميمن تي زور ڏيندي چيو ته تحفظ مرڪزن جو دائرو وڌايو وڃي، سڀني ضلعن ۾ ون اسٽاپ پروٽيڪشن سينٽرز (OSPCs) مڪمل ڪيا وڃن، وومين پوليس اسٽيشنن کي مضبوط بڻايو وڃي، آگاهي لاءِ بجيٽ وڌائي وڃي ۽ ڳوٺاڻين عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي۔

ڊائلاگ دوران گهريلو تشدد جي قانون بابت هڪ پاليسي پيپر پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ تڪڙي سڌارن جي نشاندهي ڪئي وئي، جن ۾ قانونسازي ۾ ترميمون، اداري سطح تي هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ، ايف آءِ آر جي طريقيڪار ۾ بهتري، مؤثر ريفرل سسٽم، انصاف فراهم ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ تحفظ لاءِ خدمتن ۾ سيڙپ وڌائڻ شامل آهن۔
ليگل ايڊ سوسائٽي جي ايڊووڪيٽ مليحه ضياءَ گهريلو تشدد جي روڪٿام بابت تحقيقي مقالو پيش ڪيو، جنهن ۾ ون اسٽاپ پروٽيڪشن سينٽرز کي مضبوط بڻائڻ، پوليسنگ نظام ۾ بهتري، ضلعي سطح تي مؤثر تحفظ لاءِ نظام قائم ڪرڻ ۽ خدمتن جي گڏيل فراهمي بابت تجويزون شامل هيون۔
اختتامي خطاب ۾ صوبائي وزير شاهينا شير علي چيو ته قانوني آگاهي ڳوٺاڻن ۽ پوئتي پيل طبقن تائين نه پهچي رهي آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب قانونن جو اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ترجمو دستياب نه هجڻ آهي۔ هن ٻڌايو ته وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ليڊي هيلٿ ورڪرز ذريعي گهر گهر آگاهي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نياڻين کي بااختيار بڻائڻ گهريلو تشدد جي روڪٿام لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو۔ هن چيو ته سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين ۽ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ گڏيل طور عورتن لاءِ ڪم ڪندا۔
پاليسي ڊائلاگ جي پڄاڻي تي سڀني ادارن ۽ حڪومت جي نمائندن هن عزم جو اظهار ڪيو ته گڏيل سهڪار کي هٿي ڏني ويندي، قانوني تحفظ کي مضبوط بڻايو ويندو ۽ قانونن تي مؤثر نگراني ۽ عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن سڄي سنڌ ۾ عورتن جو تحفظ ممڪن بڻائي سگهجي۔
هن ڊائلاگ ۾ اهم پاليسي سازن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سرڪاري عملدارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ پيڙهيل طبقن جي نمائندن شرڪت ڪئي۔ (پريس رليز)
________________



