Editor's pickMain Slideڪالم

آغا ثناء الله خان: ساروڻيون شڪارپور جي ھڪ ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ جون

پنجين مارچ 2026ع تي وڇڙي ويل بزرگ اديب، سفرناما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ سماجي اڳواڻ آغا ثناءُ اللہ پنج سفرنامن، ڪھاڻين جي ھڪ ۽ ڪيترن ئي ڪالمن جو ليکڪ ھو. سندس شخصيت جو سڀ کان خوبصورت پاسو اهو هو ته هن پنهنجي علم، تجربي، سماجي حيثيت ۽ سڃاڻپ کي ڪڏهن به وڏائيءَ جو سبب نه بڻايو، پر انهن کي ماڻهن سان محبت، سهڪار ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آندو.

نسيم بخاري

آغا ثناءُ الله خان منهنجو پاڙيسري هو،  پاڙيسري  کيس وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سڃاڻندا ۽ سڏيندا هئا. سندس عمر وڏي هئي، سماجي حيثيت بلند هئي، تجربو وسيع، مشاهدو گهرو ۽ مطالعو وسيع هو، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هو نهايت عاجز، نرم دل ۽ پنهنجائپ رکندڙ انسان هو. سندس شخصيت جو سڀ کان خوبصورت پاسو اهو هو ته هن پنهنجي علم، تجربي، سماجي حيثيت ۽ سڃاڻپ کي ڪڏهن به وڏائيءَ جو سبب نه بڻايو، پر انهن کي ماڻهن سان محبت، سهڪار ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آندو.

پنجين مارچ 2026ع تي اسان کان وڇڙي ويل هن بزرگ اديب، سفرنامي نگار، ڪهاڻيڪار ۽ سماجي اڳواڻ جي شخصيت، فڪر ۽ خدمتن جو اندازو سندس ياد ۾ 16 مارچ 2026ع تي پريس ڪلب شڪارپور ۾ سوشل اينڊ لٽرري فورم شڪارپور  پاران منعقد ڪيل تعزيتي ميڙاڪي ۾ مقررين جي اظهاريل احساسن مان به لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي اديبن، شاعرن، ڪالم نگارن، سماجي اڳواڻن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل باشعور ماڻهن کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي سندس زندگيءَ جي انهن خوبين کي اجاگر ڪيو، جيڪي کيس ٻين کان الڳ ۽ منفرد بڻائينديون هيون.

منهنجي نظر ۾ آغا ثناءُ الله خان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبق سندس عاجزي هئي. عام طور تي جڏهن ماڻهو عمر، علم، تجربي، سماجي حيثيت يا شهرت ۾ اڳتي وڌندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن انهن جي رويي ۾ به فاصلا پيدا ٿيڻ لڳندا آهن، پر آغا صاحب جي معاملي ۾ سندس وڏائي نه، پر وڏ ماڻهپو نمايان هو. هو پنهنجي حيثيت جي ڪري نه، پر پنهنجي اخلاق جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ والاريندو هو.

آغا ثناءُ الله خان جسماني طور اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر سندس ڪتاب، تحريرون، يادون ۽ ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ سندس سٺا عمل اڄ به زنده آهن. اصل ۾ ماڻهوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترو گڏ ڪيو، ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هُو پنهنجي پويان ڪيتري محبت، ڪيترو علم ۽ ڪيترا سٺا مثال ڇڏي ويو آھي.

ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي حوالي سان جنهن ماڻهو تيزيءَ سان مڃتا ماڻي هئي، اهو آغا ثناءُ الله خان هو جنهن جا هڪٻئي پٺيان لاڳيتو چار سفرناما آيا . هن هندوستان ۽ نيپال جا سفرناما لکيا . سندس آمريڪا جي حوالي سان ٻه سفر ناما ”اچو ته آمريڪا گهمون“ ۽ ”چوٿون چڪر آمريڪا جو“  مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس پنجون سفر نامو پڻ آمريڪا بابت هو جيڪو پروف ريڊنگ  جي مرحلن ۾ هو. پاڻ سعودي عرب دبئي ۽ ٿائلينڊ جا چڪر به ڏئي چڪو هو.  مستقبل ۾ انهن ملڪن جا حال احوال به پڙهندڙن کي سفرنامن جي صورت ۾ ملڻا ھئا جڏهن ته ھُن ترڪي ۽ مصر جا سفرنامه به لکيا ھئا.

آغا ثناءَ الله خان 10 اپريل 1948ع تي شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد خان پاڙي ۾ آغا عبيدالله خان جي گهر ۾ اکيون کوليون ھيون ، ساڳئي پاڙي مان پرائمري پڙهيائين. مئٽرڪ  دادو ضلع جي پاٽ هاءِ اسڪول مان، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان، جڏهن ته بي اي غزالي ڪاليج حيدرآباد مان  ڪيائين.

آغا ثناءُ الله خان جي والد آغا عبيدالله خان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪئي. پاڻ باصلاحيت انسان هو. ان ڪري ترقي جا تمغا به جلدي ماڻيائين. هُو مختيارڪار بڻيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر به ٿيو. آفيسريءَ واري عرصي دوران مختلف شهرن ۾ بدلين سبب سندس ڪٽنب به مختلف شهرن ۾ رهيو. ان ڪري آغا ثناءُ الله خان به تعليم لاءِ مختلف درسگاهن جا در ڏٺا. اهڙي ريت اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا تعليمي مرحلا مڪمل ڪري، سرڪاري نوڪري ورتائين.

آغا ثناءُ الله خان جي پهرين پوسٽنگ لوڪل گورنمينٽ ۾ ٽيڪس سپرينٽينڊنٽ جي حيثيت سان ٺل شهر ۾ٿي. هڪ سال کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏنائين، جنهن کانپوءِ ساڳئي شهر ۾ هو هڪ سال تائين آر ايم سي پي  ۾ مئنيجر طور ڪم ڪندو رهيو.  پوءِ ان نوڪري کي به الوداع چئي، ذاتي ڪاروبار ۾ دلچسپي ورتائين.

1973 ۾ هن لائون لڌيون. کيس ٻن ٻٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. سندس وڏو پٽ خيام خان آمريڪا جي ورجينيا اسٽيٽ ۾ رهي ٿو جتي ڪنهن اداري ۾ آڊيٽر جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته ننڍو پٽ خرم خان آمريڪا جي ڪيليفورنيا اسٽيٽ ۾ سافٽ ويئر انجنيئر آهي. سندس ٻه نياڻيون به آمريڪا ۾ رهن ٿيون. سندس هڪڙو ڀاءُ عرفان الله خان به آمريڪا ۾ رهندوآهي. پاڻ سافٽ ويئر انجنيئر آهي ۽ سنڌي ڪلاسيڪل ڪلامن جي ويب سائيٽ  هلائي ٿو.

Agha Sanaullah-The AsiaN-4

آغا صاحب جي هڪڙي نياڻي نيشنل بئنڪ ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهي. آغا ثناءُ الله خان شڪارپور جي سماجي تنظيم، شهر سڌار تنظيم جو لاڳيتو اٺ سال صدر رهيو . هن پليٽ فارم تان شهري خدمتن بابت سندس تمام وڏيون سرگرميون رهيون آهن. معاملو صفائي سٿرائي جو هجي يا مفت طبي ڪئمپن لڳائڻ جو، هيءُ همراھ اڳ کان اڳرو رهيو. جڏهن ڏٺائين ته سنگت تي مفاد پرستيءَ وارا جذبا حاوي ٿي ويا،  تڏهن عهدي ۽ سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. اهڙو ئي ڪردار هن جو پريس ڪلب شڪارپور جي صدارت دوران رهيو.

1998ع ۾ پريس ڪلب جي هڪڙي ھال تي هن شيخ اياز ھال جو نالو لکرايو. پنهنجي دور ۾ ادبي سرگرمين لاءِ پريس ڪلب جي هالن جي استعمال جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي هئائين. سندس پهرين لکڻي  ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ سامهون آئي. جنهن جو عنوان هو ”غلطي“ جنهن کانپوءِ سندس تحريرن ۽ تخليقن جي  ڇپجڻ جي شروعات ٿي وئي. سندس هندستان، نيپال ۽ آمريڪا جو قسطوار سفر نامو شايع ٿيو. ھڪ سنڌي اخبار جي سنڊي مئگزين ۾ به سندس ڪالم شايع ٿيا. ته مخلف ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به سندس لکڻيون ڇپبيون رهيون. سندس پهريون سفرنامو شڪارپور سوشل فورم پاران  شايع ٿيو. ”اچو ته هندوستان گهمون“ کانپوءِ سندس ٻيو سفرنامو ”اچو ته نيپال گهمون“  پڌرو ٿيو. ساڳئي سال، ساڳئي اداري پاران سندس ٽيون سفرنامو ”اچو ته آمريڪا گهمون“  مارڪيٽ ۾ آيو. جڏهن ته چوٿون سفرنامو ”چوٿون چڪر آمريڪا جو“ پڻ پڌرو ٿيو. آغا ثناءُ الله خان جي ڪهاڻين جو مجموعو ”غلطي“ پڌرو ٿيو.

آغا ثناءُ الله خان جي ذاتي لائبريريءَ ۾ پنج هزارن کان وڌيڪ ڪتاب ھئا. سندس ڪڙي عطا محمد خان وارو گهر گذريل پنجيتاليھ سالن کان علمي ادبي ڪچهرين ۽ سرگرمين جو محور رهندو آيو . 1970ع واري ڏهاڪي ۾ شڪارپور  جي علمي ادبي فضائن ۾ هن گهر جو تمام وڏو ڪردار رهيو . جتي بيدل مسرور، جلال اوستو، مونس اياز، راجه شيخ، علي شيخ، پير محمد ڪيلاش، شهاب اوستو، آغا رفيق ۽ ٻيا علمي ادبي ۽ سماجي ساٿي علمي ادبي محلون مچائيندا هيا.

Agha Sanaullah-The AsiaN-5

جڏهن ته موسيقيءَ جون محفلون پڻ منعقد ٿينديون هيون. هن ئي گهر ۾ دادا گوبند پنجابي رهي ويو آهي.  هندستان جو نامور ڪهاڻيڪار لکمي کلاڻي شڪارپور آيو هو ته آغا ثناءُ الله خان وٽ به چڪر لڳايو هئائين. جنهن دعوت ۾ خليل مورياڻي ۽ راقم الحروف به شرڪت ڪئي هئي. سچ پچ ته آغاصاحب جي اها دعوت سندس قربائتي ڪچهري جيان ڏاڍي پرخلوص هئي.

آغا ثناءُ الله خان پراڻين ۽ ناياب شين سان ڏاڍي محبت  ڪندو ھو. وٽس دنيا جهان مان هٿ ڪيل هزارين ناياب شيون گڏ ڪيل ھيون .

پاڻ سنڌي سفرنامي ۾ جيڪي نت نيون روايتون متعارف ڪرايائين، اهي به واکاڻ جوڳيون آهن. سادي سلوڻي ٻوليءَ جو استعمال، واقعن جو صفائي سان ذڪر، اخلاقي ۽ تعميري حوالا، توڙي پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ واريون خوبيون ماڻهن کي سندس لکڻين جو اسير بڻائي ڇڏين ٿيون. انتهائي ٿوري عرصي ۾ سندس تمام گهڻي مقبوليت ڪا حيرت کان گهٽ ڳالهه ناهي.

هن قلم کڻي نه رڳو پنهنجي گذرندڙ گهڙين جو  حق ادا ڪيو. پر پوئين ورهين جي پيڙا، معلومات، مشاهدي ۽ ساڃاھ جا سمورا قرض لاٿائين. سندس قلم جهڙي ريت طرح سان پنن تي ترڪندو رهيو ۽ جهڙي شاندار طريقي سان مڃتائون به کيس مليون، ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌي سفر نامي، ڪهاڻي ۽ ڪالمن جي دنيا ۾ هن زبردست پذيرائي حاصل ڪري ورتي هئي. اها به وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سماجي خدمتن جي حوالي سان سٺي ساک رکدنڙ آغا ثناءُ الله خان جي هاڪ به  معاشري لاءِ هڪ مثبت حوالو هئي. اهڙي ڪردار سان، ادبي سڃاڻپ سچ پچ به هڪ اعزاز ھوندي آهي. سنڌي سماج کي اهڙن ڪردارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي جنهن جي وڏي پئماني تي اڻاٺ ۽ ڏڪر جو احساس پوري شدت سان ٿئي ٿو.

آغا ثناءَ الله خان زندگي جي هر معاملي ۾ ليکي چوکي ۾ اصول کي وڏي اهميت ڏني .  اها ئي خوبي هر ڪامياب انسان جي پهرين ترجيح هوندي آهي. زندگيءَ ۾ جيڪڏهن گهڻ رخن  معاملن جي اڪلاءَ ۽ سلجهاءَ  جي حوالي سان ماڻهو سچو، کرو، سنجيده ۽ ثابت قدم نه هوندو ته اهو ڪيترن ئي معاملن ۾ پٺتي رهجي ويندو ۽ نتيجو اهو نڪرندو جو ويندڙ وقت  هن ڏانهن پوئتي نه نهاريندو ۽ اهو افسوس ڪندو ئي رهجي ويندو.

آغا ثناءُ الله خان مطالعي کي به زبردست وقت ڏنو. پنهنجي گهر ۾ کيس شاندار لائبريري ۽ پراڻين شين جي ڪٻٽن سان سٿيل ڪمرو وڏو سڪون ڏيندو ھو. ڪاروباري وقت ۾ به ڪتاب هن جا بهترين ساٿي هوندا ھئا. ڪتابن جي مطالعي ۽ لکڻ جي حوالي سان هُو هر وقت متحرڪ رهيو. سندس زندگي ۾ ٻيا به گهڻا ڪم ڪاريون ۽ ذميواريون هيون پر جهڙي ريت هو علمي، ادبي سرگرمين ۾ مصروف رهيو ايترو وقت هُو ٻين ڪمن ڪارين کي نه  ڏيندو ھو .

آغا ثناءُ الله خان پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان شاندار  شخصيت واري سڃاڻپ جو ان ڪري به مالڪ ٿيو جو هن نه رڳو هزارين ڪامياب انسانن جون آتم ڪٿائون پڙهيون آهن پر اهڙن املهه انسانن جي محبت ۾ به رهيو . جيڪا ڳالهه ڪنهن وڏي خوش نصيبيءَ کان گهٽ نه هئي.

Agha Sanaullah-The AsiaN-1
آغا ثناءُ اللہ (کاٻي) سان ليکڪ جي ھڪ يادگار تصوير

آغا ثناءُ الله خان کي ان ڳالهه جو به وڏو داد ڏيڻو پوندو جو هن پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت توڙي سندن شاندار ڪيريئر جي حوالي سان جيڪو ذميوارڻو ڪردار نڀايو  سو سچ پچ ته سماج جي سمورن والدين جي لاءِ هڪ سبق ۽ سهڻو مثال آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجن مٽن، مائٽن ۽ دوستن توڙي غير واسطيدار ماڻهن سان هن جو سهڻو سلوڪ ماڻهپي ۾ ايمان پختو ڪري ڇڏڻ لاء ڪافي آھي . معاملا دنيا داري جا هجن  يا دينداري جا هن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به پنهنجن فرضن جي ادائگي ۾ نه ڪيٻايو  ۽ نه ئي وري سندس ڪوئي پهلو ڪمزور رهيو آهي.

__________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button