Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

شعوري لاٽ: سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي وڃايل ھڙ موڙي ضرور حاصل ڪندي

اسان جي ڪنهن به قوم، ڪنهن به ملڪ ۽ جاگرافيءَ سان ڪابه دشمني ناهي.  اسين ڪُل جڳ جو خير گھرون ٿا. شاعر عبدالحڪيم “ارشد” جي ڪالمن جي ڪتاب  ”ڏونگر ڏاري وينداسين“ جو جائزو 

وحيد محسن 

عبدالحڪيم “ارشد” جي سڃاڻپ شاعر طور اوھان  جي سامهون آهي جنهن پنهنجي تخليقي جوھر سان شاعريءَ جي سفر ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اڄ منهنجي مطالعي ھيٺ سندس ڪالمن جو ڪتاب ” ڏونگر ڏاري وينداسين ” آيو آهي جنهن کي  پبلشر ۽ ليکڪ مرتضي لغاري سھيڙي مرڪ پبليڪيشن جي پليٽ فارم تان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

پھريون ڪالم “سنڌي ادبي سنگت کي سلام ” جي عنوان سان آهي جنهن ۾ ھن سنڌي ادبي سنگت جي ڪارج کي ساراهيو آهي. ساراھ ٿيڻ به گهرجي. اڄ اسان جيڪو ڪجھ ادراڪ رکون ٿا اھو ان جي ڪري اسان تائين پھتو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ان ڪارج کان ڪير انڪار ڪندو ته ان جون شاخون  ھفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون ڪري ادب ۽ ٻوليَ جي واڌ ويجھ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رھيون آهن؟

عبدالحڪيم “ارشد” به اھڙي ڪارج کي ساراهيو آهي پر ڳجھن ھٿن کي بہ وائکو ڪيو آهي ته اھي ڪير آهن جيڪي اديبن جي وڏي تنظيم کي ٽوڙڻ لاء سرگرم آهن .

“شيخ اياز: سنڌ ڌرتي ماءُ جو روح ” ڪالم ۾ ھن پنهنجي ڌرتيءَ جي شاعر سان محبت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان جي مرتيي تي ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجو فڪري پيغام ڏئي ڌرتيءَ جو حق ادا ڪيو آهي.

اٿ ! ڏونگر ڏاري وينداسين ! ھن ڪالم ۾ پنهنجي ديس سان محبت جو درس ملي ٿو ۽ ساڃاھ وندن کي پنهنجي ذميواري ياد ڏيارڻ لاء ذهنن کي جنجھوڙي ٿو. عبدالحڪيم “ارشد ” لکي ٿو ته اسان جي ڪنهن به قوم، ڪنهن به ملڪ ۽ جاگرافيءَ سان ڪابه دشمني ناهي.  اسين ڪُل جڳ جو خير گھرون ٿا.  اسان کي يقين آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي وڃايل ھڙ موڙي ضرور حاصل ڪندي .

“قومي ۽ عوامي جدوجهد ۾ اديبن جو ڪردار” جي موضوع تي ڪالم ۾ عبدالحڪيم ارشد لکي ٿو ته: “سگھارين سوچن جا سرجڻھار پنهنجي قلم جي ذريعي قوم کي پستيء جي پاتال مان ڪڍي ترقيَ جي عروج تي پھچائن ٿا. مردار ۽ مدي خارج سوچن جا سرجڻھار سڄي قوم جي ستيا ناس ڪرڻ ۽ ان جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آهن.  ادب ; قومن جي فڪر ۽ فڪري  لاڙن کي مثبت راھن ڏانهن موڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو.  ادب قوم جي اجتمائي ضمير جو آئينو آهي جنهن جي ذريعي ڪنهن به قوم جي اجتمائي نفسيات جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.  انهيءَ ڪالم ۾ ھن پنهنجي ادراڪ سان مسئلن جو حل پيش ڪيو آهي ۽ واٽ ڏسي آهي. عبدالحڪيم “ارشد” شعوري لاٽ ٻاريندڙ ليکڪ آهي جنهن جي لکڻين ۾ انقلاب  جا خواب آهن.

سکن واري سڌ ; متان ڪا مون سين ڪري

اندر جنين جا اڌ،  ڏونگر سي ڏورينديون ! (شاھ لطيف )

”ظالم حڪمران شينهن کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿين ٿا“ عنوان سان ڪالم ۾ چين جي مھان ڏاھي ڪنفيوشس جي دور جي نفسيات کي عيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ھڪ عورت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي آهي ته : ” ھڪڙي عورت قبر کي ڳراٽڙي پائي روئي رهي آهي. ڪنفيوشس جڏهن انهيءَ عورت کان روئڻ جو سبب پڇيو ته مائيءَ روئندي چيو ته ھن قبر ۾ منھنجو پٽ دفن ٿيل آهي جنهن کي شينهن چيري ڦاڙي ماري ڇڏيو ھو .“

ڪنفيوشش انتھائي حيرت وچان مائي کي چيو ته : پوء اھڙي خطرناڪ جاء کي ڇڏي ڇو نه ٿي ڏين.  “

عورت جواب ڏنو ته : ڇڏيان انهيَ ڪري نٿي  جو ھتي ڪنهن ظالم حڪمران جي حڪومت ناهي.

ھي ھڪ بھترين ڪالم آهي جنهن مان ھڪ سبق آموز ڪھاڻي ملي ٿي ۽ فڪر جي گھرائيءَ واري سوچ مھيا ڪري ٿي .

تاريخ جو ھڪ درد ناڪ واقعو ( روھيلي جي مغل شھنشاھ سان جٺ ) جي عنوان سان ھن ڪالم ۾ ان دور جي نفسيات کي عيان ڪيو ويو آهي ۽ تاريخ جي ھڪ جھلڪ ڏيکاريندي، وقت جي بي رحميءَ کي پڙھندڙ آڏو ظاهر ڪيو ويو آهي .

ڪالمن جي ڪتاب  ” ڏونگر ڏاري وينداسين ” ۾ ادب،  سنڌ ۽ سياست تي بھترين ڪالم موجود آهن جنهن جي مطالعي کانپوء تمام  گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. اھي ڪالم پنهنجي افاديت جي حوالي سان اھميت وارا آهن. شاعر جي قلم مان خوبصورت ڪالم پنهنجي فڪري ڇاپ سان ذهن جي درين کي کولڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندا .

_______________

Waheed Mohsin-TheAsiaN

وحيد محسن شاعر آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button