عمرڪوٽ جتي تند وڙهِي تلوارن سان…
عمرڪوٽ جو ڌرڻو ۽ احتجاج ٻڌائي ويو ته جڏهن ماڻهو گڏ ٿين ٿا ته بي انصافي جا قلعا لرزي پون ٿا. عوامي احتجاج ثابت ڪيو ته عوام جو سچو آواز، جيڪڏهن ثابت قدمي سان اٿاريو وڃي ته اهو ڪنهن به ناانصافي کي جهڪائي سگهي ٿو.
سوال سادو آهي ڇا رياست جو مطلب سماج جي ڪمزور پرتن، عورتن تي تشدد آهي؟ وڏيرن جي ونگار وهندي جڏهن پوليس چڙهائي ڪري ٿي، تڏهن اهو منظر ڪنهن جمهوري حڪومت جو نه پر ڪو ٻيو ئي لقاءُ پيش ڪري ٿو.

مُشتاق ٽانوري
عمرڪوٽ ۾ ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي. وڏيرن جي ونگار وهندي غريب مسڪين ماڻهن کان گھر خالي ڪرائڻ لاءِ عدالتي حڪم جو سھارو ورتو ويو ۽ زبردستيءَ گھر خالي ڪرائي سامان گھٽيءَ ۾ اُڇلايو ويو. ڳالھ صرف ايتري به ناهي. معصوم نياڻين ۽ عورتن تي بدترين تشدد ڪري، سندن ڪپڙا ڦاڙي، ٽنگو ٽالي ڪري کين پوليس جي گاڏين ۾ اڇلايو ويو. پوليس نياڻين سميت 12 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. نياڻيون ڪيھاٽ ڪنديون روئنديون رھيون. 100 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ڳوٺاڻن پاران زبردست مزاحمت ڪئي وئي.
پوليس ڪاروائي ۾ بي گھر ٿيندڙ معصوم ٻارڙي رضيه ماڇي کي پاليل ڪڪڙ سان تمام گهڻو پيار هو، هن گهر جو سامان ته نه سنڀاليو پر پنهنجي ڪڪڙ کي ڪڇ ۾ کڻي سنڀالي ورتو، هُن پنهنجو پيارو ڪڪڙ کڻي روئندي سيد حبيب شاھ کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا. پوليس عمرڪوٽ ٿاڻي تي ايس ايڇ او سٽي احمد بخش راھمون جي فرياد تي 15 سڃاتلن سميت 70 ماڻھن تي سرڪاري ڪم ڪار ۾ مداخلت ڪرڻ، لٺين ڪھاڙين ۽ پٿرن سان حملو ڪرڻ جي الزامن ھيٺ ڪس داخل ڪيو.

ماڇي برادري جي عورتن ۽ مردن خير محمد، تاج محمد، محمد عرس، جميلا، ڪريمان ، زرينه ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اهي گذريل ھڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان ھتي رھن پيا پر پوليس بااثرن جي چرچ تي کين لڏائڻ چاھي ٿي. پوليس نوجوان ڇوڪرن ۽ مردن کي ٻن ڏينھن کان گرفتار ڪري بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻ گھرن تي ڪاھ ڪري عورتن کي زبردستي گهلي گرفتار ڪري وئي آھي ۽ مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. جيڪا وڏي زيادتي آھي.
پلاٽ تي مالڪي جي دعوي ڪندڙ حبيب الله شاھ ۽ سندس ڀاءُ علي حيدر شاھ جو چوڻ آهي ته سروي نمبر 909/16 وارو پلاٽ، جنهن جي ڪُل ايراضي لڳ ڀڳ 10 هزار 600 چورس فٽ آهي، هنن عالم پلي کان خريد ڪيو هو ۽ مڪمل رقم ادا ڪئي وئي هئي، پلاٽ بابت تڪرار بعد معاملو ڊپٽي ڪمشنر وٽ پيش ٿيو، جتي ڪاغذن جي جاچ بعد فيصلو سندن حق ۾ ٿيو، ان کانپوءِ ڪيس ڪورٽ ۾ هليو ۽ 2017ع ۾ ڪورٽ پڻ فيصلو سندن حق ۾ ڏنو، 1998ع ۾ پلاٽ خريد ڪيو ويو جڏهن ته 2017ع ۾ رجسٽري مڪمل ٿي. گذريل 30 سالن کان هلندڙ ڪيسن ۾ هر دفعي فيصلو سندن حق ۾ آيو آهي. ايس ايڇ او سٽي احمد بخش راھمون جو چوڻ آهي ته پلاٽ تي مالڪي جي دعوي ڪندڙ حبيب الله شاھ عدالت ۾ ڪيس کٽيو آھي، عدالت جو فيصلو حبيب الله شاھ جي حق ۾ آيو آھي، پوليس مختيارڪار سان گڏ عدالتي حڪم تي قبضو خالي ڪرايو آھي.

ماڇين جي گهرن وارو ڄاڻايل پلاٽ دراصل ڍوري ناري جي وڏي ۽ مشهور زميندار قاضي نورمحمد پلي جو هو جيڪو 1939ع ۾ هن پنهنجي مال جي واڙي لاءِ ورتو هو. پلاٽ اڳتي هلي شهر وڌڻ جي ڪري شهر جي وچ ۾ اچي ويو جتي قاضي نورمحمد پلي جي فرزند قاضي محسن پلي اوطاق جو بنگلو ٺهرايو جڏهن ته ان پلاٽ جي آسپاس خالي پيل سرڪاري پلاٽ تي 1973ع ڌاري ناري پٽ جي غريب ماڇين پنهنجا اجها اڏي رهائش اختيار ڪئي جن جي قاضي محسن پلي مرحوم پنهنجن ٻچن وانگر سار سنڀال لهندو رهيو ۔ڪجهه سال اڳ قاضي محسن جي اوطاق واري جڳهه سندس پونيئرن وڪرو ڪري کيجراڙي جي شاهن کي ڏني جن تازوئي ساڳي جڳهه انهن شاهن اهو چئي وڪرو ڪئي ته جڳهه جي آسپاس موجود ماڇين جي گهرن وارو پلاٽ به انهن جي ملڪيت آهي. اصل ۾ اها بي ايماني تي ٻڌل سندن غلط بياني هئي۔ آخر ڪار جڏهن نئين خريدار شاهن کان قبضي جي گهر ڪئي تڏهن هنن عدالت جو در کڙڪايو جنهن ۾ کين جڳهه جي مالڪي وارو فيصلو جيئن ئي مليو ته هنن ماڻهپي جا سڀ ليڪا لتاڙيندي ماڇين جي گهرن کي بربريت جي ور چاڙهي ڇڏيو۔
عمرڪوٽ جي ڌرتيءَ تي جڏهن بي وس ماڇي برادريءَ جي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي ظلم جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، تڏهن شهر جي ضمير جا ڏيئا وسامڻ بدران وڌيڪ روشن ٿي اُڀريا. درد جي دانهن جڏهن گهٽين مان نڪري عوامي سڏ بڻجي وئي، تڏهن عمرڪوٽ جا باشعور ماڻهو انصاف جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويا. سندن آواز ۾ اهڙو اثر هو، ڄڻ سچائيءَ جي صدا وقت جي ڀتين سان ٽڪرائجي حڪمرانن جي ڪنن تائين پهچي وئي هجي. عوامي احتجاج ۽ ڌرڻي جو اهو منظر رڳو نعريبازي نه هو، پر اهو انسانيت جي حقن لاءِ بيٺل هڪ زنده ضمير جو اعلان هو. ماڻهو گرمي، ٿڪ ۽ ڏک کي وساري هڪ مقصد مظلومن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ بيٺا رهيا.

سڄي سنڌ ۾ احتجاجن سان گڏ سوشل ميڊيا جي سڀني وسيلن تي ان وحشياڻي ڪاروائي جي مذمت ڪئي وئي. نيٺ اهو آواز اقتدار جي ايوانن تائين پهتو ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت کي نوٽيس وٺڻو پيو. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ، گھرو وزير ضاءُ لنجار، تعليم وارو وزير سردار شاھ، ايم اين اي نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻيا عوامي احتجاجن ۽ سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اٿارڻ کانپوءِ غفلت جي ننڊ مان جا ڳيا. آءِ جي جاويد عالم اوڍو عمرڪوٽ ۾ عورتن تي تشدد واري واقعي جو نوٽيس ورتو، ڊي ايس پي، ايس ايچ او سميت سمورا پوليس اهلڪار معطل ڪري ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي، جاچ ڪاميٽي ۾ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز پڻ شامل هوندا. ڊي آءِ جي ميرپورخاص ڪيپٽن ليفٽنٽ فيصل عبدالله چاچڙ 26 فيبروري 2026 تي ليٽر نمبر 1885/89جاري ڪندي عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد بخش راهمون، ايس ايڇ او وومين ۽ چلڊرينس پوليس اسٽيشن خوشبخت شبانه ناز، اي ايس آءِ ڪاشف حسين شاھ، هيڊ ڪانسٽيبل جميل احمد ۽ عورت اهلڪارن شاهين، فاطمه اڪبر، زيب النساء، ثوبيه ۽ شاھ رُخ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
سگھارن احتجاجن ۽ موثر آواز اٿارڻ تي پيپلزپارٽي جو مقامي اڳواڻ بُرهان الدين ڪُنڀار، وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري ۽ ٻيا ڌرڻي واري هنڌ پهتا. ميونسپل چيئرمين خالد سراج سومرو پاڻ متاثر عورتن وٽ پهتو، چيئرمين متاثر عورتن کي پوتيون پارايون ۽ ساڳي جاءِ تي ٻيهر آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته نااهل آفيسرن ماڇي برادري جي گھرن تي چڙھائي ڪئي آهي هو مذمت ڪري ٿو. پھرين ڳالهه اهي ڪوڙا کاتا آهن، ان جي باوجود جيڪڏھن ڊي سي عمرڪوٽ چوي ٿو ته هي سچا کاتا آهن ته پئسا ٻڌائي ته هو ادا ڪندو. هُن پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته واقعي پويان ڪنهن جا هٿ آهن. هُن ماڇي برادري جي 18 عورتن ۾ پنجاھ پنجاھ ھزار روڪ رقم مدد طور ڏني.
اهو منظر فتح جي پرچم جهڙو لڳو، ڄڻ حق جي جهيڙي ۾ سچائي سوڀاري ٿي هجي. هي واقعو صرف انتظامي ڪارروائي نه، پر عوامي اتحاد جي طاقت جو جيئرو ثبوت بڻجي سامهون آيو. عمرڪوٽ جو ڌرڻو ۽ احتجاج ٻڌائي ويو ته جڏهن ماڻهو گڏ ٿين ٿا ته بي انصافي جا قلعا لرزي پون ٿا. عوامي احتجاج ثابت ڪيو ته عوام جو سچو آواز، جيڪڏهن ثابت قدمي سان اٿاريو وڃي ته اهو ڪنهن به ناانصافي کي جهڪائي سگهي ٿو.عمرڪوٽ جي ماڻهن پنهنجي عمل سان اهو پيغام ڏنو آهي ته ظلم ڪيترو به سگهارو ڇو نه هجي، گڏيل مزاحمت جي اڳيان ڪمزور ئي ثابت ٿيندو ۽ هي سوڀ رڳو ماڇي برادري جي نه، پر هر اُن انسان جي آهي، جيڪو انصاف، عزت ۽ حقن جي حفاظت لاءِ بيهڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿو.
قبضو خالي ڪرائڻ جي نالي ۾ سنڌ پوليس جو جيڪو ڊريڪولائي چهرو سامهون آيو آهي، ان نه صرف قانون جي بالادستيءَ جي دعوائن کي چٿر بڻائي ڇڏيو آهي پر سماج جي ضمير کي به زخمي ڪري ڇڏيو آهي. سوال سادو آهي ڇا رياست جو مطلب سماج جي ڪمزور پرتن، عورتن تي تشدد آهي؟ وڏيرن جي ونگار وهندي جڏهن پوليس چڙهائي ڪري ٿي، تڏهن اهو منظر ڪنهن جمهوري حڪومت جو نه پر ڪو ٻيو ئي لقاءُ پيش ڪري ٿو. گهرن ۾ گهڙي عورتن کي گهليو وڃي، سندن چادر جي بي حرمتي ڪئي وڃي، ٻارن جي سامهون سندن مائرن تي تشدد ڪيو وڃي. عورتن تي تشدد ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿو ٿي سگهي. اهو نه صرف اخلاقي ڏوهه آهي، پر قانوني طور به سنگين جرم آهي..
________________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



