Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جو اصل مسئلو وسيلن جي کوٽ نه، صحيح سوچ جي کوٽ آهي

جيڪڏهن اسان پنهنجي سوچ بدلائي، خود ترسي ڇڏيون، ۽ عمل کي ترجيح ڏيون، ته ڪا به شيءِ اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نه سگهندي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان شڪايتن کي ڇڏي، عمل جو رستو اختيار ڪريون. ٻي صورت ۾، خودترسي يعني پاڻ کي مظلوم بنائي پيش ڪرڻ  اسان کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيندي، جو اسان پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ويهنداسين.

علي نواز راهمون

سنڌ جي سماج ۾ اڄ جيڪو سڀ کان وڏو مسئلو آهستي آهستي پاڙون پُختيون ڪري رهيو آهي، اهو آهي “خود ترسي” يعني Self-Pity. هي فقط هڪ عادت يا عارضي جذبو نه، پر هڪ اهڙي نفسياتي بيماري بڻجي چڪي آهي، جيڪا فرد کان وٺي پوري سماج تائين اثر انداز ٿي رهي آهي. اسان وٽ ماڻهو پنهنجي حالتن، مشڪلاتن ۽ ناڪامين جو ذميوار پاڻ کي سمجهڻ بدران ٻين تي ذميواري وجهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. نتيجي ۾، نه صرف ترقيءَ جا در بند ٿين ٿا، پر سماج مجموعي طور پوئتي رهجي وڃي ٿو.

اڄ جيڪڏهن اسان ٻين علائقن سان پنهنجو مقابلو ڪريون، ته واضح فرق نظر اچي ٿو. مثال طور، ٻين علائقن جا نوجوان پڙهائي سان گڏ محنت، پارٽ ٽائيم نوڪريون ۽ نيون مهارتون سکڻ ۾ مصروف آهن. هو پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ ننڊ، آرام ۽ تفريح قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. جڏهن ته سنڌ ۾، گهڻن نوجوانن ۾ اهڙي جذبي جي کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان وٽ جيڪڏهن ڪو نوجوان ٿوري محنت ڪري ٿو، ته گهر وارا ئي کيس همدرديءَ جو مرڪز بڻائي ڇڏين ٿا. “ٻچڙو ٿڪجي پيو آهي”، “ننڊ ڪرڻ جو موقعو بہ نٿو مليس”، جهڙيون ڳالهيون کيس وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪين ٿيون.

هيءُ فرق رڳو فردي سطح تي نه، پر هڪ مجموعي سوچ جو نتيجو آهي. اسان وٽ محنت کي تڪليف ۽ آرام کي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته ترقي يافته سماجن ۾ محنت کي ئي ڪاميابيءَ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو.

هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا ڪيترائي نوجوان پنهنجي حالتن کي پنهنجي قسمت سان ڳنڍي ڇڏين ٿا. جيڪڏهن نوڪري نه ملي، ته چون ٿا “وسيلن جي کوٽ آهي”، “سفارش ناهي”، “حالتون خراب آهن”. اهي سڀ حقيقتون ٿي سگهن ٿيون، پر سوال اهو آهي ته انهن حالتن کي بدلائڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي وئي آهي؟ ڇا اسان نيون مهارتون سکڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا اسان شهرن ڏانهن لڏي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟ يا صرف ويهي شڪايتون ڪرڻ ۾ ئي وقت گذاري رهيا آهيون؟

ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾، جتي ملڪ جي مختلف علائقن مان ماڻهو اچي محنت ڪري رهيا آهن، اتي هڪ عام منظر آهي ته ٽيڪسي ڊرائيور، پلمبر، اليڪٽريشن، مڪينڪ ۽ ٻين فني ڪمن سان لاڳاپيل ماڻهو گهڻو ڪري ٻين صوبن مان آهن. اهي ماڻهو نه رڳو پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا، پر پنهنجي خاندانن کي به سهارو ڏين ٿا. سوال اهو آهي ته جڏهن اهي ماڻهو هزارين ميل سفر ڪري هتي اچي سگهن ٿا، ته سنڌ جا مقامي ماڻهو ڇو نه ٿا ڪري سگهن؟

اسان وٽ فني تعليم (Technical Skills) جي به وڏي کوٽ آهي. نوجوان ڊگريون ته حاصل ڪن ٿا، پر عملي مهارتون سکڻ کان لنوائن ٿا. ڊرائيونگ، ڪمپيوٽر، اليڪٽريڪل ڪم، يا ٻيا هنر سکڻ کي گهٽتائي سمجهيو وڃي ٿو. نتيجي ۾، جڏهن نوڪريون نه ملن، ته مايوسي وڌي وڃي ٿي.

ان کان علاوه، نوڪرين جي چونڊ ۾ به هڪ مخصوص ذهنيت نظر اچي ٿي. اسان وٽ اڪثر ماڻهو سرڪاري نوڪرين کي ترجيح ڏين ٿا، خاص ڪري اهي نوڪريون جن ۾ ڪم گهٽ ۽ تحفظ وڌيڪ هجي، جهڙوڪ پٽيوالو، ڪلارڪ يا استاد. انهن نوڪرين جي خواهش جا سبب به دلچسپ آهن:

ڪم گهٽ هوندو آهي

نوڪري محفوظ هوندي آهي

محنت جي ضرورت گهٽ هوندي آهي

وقت تي پگهار ملندي آهي

اهي سبب ظاهر ڪن ٿا ته اسان وٽ محنت کان ڀڄڻ ۽ آرام کي ترجيح ڏيڻ واري سوچ گهڻي مضبوط آهي.

اصل مسئلو هتي نفسياتي آهي. خود ترسي هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي هميشه مظلوم سمجهي ٿو. هو سمجهي ٿو ته دنيا سندس خلاف آهي، حالتون خراب آهن، ۽ هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. اهڙي سوچ انسان کي ڪمزور بڻائي ٿي، سندس اعتماد ختم ڪري ٿي، ۽ کيس عمل کان روڪي ٿي.

اسان وٽ ذهني صحت (Mental Health) بابت شعور جي به کوٽ آهي. جسماني بيماريءَ کي ته بيماري سمجهيو وڃي ٿو، پر نفسياتي بيمارين کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت ۾، خود ترسي، نااميدي، ۽ مايوسي جهڙيون بيماريون وڌيڪ خطرناڪ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي انسان جي سوچ ۽ عمل ٻنهي کي متاثر ڪن ٿيون.

اسان کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته مسئلن کان ڀڄڻ يا انهن تي روئڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. مسئلن جو حل صرف عمل، محنت ۽ مستقل مزاجيءَ سان ممڪن آهي. جيڪڏهن ڪو نوجوان غريب آهي، ته ان لاءِ وڌيڪ ضروري آهي ته هو محنت ڪري، نيون مهارتون سکي، ۽ پنهنجو مستقبل پاڻ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري.

سنڌ ۾ هن وقت هڪ وڏي سطح تي شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسڪولن، ڪاليجن، ميڊيا ۽ سماجي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن نوجوانن ۾ خود اعتمادي، محنت ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ٿئي. ان سان گڏ، نفسياتي صلاح مشوري (Counselling) جي به وڏي ضرورت آهي، جيئن ماڻهو پنهنجي منفي سوچن مان نڪري سگهن.

والدين جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن هو پنهنجن ٻارن کي وڌيڪ لاڏ پيار ۾ رکندا، هر تڪليف کان بچائيندا، ته ٻار زندگيءَ جي سختين کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهندا. ٻارن کي محنت، برداشت ۽ خودمختياري سيکارڻ ضروري آهي.

آخر ۾، اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌ جو اصل مسئلو وسيلن جي کوٽ نه، پر سوچ جي کوٽ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سوچ بدلائي، خود ترسي ڇڏيون، ۽ عمل کي ترجيح ڏيون، ته ڪا به شيءِ اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نه سگهندي.

“حرڪت ۾ برڪت آهي” — هي فقط هڪ چوڻي نه، پر هڪ اصول آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي سماج کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان شڪايتن کي ڇڏي، عمل جو رستو اختيار ڪريون. ٻي صورت ۾، خود ترسي اسان کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيندي، جو اسان پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ويهنداسين.

________________

Ali-Nawaz-Rahimoo-Sindh-Courier-150x150

ليکڪ هڪ سوشل ڊولپمينٽ پروفيشنل آهي ۽ عمرڪوٽ ۾ رھي ٿو.

anrahimoo@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button