سِنڌوءَ جي گُونج: عورتن لاءِ فلم جي خاص شو تي سئنيما ۾ قومي گيتن جي گونج
ڪراچيءَ جي ڊفينس ايريا واري سئنيما جي ھال ۾ سنڌياڻين جذبات ۾ اچي ”اسين ماڻھو لاڙ جا“ گيت جا آلاپ شروع ڪري ڇڏيا. لائونج ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين مور ٿو ٽلي راڻا، لوٽو مونکي آڻي ڏي، ھو جمالو ۽ ٻيا گيت ڳائينديون رھيون
سنڌياڻين کي فلم جي ڊائلاگس گھڻو متاثر ڪيو، جن سان سنڌو درياھ جي صورتحال جي عڪاسي ڪيل آھي. خاص طور اھو ڊائلاگ گھڻو متاثر ڪندڙ ھو جنھن سان اھو پيغام ڏنل آھي تہ سنڌوءَ کي وٽامن سِي Sea جي ضرورت آھي
اسٽاف رپورٽر
ڪراچي
ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڀيرو ھو جڏھن ڪنھن فلم جي موقعي تي سئنيما جو ھال سنڌي قومي گيتن سان گُونجي ويو ھجي. خميس 2 آڪٽوبر 2025 تي ايئن ئي ٿيو. ڊفينس ايريا واري سئنيما ۾ سنڌي قومي گيتن جي گونج ھئي ۽ انھيءَ گونج ۾ سنڌي عورتن جي جھُمر ھُئي.

انڊيجينس وومين فورم منجھند جو اڍائي وڳي نيوپليڪس سئنيما ڊي ايڇ اي ۾ سنڌي فلم سنڌوءَ جي گونج جو خاص عورتن لاءِ شو جو انتظام ڪيو ھو جنھن ۾ ذري گھٽ ھڪ سئو سنڌي عورتون شريڪ ٿيون. فلم جي ھدايتڪار راھل اعجاز، اداڪار انصار مھر ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم جي ميمبرن کي خاص طور دعوت ڏئي گھرايو ويو ھو. فلم جو ٻيو مُک ڪردار اداڪار وجدان شاھ ۽ اداڪارا ثمينہ ڪجھ مصروفيتن سبب نہ اچي سگھيا.
انھيءَ موقعي تي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مکيه شخصيتن کي به ڪوٺ ڏني وئي ھئي جن ۾ سلطانا صديقي، نورالھدا شاھ، الماس مجيب پيرزادو، غزل صديق ۽ ٻيون عورتون شامل ھيون. ھي موقعو نه رڳو فلم شو پر ھڪ ثقافتي پروگرام جي حيثيت اختيار ڪري ويو جنھن ۾ سنڌي عورتن سنڌ جي ساڃاھ، ڏاھپ ۽ روشن خياليءَ جو ھڪ وڏو مثال پيش ڪيو. ڪيترين ئي عورتن کي ڪُلھن تي اجرڪ ھئا ۽ ڪِن کي اجرڪ جي ڊزائن جا ڪپڙا پھريل ۽ ڪِن کي مٿي تي سنڌي ٽوپي ھئي.

انڊيجينس وومين فورم جي ڪنوينر انيسا ميمڻ موجب روبينه بروھي، ڊاڪٽر روبي عباسي، فرزانه سھيل، رياض نوراني، ڊاڪٽر طلعت چنه ، بختاور مظھر، شھربانو ڪاڪا، فزا پتافي، زهرا شالواڻي، سعديه عباسي، ڊاڪٽر ماهين عباسي، ڊاڪٽر نائلا شيخ، فھميده انتخاب، ڊاڪٽر فرحانه ميمڻ، ذڪيه چنه، مارئي اعواڻ، زينت احمد، ڊاڪٽر شان زهرا، صائمه اعجاز، سنڌيا سومرو، نادرا اعجاز۽ پِرھ اعجاز سميت وڏي تعداد ۾ سنڌ جون روشن خيال عورتون فلم ڏسڻ لاءِ آيون.
فورم جي ڪنوينر انيسا ميمڻ چيو تہ هيءُ خاص شو رُڳو هڪ فلم جو ڪو عام شو نہ ھو پر ھڪ ثقافتي پروگرام ھو جنھن جو مقصد گھُٽ ٻُوسٽ ۽ وڌندڙ انتھا پسنديءَ واري ماحول ۾ اھو سنديس ڏيڻ ھو تہ سنڌ ۾ روشن خياليءَ جي لاٽ کي قائم رکڻو آھي.

بين الاقوامي سطح تي تيار ٿيل پھرين سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي گُونج“، جنھن کي پھرين سنڌي آرٽ فلم ھجڻ جو اعزاز بہ حاصل آھي، جڏھن پُوري ٿي تہ سئنيما ھال اندر ھڪ قومي گيت ”اسين ماڻھو لاڙ جا، درياھ جي پڇاڙ جا“ جو آلاپ شروع ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سموريون عورتون ھڪ آواز ٿي اھو گيت ڳائينديون رھيون.
سمورو گيت ڳائڻ کانپوءِ وري سنڌياڻيون سئنيما جي لائونج ۾ گڏ ٿيون جتي ھو جمالو، مور ٿو ٽِلي، لوٽو مونکي آڻي ڏي ۽ اھڙن ٻين گيتن جي گونجار تي سندن جذباتي ناچ ماحول کي گرمائي ڇڏيو. فلم پوڻين چئين وڳي پوري ٿي ھئي پر قومي گيتن تي سنڌياڻين جي جھُمر پنجين وڳي تائين جاري رھي.

سنڌياڻين کي فلم جي ڊائلاگس گھڻو متاثر ڪيو، جن سان سنڌو درياھ جي صورتحال جي عڪاسي ڪيل آھي. خاص طور اھو ڊائلاگ گھڻو متاثر ڪندڙ ھو جنھن سان اھو پيغام ڏنل آھي تہ سنڌوءَ کي وٽامن سِي Sea جي ضرورت آھي، يعني درياھ ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو وڃي جو ھُو سمنڊ سان ملي سگھي.
جڏھن سِنڌو درياھ پاڻ بہ موج مستيءَ ۾ آيو تڏھن بين الاقوامي سطح تي تيار ٿيل پھرين سنڌي فيچر آرٽ فلم ”سِنڌُوءَ جي گُونج“ بہ ڊگھي انتظار کانپوءِ ٻارھين سيپٽمبر کان سنڌ جي سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي ھئي. پھرين مرحلي ۾ ھيءَ فلم ھڪ ئي وقت حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي سئنيمائن ۾ ڏيکاري وئي، جنھن کانپوءِ 19 سيپٽمبر کان ڪراچيءَ جي چئن سئنيمائن ۾ نمائش شروع جيڪا ھڪ ھفتو جاري رھي.

ھيءَ پھرين انٽرنيشنل سنڌي فلم آھي جيڪا بنگلاديش، ڪوريا ۽ ڪجھ ٻين ملڪن جي فني سھڪار سان ٺاھي وئي آھي. ھن فلم جي شوٽنگ تہ سنڌ ۾ سنڌوءَ ۾ ڪئي وئي پر فلم جي سموري پوسٽ پراڊڪشن ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش ۾ ٿي.
سنڌوءَ جي گونج ۾ وجدان شاھ، انصار مھر ۽ ثمينہ اھم ڪردار طور ڪم ڪيو آھي. ھيءَ فلم سنڌو درياھ ۽ ان سان جُڙيل ماڻھن جي پنج ڪھاڻين تي مشتمل آھي.
ھن فلم جو پريمئر ھلندڙ سال جنوريءَ ۾ ڪراچيءَ جي ھڪ سئنيما ۾ ٿيو ھو جنھن تي مُلڪ جي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي آيل تبصرن ۾ فلم جي ڪھاڻي، ڊائلاگس ۽ پڪچرائيزيشن کي تمام گھڻو ساراھيو ويو ھو. انھن ئي ڏينھن ۾ ھيءَ فلم جئپور، انڊيا جي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ بہ نمائش لاءِ پيش ٿي ھئي جتي پڻ اُن کي تمام گھڻو ساراھيو ويو. گذريل آگسٽ مھيني جي سترھين تاريخ تي ھيءَ فلم ڪِلائيميٽ ائڪشن سينٽر ڪراچيءَ جي نيشنل اڪئڊمي آف پرفارمنگ آرٽ (ناپا) ۾ ٿيل پروگرام ۾ ڏيکاري وئي. ھيءَ فلم ڪلائيميٽ ائڪشن سينٽر جي ”حياتين جو تصور ڪري“ پروگرام جي حصي طور نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي.
فلم جي ليکڪ، پروڊيوسر ۽ ھدايتڪار راھُل اعجاز جو چوڻ آھي تہ سنڌ جا ماڻھو سِنڌُوءَ سان جُڙيل ماڻھن جي حياتين کي ھن فلم ۾ ڏسي سگھن ٿا. ”ھِن فلم جي ڪھآڻيءَ تي منھنجي حياتيءَ جا ڪيئي ورھيہ لڳي ويا. اھم ڳالھ ھيءَ آھي تہ فلم جي ڪھاڻي موسمياتي تبديلين جي سنڌوءَ ۽ ان سان لاڳاپيل انسانن جي حياتين تي ڇڏيل اثرن جي عڪاسي ڪري ٿي،“ ھُو چوي ٿو.

ٻي خُوشيءَ جي ڳالھ ھيءَ آھي تہ سنڌوءَ جي گونج Indus Echoes ھلندڙ آڪٽوبر مھيني جي يارھين تاريخ لنڊن واري پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ بہ ڏيکاري ويندي. فلم فيسٽيول 10 کان 12 آڪٽوبر تائين جينيسز سئنيما ۽ ڪُئين ميري يونيورسٽيءَ ۾ ھلندو.
ھدايتڪار ۽ اسڪرپٽ رائٽر راھُل اعجاز جي ھن فلم کي اھو اعزاز حاصل ٿي ويو آھي تہ اٺاويھ ورھين جي ڊگھي عرصي کانپوءِ سنڌ جي سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيڻ سان سنڌي فلم انڊسٽريءَ جي بحاليءَ جو بنياد وجھي رھي آھي. سنڌي عوام طرفان ھن فلم کي سُٺي موٽ ڏيڻ سان نہ رُڳو ايندڙ وقت ۾ سنڌي فلمون ٺاھڻ لاءِ فلمسازن ۽ ھدايتڪارن جي ھمت افزائي ٿيندي پر سنڌي فلم انڊسٽري بحال ٿيندي ۽ سنڌي ليکڪن، فنڪارن، ڪلاڪارن ۽ فلمي شعبي سان لاڳاپيل ٻين سمورن شعبن ۾ روزگار جا وڏا موقعا کُلي پوندا ۽ سنڌين کي پنھنجي صلاحيتن ڏيکارڻ جو موقعو ملندو. سنڌ حڪومت کي بہ انھيءَ ڏس ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ سنڌي فلمي صنعت جي بحاليءَ لاءِ فلمسازن جي مالي مدد ڪري.
انھيءَ کان اڳ راھل اعجاز جي ھڪ شارٽ فلم ”رڻ مان لنگھندڙ ريل گاڏي“ عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چُڪي آھي. انھيءَ فلم جا آمريڪا، ترڪي، انڊيا، ميڪسيڪو، قازان (روس) ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪوٺايل عالمي فلم فيسٽيولز ۾ تيرھن پريميئر ٿيا ھئا. قازان واري انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ راھل اعجاز پاڻ بہ شريڪ ٿيو ھو.
___________