Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سامراجي انٽيليڪچوئل ۽ فڪري فريب: سامراجي مشين لاءِ ڪم ڪندڙ انٽيليڪچوئل

اهي انٽيليڪچوئل اوچتو ڪٿي به پيدا ناهن ٿيندا. اهي هڪ خاص نظام جي پيداوار آهن جنھن جي ڪارخانن ۾  يونيورسٽيون، ميڊيا ھائوس، ٽي وي چينل، ٿنڪ ٽينڪن جون آفيسون شامل آھن.

جيئن ته اھي انٽيليڪچوئل طاقتور مشين جي لاءِ نهايت ڪارآمد هوندا آهن، تنهنڪري نظام کين انعام ڏئي ٿو، تحقيقي گرانٽون، سرڪاري خرچ تي غير ملڪي دورا ڪرائي، ميڊيا ۾ نمايان جاءِ، ادارن ۾ تقرريون، حڪومتي وزارتون ڏنيون وڃن ٿيون.

جيڪي ماڻھو سڌيءَ ريت نظام جي ناڪامين جو شڪار آهن، تن وٽ کرو سچ آھي ۽ توھان انھن کان سکي سگھو ٿا.  جتي سرڪاري دانشور، گرانٽ وڃائڻ يا پوزيشن وڃائڻ جي ڊپ سبب سچ نٿا ڳالهائي سگهن تڏھن حق چوڻ جي ذميواري دانشور کان ھٽي بيروزگارن ڏانھن وڃي ٿي. جن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي

پيتامبر لوھاڻو

اڄ اسان سامراجي مشين لاءِ ڪم ڪندڙ انٽيليڪچوئل آپريٽرن تي ڳالھ ٻولھ ڪريون ٿا ۽ انھن جي ماڳن ۽ مڪانن کي ڳولڻ سان گڏ انھن جي طريقي واردات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اهي انٽيليڪچوئل اوچتو ڪٿي به پيدا ناهن ٿيندا پر اهي هڪ خاص نظام جي پيداوار آهن جنھن نظام جي ڪارخانن ۾  يونيورسٽيون، ميڊيا ھائوس، ٽي وي چينل، ٿنڪ ٽينڪن جون آفيسون شامل آھن.  جيئن ⁠ته اھي انٽيليڪچوئل طاقتور مشين جي لاءِ نهايت ڪارآمد هوندا آهن، تنهنڪري نظام کين انعام ڏئي ٿو، تحقيقي گرانٽون، سرڪاري خرچ تي غير ملڪي دورا ڪرائي، ميڊيا ۾ نمايان جاءِ، ادارن ۾ تقرريون، حڪومتي وزارتون ڏنيون وڃن ٿيون.

مسئلو رڳو اهو ناهي ته اھي انٽيليڪچوئل ڪوڙ ڳالهائن (جيڪو ھو بي حد ڳالھائن ٿا) پر ان کان وڏو مسئلو اهو آهي ته سچ پيدا ڪرڻ واري فيڪٽري جي بناوٽ بدلجي چڪي آهي. انھن ھڪ اھڙي نظرياتي ٻولي ٺاھي آھي جيڪا لفظن جي معنيٰ کي تبديل ڪري ٿي ۽ حقيقت جي مردہ ڪري ٿي. جڏھن لفظ نرم ٿيندا وڃن ٿا تڏھن  تنقيد محض ٽيڪنيڪي بڻجي وڃي ٿي.  مثال طور جنگي جرائم چوڻ جي بجائي اھي انٽيليڪچوئل انھن کي سيڪيورٽي آپريشن جو نالو ڏين ٿا. سامراج کي ھو عالمي قيادت چئي قبوليت ڏيارين ٿا. ٻين ملڪن يا اقليتي قومن تي قبضي کي ھو استحڪام مشن چئي حقيقت تي پڙدو وجھن ٿا. ان کان علاوہ ڪارپوريٽ مفادن کي اسٽيڪ هولڊر اينگيجمينٽ، نجڪاري کي مارڪيٽ سڌارا،  ماڻھن جي بيروزگاري کي ري اسٽرڪچرنگ، ۽ عوام جي استحصال کي چيلينجنگ پاليسي چئي عوام کي دوکو ڏين ٿا. نظرياتي ٻوليءَ جي تبديلي بطور فڪري انجنيئرنگ سان نہ فقط لفظ بدلجن ٿا پر حقيقت جي بناوت به بدلجي وڃي ٿي۔ لفظ رڳو بيان نه هوندا آهن، اهي حقيقت جون حدون مقرر ڪندا آهن ۽ انھن جي تبديلي ۾ طاقت پاڻ کي محفوظ ڪري وٺندي آهي.

      انٽيليڪچوئل ھڪ علامتي ڪردار طور سمجھڻ گھرجي جيڪو مخصوص طبقي جي خدمت ڪري ٿو. جنھن جو تعلق خاص مراعات يافته اقليت يا گروہ سان آھي. ان کي پيچيده معلومات جو تجزيو ڪرڻ جي تربيت هوندي آهي، اهي ڊيٽا  ڏسي ۽ سمجھي سگهن ٿا، علم جو سڄو بنيادي ڍانچو انھن جي قدمن ۾ ھوندو آھي. اھي ٽيڪنوڪريٽڪ يا پاليسي سازن جا خادم هوندا آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ اهي ئي معقول ۽ ذميوار ماڻهو ھوندا آهن. يعني طاقت سان ويجهڙائپ جو هڪ ڪردار جيڪو رياست يا ڪارپوريٽ طاقت جي بنيادي مقصدن کي نہ صرف هڪ مستقل حقيقت طور قبول ڪري وٺي ٿو پر ان کي عوام ۾ قبوليت ڏيارڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. توهان کي لڳي ٿو ته توهان وٽ دنيا جي سڄي معلومات تائين رسائي آهي، پر حقيقت ۾ توهان الگورٿم جي ٺهيل هڪ فلٽر ۾ ڦاٿل آهيو، جيڪو توهان جي اڳواٽ موجود تعصبن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ توهان کي اشتهار ڏيکاري ٿو. ھاڻي توهان صرف پراڻي قسم جي سنسرشپ سان نه وڙهي رهيا آهيو، پر بيحسي، معلوماتي ڀرمار ۽ هڪ اهڙي معاشي نظام سان وڙهي رهيا آهيو جيڪو ڌيان ڀٽڪائڻ مان نفعو ڪمائي ٿو. ھن مشين جو ڪم وھم کي علم بنائڻ آھي.

انٽيليڪچوئل جي پھرين سڃاڻ اھا آھي تہ ھو اھڙا سوال نہ پڇندو جيڪي رياست يا ڪارپوريٽ دنيا جي مفادن جي خلاف ھجن. مثال طور ڇا جنگ جائز آهي؟  

ڇا هي نظام خود ساختہ معاشي ۽ سماجي اڻ برابري پيدا ڪري ٿو؟ ڪٿي ھي ترقي جو ماڊل ئي خود مسئلو تہ ناهي؟ ھو اھي سوال پڇڻ جي بدران جنگي جنون کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۾ مشين جي مدد ڪري ٿو. ھو  معاشي ۽ سماجي اڻ برابري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ  انھن کي عوامي قبوليت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.  هو بحٿ کي مقصدن تي نه، پر طريقيڪار ۽ لفاظي ۾ لڪائي ٿو۔ هو نظام جي بنيادي ڍانچي کي چئلينج نٿو ڪري، بلڪه ان جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔ هو سامراجي مشين جي سياسي خواهشن  مثال طور جنگ، يا واپاري معاهدن جيڪي اشرافيه کي فائدو ڏين ٿا تن کي قومي مفاد، نظريہ ضرورت، ترقي ۽ ناگزير حقيقت جي ٻوليءَ ۾ ويڙهي پيش ڪري ٿو.

انهيءَ ڪري ھو اسٽيبلشمينٽ لاءِ هو قابل قبول آهي، ڇو⁠ته هو مشين جي بنيادن کي لوڏڻ جي بجائي ان جي سسٽم اندر رهي ڪم ڪري ٿو. جيڪڏهن سامراج اهو طئي ڪري وٺي ته ان جو مقصد ڪنهن پرڏيهي ملڪ يا ملڪ جي اندر فوجي طاقت جو استعمال ڪرڻو آهي، ته انٽيليڪچوئل اهو سوال نٿو اٿاري ته ڇا اهو درست آهي؟ ان جي بدران هو سوال اھڙي ريت ترتيب ڏئي ٿو جنھن سان فوجي طاقت جو استعمال وڌيڪ مؤثر بڻائي سگھجي. ھو مشورا ڏي ٿو تہ مقامي مزاحمت کي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو وڃي؟ ميڊيا جو بيانيه ڪيئن تيار ڪجي ته جيئن عوامي حمايت برقرار رهي؟ سفارتي ردِعمل کي ڪيئن منظم ڪيو وڃي؟ ان جو ڪردار اهو هوندو آهي ته هو سامراجي ۽ ڪارپوريٽ جي ڪيل فيصلن لاءِ اخلاقي، سائنسي ۽ ترقي پسندانہ جواز مهيا ڪري گويا هو رضامندي جو ڊاڪٽر آهي          .

انٽيليڪچوئل  جو ڪم ”عقليت  کي قيدي“ ڪرڻ آھي جنھن سبب ماڻهن وٽ معلومات مڪمل نہ ٿي پھچي. ”قيدي عقليت“ جي اصطلاح نڪولس آٽ ڏني ھئي جنھن موجب ماڻھن وٽ جيڪا معلومات آهي، سا اڳ ئي فلٽر ٿيل آهي، ۽ ھو مجبور آھن تہ فيصلا اُن فريم ورڪ اندر رھي ڪن جيڪا سسٽم انھن کي مھيا ڪري ٿو. ھو بحث کي اخلاقي الزام کان سسٽم ڏانهن منتقل ڪري ٿو۔ ھن جي خيال ۾ عوام غلط فيصلا ان ڪري نہ ٿو ڪري جو ھو غير سنجيده يا جذباتي آهي پر عوام انهن عقلي حدن اندر قيد آهي جيڪي انهن لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. ان عقلي قيد ۾ ميڊيا مخصوص سوالن تائين بحث محدود ڪري ٿي جيڪي سسٽم ان کي اجازت ڏي ٿي. يونيورسٽيون مخصوص موضوعن کي قبوليت ڏيڻ جي لاءِ رياست ۽ سامراج مخالف بيانہ کي ڪتابن ۾ قيد ڪري رکي ٿي، ٿنڪ ٽينڪ اھڙي پاليسي فريم مقرر ڪن جو عوام جو عقل مقرر ڪيل حدن کان ٻاھر نڪري ڪو انتخاب نہ ڪري۔ هو عام عوام کي قصوروار ٺهرائڻ بدران علم پيدا ڪندڙ فيڪٽريءَ ڏانهن آڱر کڻي ٿو. جڏهن سچ جي پيداوار بند ھوندي آھي، تڏھن سوچ به محدود ٿيندو آھي. مسئلو عوام جي نيت ۾ نه، پر انهن حدن جو آهي جيڪي سسٽم سوچ لاءِ مقرر ڪيون آهن. ھي اهو مقام ئي آهي جتي طاقت سڀ کان وڌيڪ نفيس ٿي وڃي ٿي، هو اھڙو عقلي ڄار وڇائي ٿي جنھن ۾ مڇي پاڻ اچي ڦاسي ٿي. هن جو ڪم رڳو ان عقلي ڄار کي ڪنٽرول ڪرڻ آھي.

قيدي عقليت واري سسٽم جي اندر رھندي عوام مجبور آھي. انھن کي مزدوري ڪرڻي آهي، پنھنجو ۽ ٻارن جو پيٽ پالڻو آھي. ٻارن جي تعليم جا خرچا ۽ پوڙهن والدين جي علاج جي ذميواري پوري ڪرڻي آهي. گھرن جا ڪرايا ۽ بل ادا ڪرڻا آهن، انھن وٽ مشين جي بيانيہ يا ميڊيا پاران گھڙيل ڪهاڻين جي پوري تحقيق ڪرڻ جو وقت ۽ ذهني ڪرنسي ڪونھي. انھي ڪري سماج عام طور دانشور طبقي تي ڀروسو ڪندو آهي. ۽ جڏھن دانشور انھن کي ضروري سچ جنهن سان ھو جمهوري فيصلا ڪري سگهن جي بجائي مشين پارن مھيا ڪيل مخصوص رياستي يا ڪارپوريٽ بيانيہ کي بنا تنقيد اڳتي وڌائي،  ته پوءِ جمهوريت ڪم نٿي ڪري سگهي۔ جيڪڏهن دانشور خودغرض ڪوڙ سان ڀريل هجي، ته عوام باخبر چونڊ نٿي ڪري سگهي. توهان ووٽ ته ڏئي سگهو ٿا، پر توهان کي اصل ۾ خبر ئي نه هوندي ته توهان ڪهڙي شيءِ لاءِ ووٽ ڏئي رهيا آهيو، ڇو⁠ته جيڪا معلومات توهان کي ڏني وئي آهي، سا بنيادي طور تي بگاڙيل آهي.

اٽلي جي مارڪسسسٽ انتونيو گرامچي  جنهن پنهنجا اهم نظريا موسيلي جي فاشسٽ حڪومت دوران قيد ۾ رهندي (جتي ان کي قتل ڪيو ويو) ترتيب ڏنا. گرامچي جا خيال اڄ به فلسفي، سماجيات، ۽ ثقافتي مطالعي ۾ گهري اھميت رکن ٿا، ڇو⁠ ته هو طاقت کي رڳو رياستي تشدد تائين محدود نه سمجهي ٿو، پر اهو به ڏيکاري ٿو ته ڪيئن اسڪول، ميڊيا، مذهب ۽ ثقافتي ادارا حڪمران نظرئي کي عام عقل بڻائي پيش ڪن ٿا هو سڀ کان وڌيڪ ثقافتي بالادستي جي تصور جي ترقي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو  جنهن ۾ هن وضاحت ڪئي ته حڪمران طبقا رڳو جبر ذريعي نه، پر رضا مندي ۽ ثقافت ذريعي به پنهنجي بالادستي برقرار رکن ٿا.

جيل مان موڪيل خفيہ ھن خطن ۾ ھن ان خيال جو اظھار ڪيو تہ اسڪول، ميڊيا، مذهب، خاندان، يونيورسٽيون، ادب، فن  ذريعي طاقت ھر لمعي  پوشيده صورت ۾ڪم ڪري ٿي۔ بالادستي تڏهن مڪمل ٿئي ٿي جڏهن حڪمران نظرئي کي سول سوسائٽي ذريعي اهڙي نموني عام ڪيو وڃي جو ماڻهو ان کي قدرتي، معقول ۽ عام عقل سمجهن۔ ھن جي خيال ۾ سماجي عقل ڪا فطري شيءِ ناهي پر اهو ثقافتي عمل ۾ ٺاهيو ويندو آهي. مثال طور اسڪولن ۾ خاص رياستي بيانيہ پڙهايو ويندو آھي، ميڊيا ڪجهه موضوعن کي مرڪزي بڻائي، ٻين کي حاشيي تي رکي، مذهب يا اخلاقي وعظ مخصوص سماجي ترتيب کي قدرتي يا اخلاقي قرار ڏين. ڪاروباري ثقافت مارڪيٽ کي غير جانبدار ۽ لازمي حقيقت طور پيش ڪري ٿي ۽ وقت سان گڏ ماڻهو انهن مفروضن کي سوال ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا  ڇو ته اهي انھن کي سچ لڳن ٿا۔ گرامچي موجب حڪمران طبقا، پنهنجي مفادن کي قومي مفاد طور پيش ڪن ٿا. نتيجي ۾ حڪمران نظرئي کي چئلينج ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو، ڇو ته اهو اڳ ئي عام عقل بڻجي چڪو هوندو آهي. گرامشي جي بصيرت اها آهي ته جيڪڏهن حڪمران نظرئي کي عام عقل بڻايو وڃي، ته جبر جي ضرورت گهٽجي وڃي ٿي. ماڻهو پاڻ ئي ان نظام کي جائز سمجهي قبول ڪن ٿا. طاقت جي سڀ کان نفيس صورت اها آهي جيڪا نظر نه اچي. پر ذهنن ۾ رهندي هجي۔

انٽيليڪچوئل صحافي ڪير آھي؟

ھي اھو ڪردار آھي جيڪو مشين جي زيادہ کلي خدمت ڪري ٿو. ھو مدد ڪري ٿو تہ ڪهڙي معلومات ۽ علم کي عوام تائين رسائي ڏجي ۽ ڪهڙي ڳالهه کي لڪايو وڃي. ھي ان مشين  لاءِِ حقيقت کي پروسيس ڪري ٿو. انٽيليڪچوئل صحافي روز صبح جو اٿي پھرين اھو سوچي ٿو ته اڄ ھن کي مشين جي ڪيئن خدمت ڪرڻي آھي. اھي صحافي، تجزيه نگار، سنجيده آواز، معقول، اعتدال پسند، لائق سڏائيندڙ انٽيليڪچوئل هڪ مستقل رجحان پيدا ڪن ٿا. جنھن سان انھن جون تحريون نيو يارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ جھڙين وڏين اخبارن ۾ ڇپجن ٿيون. انھن کي ٽي وي ٽاڪ شو ۾ سڏيو وڃي ٿو. ھي نفيس واردات آهي جنھن ۾ انٽيليڪچوئل گيٽ ڪيپر جو ڪم ڪري ٿو. جيڪا خبر مشين جي لاءِ موافق آهن تنھن کي اڳتي ڪري ٿو ۽ جيڪا مشين جي ٺاھيل فريم کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي تنھن کي قتل ڪتر ٿو. ڪجھ انٽيليڪچوئل صحافي ان کي خودسينسرشپ چون ٿا. ھو پان قابلِ قبول تنقيد جون حدون مقرر ڪن ٿا تہ جيئن مشين کي کلي جبر جي ضرورت نہ رھي. سچائي کي سڌيءَ طرح نہ دٻايو وڃي پر ان کي فلٽر ڪيو وڃي، درجا بندي ڪيو وڃي ٿي، ۽ آهستي آهستي ڪناري تي لڳايو وڃي ٿو. وقت سان گڏ ماڻهو پاڻ ئي سکي وٺن ٿا ته ڪهڙيون حدون پار ناهن ڪرڻيون آھن. خود-سينسرشپ پيدا ٿي وڃي ٿي. قابلِ قبول تنقيد جون حدون مقرر ٿي وڃن ٿيون.  جڏهن بقا انهن ئي پيمانن تي دارومدار رکي ٿي، ته خطرو کڻڻ عقلمندي نه رهندو آهي. اهڙيءَ طرح خود سنسرشپ ڪا اخلاقي ڪمزوري نه رهي ٿي، پر هڪ عقلي موافقت بڻجي وڃي ٿي. مشين جي مقرر ڪيل حدبندي جو ڪلچر وقت سان گڏ فرد جي اندر هڪ حد قائم ٿي وڃي ٿي.  ھو پاڻ ئي سوچي ٿو تڳ ڪھڙي ڳالهه شايد گهڻو اڳتي نڪري ويندي. ھن جي مقالي کي شايد منھنجي ڪيرير جي لاءِ خطرو آھي، ھي جملو ڪڍي ڇڏڻ بهتر آهي، ۽اهو ئي اهو مقام آهي جتي نظام سڀ کان وڌيڪ مؤثر ٿئي ٿو.  جڏهن ڪنٽرول ٻاهران نه، پر اندر کان اچي ٿو سڀ کان خطرناڪ پهلو مرَي جو اصل انتباہ اهو ئي آهي جڏهن جبر نظر نه اچي، ته ان کي سڃاڻڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو۔ ۽جڏهن خود سنسرشپ عادت بڻجي وڃي، ته ان کي سنسرشپ سمجهيو ئي نٿو وڃي. اهڙيءَ طرح سنجيدگي ۽ پيشاورانه معيار جي نالي تي علم جون حدون آهستي آهستي سُڪڙنديون وڃن ٿيون۔ اهو ئي اهو مقام آهي جتي طاقت پنهنجي سڀ کان نفيس، سڀ کان باريڪ ۽ سڀ کان پوشيده صورت اختيار ڪري ٿي۔

انٽيليڪچوئل پروفيسر ڪير آھي؟

ڪو پروفيسر شايد ڄاڻي واڻي پاڻ کي طاقت جو اوزار نٿو بڻائي پر نوڪري جي مجبوري مقالن ۽ ڪتابن جو ڇپجڻ لاءِ رياستي معيار تي پورو لھڻ پيشي جي ضرورت ھوندي آھي. ھن کي نتيجن جو خوف ضرور رهندو آهي. ھن تي رياست مخالف يا دھشت گردي جي حامي جو ليبل لڳي سگھي ٿو۔ نظرياتي يا پاگل جو خطاب ملي سگھي ٿو. رياستي مشين جي پھرين ترجيح طاقت جو استعمال ڪري انھن کي سڌيءَ طرح خاموش ڪرائن ناھي. هو پھرين انهن ماڻهن کي قبوليت ڏين ٿا، انعام ۽ اڪرام ڏين ٿا، جيڪي بنيادي مفروضن تي سوال نٿا اٿارين۔جيڪي وقت سان گڏ پاڻ ئي سکي وٺن ٿا ته ڪهڙيون حدون پار ناهن ڪرڻيون. اهو ئي اهو مقام آهي، جتي طاقت سڀ کان وڌيڪ مؤثر ٿي وڃي ٿي.  اهو ئي اهو هنڌ آهي جتي معروضيت جو نقاب سڀ کان وڌيڪ اثرائتي نموني ڪم ڪري ٿو. چاهي توهان جي موقف جي پٺيان ثبوتن جا جبل ڇو نه هجن، نظام پاڻ کي هن طريقي سان محفوظ رکي ٿو جو اختلافِ راءِ کي هڪ قسم جي فڪري آلودگي قرار ڏئي ڇڏي ٿو. يعني اختلاف ڪو سنجيده علمي موقف نه رهيو، پر ڄڻ ته عقل جي خرابي بڻجي وڃي ٿو. يونيورسٽي خوف جو شعور کي سماجي سکيا ۾ بدلائي ٿي. جتي اھو خوف هڪ سماجي ۽ ادارتي ماحول مان سکيل ڪلچر بنجي ويندو آهي. انسان آهستي آهستي سمجهي وٺي ٿو ته ڪهڙي حد تائين ڳالهائڻ محفوظ آهي ۽ ڪهڙي هنڌ تي خاموش رهڻ وڌيڪ فائديمند آهي.

اھڙي ماحول ۾ جتي يونيورسٽيون سسٽم جي قبضي ۾ اچي چڪيون ھجي يا محض ڪارپوريٽ بڻجي وئي ھجي، جتان جا پروفيسر پيٽ پوڄا ۽ ڊڄي ويل ھجن تڏھن سچ يونيورسٽي ۾ نہ پر بازار ۾ وڪبو آھي. گهٽيون نئون ڪلاس روم بڻجي وينديون آهن۔ اتي حق حجام جي حمام، ڌوٻي جي گھاٽ، ڊرائيور جي ٽيڪسي ۽ مزدور جي ريڙھي، صفائي ڪندڙن جي جھاڙو، گھٽي جي ڪنڊ تي ويٺل بيروزگار ۽  انهن ماڻهن وٽ جيڪي سڌي ريت نظام جي ناڪامين جو شڪار آهن، تن وٽ کرو سچ آھي ۽ توھان انھن کان سکي سگھو ٿا.  جتي سرڪاري دانشور، گرانٽ وڃائڻ يا پوزيشن وڃائڻ جي ڊپ سبب صاف سچ نٿا ڳالهائي سگهن تڏھن ته پوءِ حق چوڻ جي ذميواري دانشور کان ھٽي بيروزگارن ڏانھن وڃي ٿي. جن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ۽ جيڪو سچ ڳالهائڻ ۾ خطرو کڻي سگهي ٿو، جيڪو نظام جي سڌي مار هيٺ آهي.

_________________________

پيتامبر لوھاڻو فري لانس ليلکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button