Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌي ٻوليءَ جو صدين جو سفر: سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ    

سنڌي زبان جي موجودہ رسم الخط انگريز حاڪمن جي ڪوشش جو نتيجو آهي، پر ايئن بہ ڪونھي تہ اڳ ۾ سنڌي زبان کي ڪا لِپي نہ ھئي. عربن جي دؤر ۾ بہ سنڌي نہ صرف ڳالهائي پر لکي پڙھي پڻ ويندي هئي  

پروفيسر سرور سيف   

سنڌي ٻولي تمام قديم ٻولي آهي ، ھن جي قدامت ۽ بڻ بڻياد لاءِ ڪن سنڌيءَ کي سنسڪرت جي  ڌيءَ تہ ڪن ڀيڻ ڄاڻايو، پر ھن وقت گھڻي ڀاڱي عالم ۽ محقق ان نتيجي تي پهتا آهن تہ سنڌي سنسڪرت کان بہ پراڻي زبان آهي. پروفيسر ميڪس مولر ۱۹ صديءَ ۾ ئي اھڙو اظھار ڪيو ھو تہ سنڌو درياءَ جي پاسن ۾ رھندڙ ٻہ ھزار سال قبل مسيح ۾ به ھڪ زبان ڳالهائيندا هئا، جا سنسڪرت ۽ زينڊ زبانن کان گھڻو آڳاٽي ھئي.

سنڌو ماٿري جي مختلف ھنڌن تان پراڻي زماني جون جيڪي مھرون مليون جن کي روسي ۽ سويڊش ماھرن ڪمپيوٽر جي مدد سان پڙھڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. ان مان به اھا خبر پئي آهي تہ ان وقت جي زبان دراوڙن جي ابتدائي دور جي زبان سان تمام ويجھڙائي  رکندڙ آھي. البتہ اھو نٿو چئي سگهجي تہ ھاڻوڪي سنڌي زبان جو تعلق موھن جي دڙي جي دراوڙي زبان سان ڪيترو آھي. ان باري ۾ آخري طور ڪجھ بہ چئي نٿو سگهجي.

جيستائين سنڌي زبان جي رسم الخط جو واسطو آهي تہ اھو وڏي حد تائين انگريز حاڪمن جي ڪوشش جو نتيجو آهي. پر ايئن بہ ڪونھي تہ اڳ ۾ ڪا سنڌي زبان کي ڪا لِپي نہ ھئي. سنڌي لپي جا پراڻا اھڃاڻ اسان کي اڄ بہ ملن ٿا.جن جا حوالا عرب سياحن جي ڪتابن مان ملن ٿا. جيڪي ٻڌائين ٿا تہ عربن جي دؤر ۾ بہ سنڌي نہ صرف ڳالهائي ويندي هئي پر پڙھي ۽ لکي پڻ ويندي هئي.883ع ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو هو.  جيڪو خط مسعودي ۾ ھو. ابن نديم ۽ البيروني عرب سياحن پنھنجن ڪتابن ۾ سنڌي زبان ۾ رائج ڪيترين ئي رسم الخطن جو ذڪر ڪيو آهي. اھڙن خطن ۾ مارواڙي، لاڙي،ڀاٽيا ء سئندو وغيره اھم ھيا. ھي خط پھريان ديوناگري لپي ۾ لکيا ويندا هئا.  اسلامي فتوحات کان پوءِ سنڌي عربي خط جو رواج پيو.  مثال طور ڀنڀور جي دڙي مان نڪتل ٺڪرين تي لکيل حرف اٺين صديءَ جي آڳاٽي نگاري نموني جا آهن. ھڪ ٺڪري جا ھي لفظ بحر حيدر ۾ پڙھيا ويا آهن جي لاڙي خط ۾ آهن ، جيڪا اسلام کان اڳ جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي صورت آهي.  

خواجڪي خط:- سومرن جي دور ۾ لوھاڻڪي خط ۾ سڌارا ۽ واڌارا آڻي اسماعيلي خواجن خواجڪي خط ايجاد ڪيو، جنھن کي خواجڪي خط يا چاليھ اکري نالو ڏنو ويو. ھن خط ۾ لکيل ڪتاب اڄ بہ پاڪستان ، ھندستان ، برما ، سيلون ء آفريڪا جا اسماعيلي پڙھندا آھن.ھن خط ۾ گنان لکيا ويا، مذهب ، ادب ، تاريخ، فلسفي ء حسابن تي بہ ڪتاب لکيا ويا. 

ابوالحسن جي سنڌي: سنڌ ۾  عربي سنڌي صورتخطيءَ جي ابتدا ڪڏھن ٿي، اھا راء اڃان تحقيق طلب آهي ، ڊاڪٽر دائودپوٽي جي خيال ۾ عربي سنڌي خط جو قديم نمونو شاھ عبد الڪريم بلڙيءَ واري جي ڇپيل ڪتاب ۾ ملي ٿو.شاھ عبدالڪريم بلڙي کان پوءِ ٻين بزرگن جو ڪلام بہ عربي سنڌي رسم الخط ۾ ملي ٿو. عربي سنڌي رسم الخط جو حقيقي بنياد وجھندڙ مخدوم ابوالحسن ھو جيڪو ڪلھوڙن جي صاحبي واري دور جو وڏو ناليوارو عالم ھو. ھن سنڌي ٻولي لاءِ جيڪو رسم الخط تيار ڪيو سو عام طور تي ابوالحسن جي سنڌي جي نالي سان مشهور آهي. ھي نون مسلمانن کي اسلامي اصول سنڌي زبان ۾ سيکارڻ جي خيال کان مخدوم ابوالحسن ٺاھيو. مخدوم صاحب عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. ھن اٺاويهه اکر عربيءَ جا کنيا ۽ ٽي اکر (پ- چ-گ) فارسي جا کنيا، باقي سنڌي آوازن لاءِ فارسي ۽ عربي اکرن جي ڀَج گھڙ ڪري نوان نشان ۽ حرف مقرر ڪيائين. جيڪا ڪافي وقت ھلي ، انھي لپي ۾ ڪيترائي مذهبي ڪتاب لکيا ويا. 1843ع ۾ جڏھن انگريزن سنڌ فتح ڪئي تہ ان وقت سنڌي لاءِ ڪا بہ ھڪ رسم الخط سرڪاري طور تي مقرر نہ ھئي. ڪيپٽن اسٽيڪ جي تحقيق موجب ان وقت سنڌ ۾ خداآبادي، شڪارپوري، ساکرو، ٺٽائي ، لاڙي، ونگائي ، راجاڻي ، خواجڪي ، ميمڻڪي وغيره سنڌي مسلمان ۽ ھندو استعمال ڪندا ھيا. 1845ع ۾ بمبئي جي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ ايجوڪيشنل ايجنسي ٺاھڻ جو سوال اٿاريو. ساڳئي وقت اھو مطالبو بہ ٿي رهيو هو تہ سنڌي کي سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻولي بڻائجي ء ٻارن کي تعليم سندن مادري زبان ۾ ڏجي . 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ ھڪ حڪم نامو ڪڍيو تہ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري زبان بڻايو وڃي. 1851ع ۾ سنڌ جي گورنر سر بارٽل فريئر ھڪ اطلاع نامو جاري ڪيو، جنھن ۾ سرڪاري عملدارن کي ھدايت ڪيل ھئي تہ ھو سنڌي ۾  امتحان پاس ڪن، آئينده لکپڙھ سنڌي ۾ ھلائي وڃي ۽ سنڌي اسڪول کوليا وڃن. پوء اھو مونجھارو پيدا ٿيو ته رائج رسم الخطن مان ڪھڙو رسم الخط تعليم طور اختيار ڪيو وجي ۽ ڪھڙي لپي اختيار ڪجي ديوناگري يا عربي ، ڪيپٽن اسٽيڪ ديوناگري لپيءَ جو حامي هو. جڏھن تہ سر رچرڊ برٽن عربي لپيءَ جو حامي هو. سر ايلس جو ان وقت تعليم کاتي جو سربراھ ھو، تنھن اٺ رڪني ڪميٽي جوڙي تہ جيئن اھا سنڌيءَ لاء ڪا ھڪ رسم الخط جوڙي پيش ڪن. ان ڪميٽيءَ ۾ راءِ بھادر نارائڻ جڳناٿ ، مرزا صادق علي بيگ، ديوان پرڀداس انندرام، ديوان اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ،ديوان ننديرام، ميان محمد  حيدرآبادي ، قاضي غلام علي ۽ قاضي غلام حسين شامل ھئا. انھن کان سواءِ ٻہ انگريز آفيسر رچرڊ برٽن ء ڪيپٽن اسٽيڪ بہ ڪميٽي تي کنيا ويا. انھي ڪميٽيءَ ھالا، مٽياري ۽آس پاس جي استادن ء ٻين ٻولي جي ڄاڻن کان بہ مدد ورتي. ھن ڪميٽي عربي سنڌي الف  بي تيار ڪري ورتي، جنھن لاء مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي بڻياد بڻائي 52 آمرن تي مشتمل الفا بيٽ جوڙي وئي. جنھن ۾ عبراني جا 22، نجم عربي 6، فارسي جا 3، پراڪرت جا 16 ء نج سنڌي جا 4 اکر  شامل ھيا. اھا الف بي جي پٽي 1853 ع ۾ ڇپجي تيار ٿي ء جلد ئي عربي، فارسي، مرھٽي ، ھندي ء گجراتي ڪتابن مان ترجما ڪري 1854ع ۾ تاريخ ، جاگرافي ۽ٻين مضمونن جا جملي 10 ڪتاب تيار ڪيا ويا. الف بي ٺھڻ کان پوء ڏھن سالن اندر 1865ع تائين چار ھاء اسڪول ، ٽي مڊل اسڪول ، 56 سنڌي پرائمري اسڪول کوليا ويا. 1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ مان انھي الف بي تحت شاھ  عبداللطيف ڀٽائي صاحب جو رسالو ڇپرائي پڌرو ڪيو.

_______________

پروفيسر سرور سيف سنڌي ڪھاڻيڪار آھي. سنڌي ادبي سنگت پني عاقل جو باني رڪن آهي، پني عاقل ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button