عوام جو درد ۽ حقيقي قيادت جو معيار: نعريبازيءَ سان حقيقي رھبر نٿو سڏائي سگھجي
اقتدار جي ڪرسيءَ جو اصل حقدار اهو ناهي جنهن وٽ دولت جا انبار هجن يا جنهن جي چوڌاري طاقت جو دائرو هجي، پر اهو آهي جيڪو عوام جي صفن مان اڀري ٿو ۽ جنهن جي دل عوام جي سُورن سان ڌڙڪي ٿي. حقيقي قيادت جو بنياد دولت، شهرت يا وڏن محلن تي نه، پر عوام سان سچي وابستگيء تي بيٺل هوندو آهي.

حڪيم پريم چاندواڻي
هن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به اليڪشن جو دنگل مچي ٿو، تڏهن هر طرف عوامي خدمت جا نعرا گونجڻ لڳن ٿا. جلسا جلوس ٿين ٿا، تقريرون ٿين ٿيون ۽ واعدن جون ڊگهيون فهرستون پيش ڪيون وڃن ٿيون. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا رڳو نعرا هڻڻ سان ڪو ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ عوامي رهبر ٿي وڃي ٿو؟!۔
حقيقت اها آهي ته اقتدار جي ڪرسيءَ جو اصل حقدار اهو ناهي جنهن وٽ دولت جا انبار هجن يا جنهن جي چوڌاري طاقت جو دائرو هجي، پر اهو آهي جيڪو عوام جي صفن مان اڀري ٿو ۽ جنهن جي دل عوام جي سُورن سان ڌڙڪي ٿي. حقيقي قيادت جو بنياد دولت، شهرت يا وڏن محلن تي نه، پر عوام سان سچي وابستگيء تي بيٺل هوندو آهي.
عوام مان هجڻ جي معنيٰ:
حقيقي عوامي نمائندو اهو ناهي جيڪو رڳو اليڪشن جي ڏينهن اي سي گاڏين مان لهي ووٽن جي طلب ۾ عوام تائين پهچي. عوامي اهو آهي جنهن جي زندگيء جو نمونو عام ماڻهن جهڙو هجي، جنهن جا ڏک ۽ خوشيون به عوام سان ڳنڍيل هجن.
جڏهن اسين چئون ٿا ته جيڪو عوام مان آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو شخص مهانگائيءَ جي مار کي سمجهي، روزگار جي تڪليفن کي محسوس ڪري ۽ سرڪاري اسپتالن جي قطارن يا تعليمي ادارن جي بدحاليءَ جو درد به ڄاڻي. جيڪو پاڻ انهن حالتن مان گذريو هجي، اهو ئي انهن جو حقيقي احساس رکي سگهي ٿو.
اليڪشن کٽڻ ۽ حڪومت جو حق:
اقتدار ماڻڻ جو حق اصل ۾ ان کي پهچي ٿو، جيڪو عوام جي پگهر جي قيمت کي سمجهي. هڪ سچي رهبر ۾ هي بنيادي خوبيون هجڻ لازمي آهن:
قربانيءَ جو جذبو: هو پنهنجي ذاتي مفادن کي عوامي مفادن تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هجي.
دردِ دل: عوام جي اکين جو ڳوڙهو هن جي دل تائين پهچي ۽ هن کي بيچين ڪري ڇڏي.
مسئلن جو حل ڳولڻ جي صلاحيت:
هو رڳو تقريرن تائين محدود نه رهي، پر عملي قدم کڻي مسئلن جو حل ڳولي.
بيمار سماج جو علاج عوامي قيادت آهي، حڪيماڻي ۽ پارکو نظر سان ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته جيئن جسم جي صحت لاءِ رت جي صحيح گردش ضروري آهي، تيئن ملڪ جي صحت لاءِ قيادت جو عوام سان جڙيل هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن قيادت عوام کان پري محلن ۾ رهندي ۽ عوام جي زندگيءَ کان بي خبر رهندي، ته سماج ۾ ناانصافي، محرومي ۽ معاشي بيچينيءَ جهڙيون بيماريون وڌنديون رهنديون.
اليڪشن کٽڻ تڏهن حقيقي ڪاميابي بڻجي ٿي جڏهن اقتدار جي طاقت کي عوام جي ڀلائيء لاءِ استعمال ڪيو وڃي. جيڪو ماڻهو پنهنجي زندگي عوام جي وچ ۾ گذاري ٿو، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو ته معاشري جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪجي.
صرف قيادت نه پر خدمت جو جذبو هجڻ ضروري آهي۔
اڄ سماج کي اهڙن رهبرن جي ضرورت آهي جيڪي پاڻ کي ليڊر نه پر خادم سمجهن. جيڪي اقتدار کي عياشيء جو ذريعو نه، پر ذميواري ۽ امانت سمجهن. تاريخ هميشه انهن ماڻهن کي عزت سان ياد ڪندي آهي جن پنهنجي ذات کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
حقيقي فتح صرف اليڪشن کٽڻ ۾ ناهي، پر عوام جي دلين کي کٽڻ ۾ آهي. جيڪو واقعي عوام مان هوندو آهي، عوام به سدائين ان جو ساٿ ڏيندو آهي.
سوئي کٽي، ۽ کائي،
عوامي رهبر، جو آهي۔
_________________________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



