Editor's pickMain Slide

سنڌي ڪميونٽي ھائوس لنڊن جي باني ميمبر ديدي موهني چنديراماڻي لاڏاڻو ڪري وئي

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ ديدي موهني ڪلڪتي منتقل ٿي وئي هئي، جتي 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سندس روحاني سفر جو آغاز ٿيو.

لنڊن / ڪلڪتو: لنڊن جي سنڌي ڪميونٽي هائوس جي باني ميمبر، ٽرسٽي ۽ ڊائريڪٽر، ديدي موهني پارومل چنديراماڻي جمعي، 18 سيپٽمبر 2026 تي پنهنجي مِٽن مائٽن ۽ پيارن جي موجودگيءَ ۾ انتقال ڪري وئي، سنڌي ڪميونٽي هائوس لنڊن اھڙي پڌرائي ڪئي آهي.

سندس وڇوڙو سڄي عمر جي سفر جو خاتمو آهي جيڪو روحاني تعليمات، بي لوث اجتماعي خدمت، ۽ هندستان توڙي برطانيا ۾ سنڌي ثقافت ۽ ورثي جي بقا لاءِ وقف ٿيل هو.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ ديدي موهني ننڍپڻ ۾ ڪلڪتي منتقل ٿي وئي هئي، جتي 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سندس روحاني واٽ جڙي. لڳ ڀڳ 20 سالن جي عمر ۾، هوءَ دادا ايشور ٻالاڻي سان سلهاڙجي وئي، جنهن چورنگي لين تي گرو نانڪ جي اصل هولي مشن مندر جو بنياد رکيو هو. اهو آستانو بعد ۾ ‘امرت ويلا مندر’ بڻجي اُڀريو.

مندر جي ڀرسان رهڻ ڪري، ديدي موهني نئين نوجوانن جي ان اهم گروپ جو حصو بڻجي وئي، جنهن کي عام طور تي “اي-گروپ” (A-Group) چيو ويندو هو. دادا ايشور ٻالاڻي جي رهنمائيءَ ۾، ھنن گراموفون تي ڀڳتي گيت (ڀڄن) سکيا ۽ بعد ۾ ننڍڙن ٻارن کي اهي سيکاريا. پنهنجي روزاني انتظامي ذميوارين سان گڏوگڏ، ديدي موهني پنهنجيون شامون ۽ هفتيوار موڪلون ڪميونٽي جي ڪمن، مشن جا بليٽن ڇپڻ، آچر ڏينهن جو لنگر تيار ڪرڻ ۽ بورچيخاني جي نظام کي سنڀالڻ لاءِ وقف ڪيون.

جڏهن دادا ايشور ٻالاڻي هولي مشن کي وسيع ڪرڻ لاءِ لنڊن منتقل ٿيو، ته ديدي موهني سندس چوڻ تي ساڻس شامل ٿي. برطانيه ۾، هن شروعات ۾ ڪارلٽن ايوينيو ايسٽ واري مشن جي ابتدائي جاءِ تي پنهنجي فل ٽائيم انتظامي ڪيريئر سان گڏوگڏ مشن جي ذميوارين کي پڻ نڀايو.

ڪرڪل ووڊ، لنڊن ۾ سنڌي ڪميونٽي هائوس جي قيام ۽ جڳهه حاصل ڪرڻ کانپوءِ، هن مندر لاءِ پورو وقت وقف ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيشه ورانه انتظامي ذميوارين تان رٽائرمينٽ ورتي. ايندڙ ڏهاڪن دوران، هن هڪ ٽرسٽي ۽ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، مندر جي روزاني ڪمن جي نگراني ڪئي، ڪميونٽي پروگرامن کي سنڀاليو ۽ ننڍي عمر جي رضاڪارن جي رهنمائي ڪئي.

سندس ساٿي، دوست ۽ ڪميونٽي ميمبر ديدي موهنيءَ کي سندس محبت، خوش طبعي، ۽ لاڳيتو صحت جي مسئلن ۽ هلڻ جي مشڪلاتن جي باوجود سندس حوصلي سبب ياد رکندا. پنهنجن تنظيمي عهدن کان هٽي ڪري، هوءَ باقاعدگي سان بورچيخاني جي خدمتن ۽ هر فرد يا خاندان جي ذاتي تڪليفن ۾ سندن مدد ۽ سنڀال لاءِ پڻ متحرڪ رهي.

ديدي موهني چنديراماڻي جي پونئيرن ۾ سندس سڄو خاندان، هولي مشن جا ساٿي، ۽ عالمي سنڌي ۽ برادريءَ جا رضاڪار شامل آهن. يادگيري واريون تقريبون ۽ لنڊن جي سنڌي ڪميونٽي هائوس ۾ آخري رسومات جا انتظام سندس خاندان ۽ مندر جي قيادت پاران جلد ئي پڌرا ڪيا ويندا.

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button