Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

لوڊ شيڊنگ جي خاتمي وارن ڪُوڙن اعلانن سان قوم کي ٿڌو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش

حقيقتون سرڪاري دعوائن جي بلڪل ابتڙ آهن. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ماڻهو روزانو 10 کان 15 ڪلاڪن تائين بجليءَ جي بندش ڀوڳي رهيا آهن. هيءُ  باھ جيان ٻرندڙ اونهارو انساني برداشت جو امتحان بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بجلي جي ھٿرادو بندش گهريلو زندگيءَ کي مفلوج ۽ ننڍن ڪاروبارن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي

نصير اعجاز

جيئن ئي هن اونهاري ۾ گرمي پد ناقابل برداشت حد تائين وڌي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ هڪ پراڻو ۽ مايوس ڪندڙ ڊرامو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. تازو ئي هڪ وفاقي وزير ٽي ويءَ تي اچي وڏي فخر سان اعلان ڪيو ته حڪومت آخرڪار لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. ڪُوڙ تي ٻڌل اھڙو اعلان انهن ڪروڙين ماڻھن توھين آھي جيڪي هن وقت سخت گرميءَ ۾ تڙپي رهيا آهن.

حقيقتون سرڪاري دعوائن جي بلڪل ابتڙ آهن. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ماڻهو روزانو 10 کان 15 ڪلاڪن تائين بجليءَ جي بندش ڀوڳي رهيا آهن. هيءُ  باھ جيان ٻرندڙ اونهارو انساني برداشت جو امتحان بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بجلي جي ھٿرادو بندش گهريلو زندگيءَ کي مفلوج ۽ ننڍن ڪاروبارن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جي “سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي” واري بيان بازي هاڻي عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي چڪي آهي.

ڪيترائي تجزيه نگار ۽ شهري هن تازي دعوي کي عوام جو ڌيان هٽائڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل چال قرار ڏين ٿا. ملڪ جو عوام هن وقت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ڀڳي واڌ جي ڪري وڏي بحران مان گذري رهيو آهي. تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ سبب بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ به لاڳيتو اضافو ٿيو آهي، جنهن هڪ عام خاندان لاءِ گذارو ڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.

توانائي بحران جي “خاتمي” جو اعلان ڪري، ايئن لڳي ٿو ته حڪومت عوام کي ريجھائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو اڳ ئي مهانگائيءَ خلاف ڀريو ويٺو آھي. حڪمرانن کي ياد رکڻ گھتجي تہ اُھي ڪنھن ٽي وي بيان، پريس ڪانفرنس يا ڪنهن پريس رليز ذريعي ڪُوڙا بيان جاري ڪرڻ سان نہ ڪنھن گهر کي ٿڌو ڪري سگهو ٿا، ۽ نه ئي ڪنهن ڪُوڙي واعدي سان ڪنهن خاندان جو پيٽ ڀري سگهو ٿا.

اها روش ڪا نئين ناهي. موجوده حڪمران پارٽي، مسلم ليگ (ن)، جي هڪ واضح تاريخ رهي آهي ته اها توانائي بحران کي پنهنجي چونڊ مهم جي مکيه هٿيار طور استعمال ڪندي رهي آهي. نواز شريف بہ اڳي پنھنجي چونڊ مھم دوران، ڪجهه ئي مهينن ۾ بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ جا وڏا واعدا ڪري ووٽ کنيا ويا هئا. پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، اهي واعدا “ٽيڪنيڪي سببن” جي وضاحتن ۾ تبديل ٿي ويا. انھيءَ کانپوءِ نڪ جي پڪائيءَ سان بيان جاري ڪيا واي تہ ملڪ ۾ لوڊ شيڊنگ مڪمل طور ختم ڪئي وئي آھي. بحران ختم ڪرڻ بدران فتح جون دعوائون ڪيون ويون. بلڪل ساڳيو نڪ جي پڪائيءَ سان ڪُوڙا بيان جاري ڪرڻ وارو طريقو ھاڻي بہ اختيار ڪيو ويو آھي.

بدقسمتيءَ سان، هي رڳو هڪ پارٽيءَ جي نه پر سڀني پارٽين جي ناڪامي آهي. پيپلز پارٽي (PPP) ۽ تحريڪ انصاف (PTI) پڻ پنهنجي پنهنجي دور اقتدار ۾ بلڪل اهڙي ئي طريقي تي هليون آهن. هر پارٽي اقتدار ۾ اچڻ وقت “گردشي قرضن” ۽ پنهنجن اڳوڻن حڪمرانن جي نااهليءَ جو پِٽڪو شروع ڪندي آهي، ۽ جڏهن اقتدار مان نڪرندي آهي ته توانائي جو نظام اوترو ئي ڪمزور ڇڏي ويندي آهي جيترو انهن کي مليو هو. عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو هي سلسلو ملڪي سياست جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪو آهي. اقتداري پارٽيون اھي ئي آھن، ۽ سندن ڪرپشن جا نتيجا اڄ بہ عوام ڀوڳي رھيو آھي.

هن باقاعده ۽ مسلسل ڪوڙ جا نتيجا تمام خطرناڪ آهن. 45 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي سخت گرمي ۾ بنا ڪنهن ٿڌاڻ جي جسماني تڪليف کانسواءِ، ان جا معاشي اثر به تباهه ڪندڙ آهن. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي رهي آهي، ٻارن ۽ بزرگن جي صحت خطري ۾ آهي، ۽ رياست پاران مسلسل ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ اعتماد جي وڏي کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي.

جيڪڏهن حڪومت سچ پچ مهانگائي جي ماريل عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي، ته ان جو واحد طريقو کين حقيقي رليف فراهم ڪرڻ آهي. لوڊشيڊنگ جي خاتمي جون ڪوڙيون دعوائون مسئلو حل نٿيون ڪن؛ اهي صرف حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلي کي ظاهر ڪن ٿيون. جيستائين پکا بند آهن ۽ قيمتون وڌي رهيون آهن، تيستائين وزيرن جي ڪا به بيان بازي عوام کي اهو يقين ڏياري نه سگهندي ته بحران ختم ٿي ويو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اقتداري پارٽي صرف خبرن کي سنڀالڻ بدران پاور گرڊ کي سنڀالي.

______________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button