Editor's pickMain Slideدنياڪالم

ڪارل مارڪس جي ڏسيل واٽ جي افاديت اڄ بہ قائم آھي

سال 2008 ۾ جڏھن سڄي دنيا تي سرمائيداريءَ جو راڄ ھيو ۽ ان جي مدمقابل ڪنھن قوت جو ڪو وجود نہ ھيو ۽ ان باوجود بہ سڄي دنيا اقتصادي بحران جو شڪار ٿي تہ سرمائيدار دنيا جي وڏن اقتصادي ماھرن ۽ ترجمانن ڪارل مارڪس کي  ڏاڍي شد مد سان ياد ڪيو. فنانشل ٽائمز ۾ ھڪ ليک ڇپيو:‘ڪارل مارڪس صحيح ھيو’

نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي ھڪ ماھر چيو: ”سرمائيداري جي ان بحران کي سمجهڻ لاءِ منھنجا ھٿ يڪدم ڪارل مارڪس جي ڪتاب داس ڪيپيٽال ڏانھن وڌيا.” دي ايڪنامسٽ اعتراف ڪيو تہ اسان مارڪس کي مدي خارج قرار ڏئي غلطي ڪئي آهي، مارڪس جي افاديت اڄ بہ قائم آھي. ڊيوڊ ھاروي ۽ ايرڪ ھابس بام جھڙن معاشي ماھرن مارڪس جو وري مطالعو ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ جارج ميگنس لکيو: “عالمي معيشت کي بچائڻ لاءِ ڪارل مارڪس کي ھڪ موقعو ڏيو

ليکڪ: جڳديش آهوجا

جرمن فلاسافر ۽ انسان دوست ڪميونسٽ مفڪر ڪارل مارڪس ۵ مئي ۱۸۱۸ع تي جنم ورتو ۽ ۱۴ مارچ ۱۸۸۳ع تي سندس جسماني سفر پورو ٿيو پر سندس پورھيو ۽ سرمايو اڄ بہ سڄي دنيا جي سوچ ويچار ۽ فڪر جو ھڪ اھم نقطو بڻيل آهي. ھن کي موت کانپوءِ ڪنھن ٻي حياتي، ڪنھن جنت دوزخ جو ڪو آسرو نہ ھو پر کيس  يقين ھو تہ سندس  محنت ۽ سرمائي جو ڦل سڄي انسانذات کي ۽ خاص طور بک ۾ پاھ ٿي بہ پورھيو ڪندڙ انسانذات جي عظيم اڪثريت کي ضرور ملندو.

سندس موت کان ۳۳ سال پوءِ ۱۹۱۷ع ۾  سندس ۽ سندس ساٿي اينگلز جي فڪر، فلسفي ۽ ڏسيل راھ جي روشنيءَ ۾ زار شاھي روس ۾ بک ۽ جنگ جي شڪار پورھيتن لينن، ٽراٽسڪي، اسٽالن، بخارين ۽ ھزارين ڪميونسٽ ورڪرز جي اڳواڻي ۾ انساني تاريخ جو پھريون پورھيت انقلاب برپا ڪيو ۽ ‘انسان سڀ برابر آهن’ جي آدرش کي عملي جامو پھرائيندي ‘غير طبقاتي سماج اڏڻ جو پھريون تجربو’ ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪروڙين روسي مزدورن، ھارين ۽ غريب عوام کي بک، بيروزگاري ۽ غربت جي غلامي کان نجات ملي، جيڪو ڦل ھيو مارڪس ۽ اينگلز جي فڪري پورھئي جو، ڪارل مارڪس جي  سرمائي جو.

 ۱۸۴۸ع ۾ شايع ٿيل ڪميونسٽ پڌرنامي جو آغاز ٿئي ٿو ھڪ نعري سان: ‘دنيا جا مزدورو متحد ٿيو.’

 ۱۹۱۷ع جي بالشيوڪ  انقلاب کانپوءِ لينن نعرو بلند ڪري ٿو: ‘دنيا جا مزدورو ۽ مظلوم قومون متحد ٿيو.’

 ايئن ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي پليٽ فارم تان سڄي دنيا ۾ قومي ۽ طبقاتي جدوجھد جو ھڪ مرڪز جڙي ٿو: يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ، يو ايس ايس آر جيڪو سوويت يونين جي نالي سان مشھور ٿئي ٿو ۽ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سپر پاور بڻجي اڀري ٿو.

پورھيت انقلاب کان پوءِ زار شاھي روس مان جنھن طرح بک، بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ٿئي ٿو ۽ سوويت سوشلسٽ معيشت  دنيا جي مثالي  مساوي معيشت جي طور آڏو اچي ٿي تہ سڄي دنيا جي پورهيتن، مظلومن ۽ محڪوم قومن لاءِ آزادي ۽ سوشلزم ھڪ قابل حصول آدرش بڻجي وڃي ٿو. ۱۹۴۹ع ۾ وري جڏھن چيني ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻي ۾ ھاري پورھيت انقلاب اچي ٿو تہ ٽين دنيا جي ڏتڙيل زرعي ملڪن ۽ قومي غلاميءَ ۾ ڦاٿل محڪوم قومن لاءِ ھڪ نئين مشعل راھ روشن ٿئي ٿي. وري جڏھن ويٽنامي ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوام جنرل گياپ جي اڳواڻي ۾ 7 مئي 1954ع تي ڊين بين ڦو جي ميدان تي فرانس جي فوج کي شڪست ڏئي ٿو ۽ 1975ع ۾ ھوچي منھ ۽ لي دئان جي اڳواڻي ۾ ويٽڪانگ گوريلا آرمي آڏو دنيا جي طاقتور ترين آمريڪي آرمي سائيگون ۾ ھٿيار ڦٽا ڪري ڀاڄ کائي ٿي تہ دنيا ۾ قومي آزادي جي جنگ ۽ پورھيت انقلاب جو سنگم ھڪ شاھڪار آدرش بڻجي وڃي ٿو. ھوچي منھ، فيڊل ڪاسترو، چي گويرا، معمر قذافي، جمال عبدالناصر، سامورا ماشيل، پيٽرڪ لوممبا، ايملڪار ڪيبرال، ياسر عرفات، جارج حباش، ليلي خالد، ڄيٺي سپاھملاڻي، ايني بسنت، گانڌي، نھرو، ابوالڪلام آزاد، خان غفار خان، سردار خير بخش مري، جنرل شيروف، عطاء الله مينگل، الله بخش سومرو، سورھيہ بادشاھ، ھيمون ڪالاڻي، ڀڳت سنگھ،  نيتاجي سڀاش چندر بوس، مولانا عبيدالله سنڌي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نيلسن منڊيلا ۽ سوين اھڙا عظيم اڳواڻ ويھين صديءَ جي آن آدرشوادي سياست جا عمبردار بڻجن ٿا جنھن جون راھون روشن ڪرڻ ۾ مارڪس، اينگلز، لينن ۽ مائوزي تنگ رھنما ڪردار ادا ڪيو ھو.

پوءِ ان دور جي بہ پڄاڻي ٿئي ٿي.

 ويٽنامي انقلاب کان بس 16 سال پوءِ 1991ع ۾ يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ 1991ع ۾ دنيا جي نقشي تان ايئن مٽجي وڃي ٿي جو اڄ جين زي مان شايد ئي ڪنھن کي معلوم ھجي تہ ويھين صديءَ ۾ آزادي ۽ سوشلزم جي آدرشن جو مرڪز بڻيل اھا رياست ڪيئن جڙي ڪيئن ختم ٿي. ھاڻي تہ سڄي سرمائيدارانہ مشينري رڳو ان جا منفي پاسا بيان ڪري ٿي پر جن آدرشن ۽ آدرشوادي تحريڪن کي ھن اتساھيو ۽ سگھ بخشي تن جو ذڪر ڪرڻ بہ عبث ٿو سمجھيو وڃي. تنھن ڪري ھڪ اھڙي دنيا جنم ورتو آهي جيڪا آدرشن کان خالي آھي. اڄ جو نسل جيڪڏهن ڪنھن کان چڱيءَ ريت واقف آهي تہ اھو آھي بل گيٽس، مارڪ زڪربرگ، جيف بيزوز، اسٽيو جابس، جئڪ ما، لئري پيج، وارن بفيٽ، سئم الٽمن، ايلن مسڪ، مڪيش امباڻي، گوتم اڊاني وغيره وغيره ۽ ڪميونسٽ پڌرنامي ۽ داس ڪيپيٽل جي جاء ورتي آھي فوربس مئگزين ۽ وال اسٽريٽ جرنل.

مارڪس ۱۹ صديءَ ۾  آدرشوادي سياست جا فڪري بنياد فراھم ڪري 65 سالن جي ڄمار ماڻي ۱۴ مارچ ۱۸۸۳ع  تي گمنام حالت ۾ گذاري ويو. مارڪس ۽ مارڪسي فڪر جو نئون جنم ٿيو  ۷ نومبر ۱۹۱۷ع تي جنھن ۲۰ صديءَ ۾ سڄي دنيا تي راڄ ڪيو ۽ ۷۴ سالن جي حياتي ماڻي 26 ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي ھڪ المناڪ انجام تي پھتو.

مارڪس جو ٽيون جنم ٿيو ۲۰۰۸ع ۾.

۲۰۰۸ع ۾ جڏھن سڄي دنيا تي سرمائيداري جو راڄ ھيو ۽ ان جي مدمقابل ڪنھن قوت جو ڪو وجود نہ ھيو ۽ ان باوجود بہ  سڄي دنيا شديد اقتصادي بحران جو شڪار ٿي تہ سرمائيدار دنيا جي وڏن اقتصادي ماھرن ۽ ترجمانن ئي ڪارل مارڪس کي  ڏاڍي شد مد سان ياد ڪيو. فنانشل ٽائمز ۾ ھڪ ليک ڇپيو:

Karl Marx was Right

‘ڪارل مارڪس صحيح ھيو’

نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي ھڪ ماھر چيو:

“سرمائيداري جي ان بحران کي سمجهڻ لاءِ منھنجا ھٿ يڪدم ڪارل مارڪس جي ڪتاب داس ڪيپيٽال ڏانھن وڌيا.”

دي ايڪنامسٽ اعتراف ڪيو تہ اسان مارڪس کي مدي خارج قرار ڏئي غلطي ڪئي آهي، مارڪس جي افاديت اڄ بہ قائم آھي.

ڊيوڊ ھاروي ۽ ايرڪ ھابس بام جھڙن معاشي ماھرن مارڪس جو وري مطالعو ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ جارج ميگنس لکيو:

“Give Karl Marx a chance to save World Economy-“

“عالمي معيشت کي بچائڻ لاءِ ڪارل مارڪس کي ھڪ موقعو ڏيو.”

اڄ فيس بوڪ تي نادر دراوڙ جي پوسٽ ۾ اھو جملو پڙھي خيال آيو تہ ايرڪ ھابس جو اھو جملو ھينئن ھجڻ گھرجي:

“Save Karl Marx to give World Economy a chance.”

“عالمي معيشت کي ھڪ موقعو ڏيڻ خاطر ڪارل مارڪس کي بچايو.”

مارڪس چوي ٿو تہ سرمائيدارانہ معيشت جا اندروني تضاد ئي ان جي بحرانن جو سبب بڻجن ٿا ۽ ان جي ڪک مان ئي ھڪ اھڙي عالمي معيشت جنم وٺندي جيڪا انسانذات جي وسيع اڪثريت لاءِ خوشحالي جو سامان پيدا ڪندي ۽ اھا ڪنھن مخصوص اقليت وٽ سرمائي ۽ پيداوار جي وسيلن کي مرڪوز ٿيڻ نہ ڏيندي.

اڄ جنگ زدہ انسانيت ھڪ اھڙي ئي انسان دوست معيشت ۽ سماج جي تقاضا ڪري رھي آھي جنھن ۾ جنگ، غربت ۽ غلاميءَ جو ڪو وجود نہ ھجي، امن، آزادي ۽ خوشحالي سڀن جو بنيادي حق ھجي.

۽ ان ئي  آدرش کي انسان دوست سنڌو تھذيب جو علمبردار سائين جي ايم سيد ھنن ٽن نقطن ۾ سموئي ٿو:

امن عالم، اتحاد انساني، ترقي بني آدم.

_____________

Jagdeesh Ahuja-TheAsiaN

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو.  لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button