Editor's pickMain SlideUncategorizedڏکڻ ايشياڪالم

Bleeding Heart ٽنڊي بھاول سانحي ۽ مائي جندوءَ جي جدوجھد تي اھم ڪتاب

1992 ۾ ٽنڊي بھاول واري سانحي ۾ زرعي زمين تي قبضي لاءِ ھڪ فوجي آفيسر نَو ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي قتل ۽ خُون کي لڪائڻ لاءِ بيگناھ ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل پڌرو ڪيو ھو.

سانحي ۾ رُڳو 9 جانيون ختم ڪونہ ٿيون پر انصاف لاءِ واجھائيندي ٻن نارين بہ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو ۽ 42 ٻار يتيم ٿي ويا

ان ظلم خلاف ھڪ ٻُڍڙي عورت مائي جندوءَ سخت ۽ ڊگھي جدوجھد ڪئي ۽ قاتل کي ڦاھيءَ جي ڦندي تائين پھچايو

نصير اعجاز

تاريخ سنڌ سان ٿيل ھاڃن جي داستانن سان ڀري پئي آھي. اھا تاريخ سنڌ تي اگريزن جي قبضي کان اڳ جي ھجي، قبضي واري ھڪ صديءَ دوران ٿيل سانحن جي ھجي يا پوءِ انگريزن کان آزاديءَ جي نالي سان شروع ٿيل دور، ڪو محقق لکڻ ويھي تہ ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي نتيجي ۾ قائم ٿيل نئين ملڪ پاڪستان جي پھرين ڏينھن کان سنڌ لاءِ مصيبتن جو ھڪ نئون دور شروع ٿيو ھو. سنڌواسين جي اھا خوشفھمي اُٿندي ئي ختم ٿي وئي ھئي تہ اُھي ڪنھن آزاد قوم جي شڪل ۾ ساھ کڻندا. انھيءَ جي ابتڙ سندن نڙگھٽ تي لت ڏئي سندن ساھ ٻوساٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اھو سلسلو اٺھتر ورھين کان جاري آھي، پر سنڌي قوم انفرادي واقعن توڙي اجتماعي ڏاڍ خلاف ھر قدم تي مزاحمت ڪئي آھي جيڪا اڄ بہ جاري آھي. انھن اٺھتر ورھين ۾ ھونئن تہ سنڌي قوم تي وڏا قھر ڪيا ويا پر ھتي انفرادي طور ڪيل ڏاڍ ۽ انھيءَ خلاف تاريخي مزاحمت جي داستان ۽ انھيءَ تي لکيل ڪتاب جي ڳالھ ڪبي ۽ انھيءَ جو جائزو وٺبو.

شمس جعفراڻي صاحب جو ھيءُ انگريزي ڪتاب Bleeding Head سال 1992 ۾ ٿيل ٽنڊي بھاول واري سانحي بابت آھي جنھن ۾ زرعي زمين تي قبضي لاءِ ھڪ فوجي آفيسر نَو ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي قتل ڪيو ھو ۽ خُون کي لڪائڻ لاءِ بيگناھ ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل پڌرو ڪيو ويو ھو. ان ظلم خلاف ھڪ ٻُڍڙي عورت مائي جندوءَ سخت ۽ ڊگھي جدوجھد ڪئي ۽ قاتل کي ڦاھيءَ جي ڦندي تائين پھچايو. ھيءُ ڪتاب انھيءَ سانحي ۽ لافاني ڪردار مائي جندوءَ بابت آھي. ڪتاب جو ليکڪ انھيءَ سانحي وقت اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سب ڊويزنل مئجسٽريٽ ھو ۽ ٽنڊو بھاول وارو علائقو سندس حد ۾ ھو.  

اُھا 5 ۽ 6 جُون 1992 جي رات ھُئي جڏھن ٽنڊي بھاول ۾ اھو سانحو پيش آيو، جڏھن ھڪ بي ضمير ۽ بي حيا فوجي آفيسر 9 بيگناھ ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري گولين جو بَکُ بنايو تہ جيئن سندن زمين تي قبضو ڪري سگھي. انھيءَ سانحي ۾ رُڳو اھي 9 جانيون ختم ڪونہ ٿيون پر انصاف لاءِ واجھائيندي ٻن نارين بہ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو ۽ 42 ٻار يتيم ٿي ويا. انھيءَ سانحي ۾ ٻنھي نارين جا ٻہ ڀائر ۽ ھڪ جو مُڙس شھيد ڪيا ويا ھئا. جڏھن سانحي جي جوابدار فوجي آفيسر ميجر ارشد جميل کي مليل موت جي سزا ملتوي ڪئي وئي تہ چئن ورھين تائين انھيءَ خلاف جدوجھد ھلندي رھي جنھن دوران ٻن نارين انصاف خاطر پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي. ”جڏھن جوابدار فوجي آفيسر کي عدالت جي ٻُڌايل موت جي سزا تي چئن سالن تائين عمل نہ ٿيو، تہ يارھين سيپٽمبر 1996 تي مائي جندوءَ جي ٻن نياڻين انصاف نہ ملڻ تي احتجاج طور پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏي ۽ ڏھن ڏينھن کانپوءِ ھُو فوت ٿي ويون. ان کانپوءِ جوابدار کي ڦاھي ڏيڻ کانسواءِ سرڪار وٽ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونہ ھو.“

شمس جعفراڻي، جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عھدي تان رٽائر ٿيو، تنھن 2015 ۾ شائع ٿيل پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب ”ڪتيم سڀ ڄمار“ ۾ ٽنڊي بھاول واري سانحي جو ذڪر ڪيو ھو ڇو تہ ھُو ان سانحي جي جاچ کان ويندي مختلف مرحلن ۾ انھيءَ ڪيس سان لاڳاپيل رھيو ھو. سندس آتم ڪھاڻيءَ واري ڪتاب کي پرھندڙن گھڻي موٽ ڏيندي ٽنڊي بھاول سانحي تي الڳ ڪتاب لکڻ جي تجويز ڏنس تہ شمس جعفراڻيءَ انھيءَ تي ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ نتيجي ۾ ”اندر جنين اَڌ“ نالي سان ڪتاب لکي ورتو. انھيءَ ڪتاب کانپوءِ وري انگريزيءَ توڙي اُردوءَ ۾ انھي سانحي کي قلمبند ڪرڻ جي گھُر ڪئي وئي. زير نظر ڪتاب Bleeding Heart انھيءَ سنڌي ڪتاب ”اندر جنين اَڌ“ جو انگريزي ورزن چئي سگھجي ٿو.  

شمس جعفراڻي صاحب لکي ٿو تہ انھيءَ سانحي پُٺيان اصل محرڪ لالا غلام محي الدين پٺاڻ ھو. ھُن ئي اھا سازش سٽي ھئي جيڪو پاڻ اڳتي ھلي دل جو دورو پوڻ سبب مري ويو. ھن ڪتاب ۾ جعفراڻي صاحب نہ رُڳو سانحي جي شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿيل سمورا واقعا، جاچ ۽ ڪيس جا مڪمل تفصيل ڏنا آھن پر 28 آڪٽوبر 1996 تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ميجر ارشد جميل کي ڦاھيءَ تي ٽنگڻ جي اکين ڏٺي رپورٽ بہ شامل ڪئي آھي. ڪتاب ۾ ان سانحي سان لاڳاپيل سورھن تصويرون ٻہ آھن جن ۾ قاتل فوجي آفيسر کي ڦاھيءَ چاڙھڻ واري تصوير بہ شامل آھي.

ٽنڊي بھاول سانحي کان ويندي آخر تائين جي واقعن، توڙي انصاف لاءِ مائي جندوءَ جي جدوجھد ۽ سندس ٻن نياڻين جي قربانيءَ جي حوالي سان ملڪ جي اخبارن جي ڪردار تي بہ شمس جعفراڻيءَ تفصيل سان لکيو آھي. ھُن خاص طور ھٿ ٺوڪي قومي ميڊيا يعني اردو اخبارن جي ڪردار کي وائکو ڪيو آھي جيڪي ان سانحي کي سنگل ڪالم جي خبرن ۾ غير اھم نموني شائع ڪنديون رھيون. ھُن ڪتاب ۾ انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇويل ڪن اھم ايڊيٽورلن کي بہ شامل ڪيو ويو آھي. انھيءَ سموري مامري ۾ سنڌي اخبارن نھايت اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ انصاف لاءِ جدوجھد ڪندڙ مائي جندوءَ جو مڪمل ساٿ ڏيندي قاتل کي ڦاھيءَ تائين پھچائڻ ۾ مدد ڪئي.

ھيءُ ڪتاب ٽنڊي بھاول سانحي بابت ھڪ اھم دستاويز آھي جيڪو نہ رُڳو پڙھڻ پر سانڍڻ جوڳو آھي. ھن ڪتاب کي نہ رُڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي پر ٻين ملڪن جي لائبريرين ۾ ھجڻ گھرجي ڇو تہ اھو تاريخي دستاويز ايندڙ وقتن جي محققن لاءِ ريسرچ جو اھم دستاويز ھوندو.

_____________            

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ محقق، ۽ يارھن ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button