اچو ۽ نچو: بڙودا ۾ سنڌين جو ثقافتي ڏھاڙو ”شام سنڌي سنگيت جي“ ملھايو ويو
سُجاڳ سنڌي سميتيءَ جو ساليانو ثقافتي پروگرام رات جو اٺين وڳي پنڊت دين ديال آڊيٽوريم ۾ ٿيو، جنھن ۾ سنڌي برادريءَ جا ھڪ ھزار کان وڌيڪ ماڻھو شريڪ ٿيا
ودودرا، گجرات
انڊيا جي گجرات رياست جي تاريخي شھر بڙودا (ودودرا) ۾ سومر تي رات جو”شام سنڌي سنگيت جي“ نالي سان سنڌين جو ساليانو ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو جنھن جو نعرو ھو ”اچو ۽ نچو“.

ثقافتي پروگرام رات جو اٺين وڳي پنڊت دين ديال آڊيٽوريم ۾ شروع ٿيو ۽ دير تائين جاري رھيو، جنھن ۾ سموري سنڌي برادريءَ کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي ھئي. ھن رنگارنگي پروگرام ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون شريڪ ٿيا. گذريل ڪافي ڏينھن کان دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري ھو. پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مفت ٽڪيٽون ڏنيون ويون ھيون. ثقافتي پروگرام جي مشھوريءَ ۽ دعوت لاءِ وڊيو بہ ٺاھيون ويون ھيون جن ۾ ”ھيءَ سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن، ٽوپي اجرڪ وارا جيئن“ گيت بہ شامل ڪيو ويو ھو.

پروگرام جي سنگيت محفل سنڌي ڪوئل ڀڳونتي ناڻواڻيءَ کي ارپنا ڪئي وئي ھئي. ھن پروگرام ۾ ناليوارا ڪلاڪار لتا ڀڳتاڻي ۽ راجو لالواڻي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيوجيڪي سنڌونگر کان آيا ھئا

سُجاڳ سنڌي سميتي، سنڌين جي تنظيم، سمورن بڙودا واسي سنڌين کي ڪوٺ ڏيندي چيو ھو تہ ”اچو ۽ نچو“ ۽ ٻين کوڙ پروگرامن جو مزو وٺو. ڊانس جي لاءِ منيش لڇواڻي ۽ پونم لالواڻي اھڙا گيت پيش ڪندا جو نچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا. سچ تہ سندن ڳايل گيتن تي ھال ۾ ماڻھو مست ٿي نچندا رھيا.

انھيءَ کانسواءِ سجاڳ سنڌي سميتيءَ جي زائفان ميمبرن سنڌي ڇيڄ پيش ڪئي ۽ ديپڪ جئسنگھاڻي اسٽينڊ اَپ ڪاميڊين ھو.
بڙودا جي جن معتبر شخصيتن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، انھن ۾ مُڪيش لعل، ڪمليش لعل، ڪائونسلر ھيرو ڪنجواڻي، اڳوڻو ڪائونسلر پرشوتم ھيمناڻي، پَون ھيمناڻي وڪيل، ڊاڪٽر انوشا لولا، ڄيٺو لعلواڻي، روپچند واسواڻي، سنمُک گيانچنداڻي، راجو لاڊلا، جيرام شيواني ۽ ٻيا شامل آھن.

سُجاڳ سنڌي سميتي تنظيم 2011 ۾ قائم ڪئي وئي ھئي تہ جيئن سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي محفوظ ڪري ترقي وٺرائڻ سان گڏ سنڌين کي ھڪٻئي جي ويجھو آڻجي. انھيءَ مقصد سان 2014 کان ھر سال ثقافتي ڏھاڙو ملھايو وڃي ٿو ۽ انھيءَ پروگرام ۾ ناليوارن ڪلاڪارن کي ڪوٺ ڏني وڃي ٿي. انھيءَ کانسواءِ ھر سال مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينھن بہ 2014 کان باقاعدا ملھايو ويندو آھي.
______________



