انڌير نگري چرٻٽ راجا: سنڌ جي هڪ ايماندار استاد ۽ ڪرپشن جي راڪاسن جي ڪھاڻي
سنڌ حڪومت جي ٽريزريءَ ۾ ٽن ڪروڙن جو ڌاڙو لڳو، 700 ملازمن جي اڪائونٽن ۾ پئسا منتقل ٿيا، جن ۾ ھڪ پرائمري استاد بہ شامل ھو. ھُن سندس اڪائونٽ ۾ آيل 2 لک 30 ھزار رُپيا سرڪار کي موٽائڻ ٿي گھريا پر اُھي پئسا کانئس وٺڻ لاءِ تعليم کاتي جي آفيسرن کيس ايترو رُلايو ۽ ڌمڪايو، جو نيٺ کين چيڪ ڏئي پنھنجي جان ڇڏايائين.

تحرير: پروفيسر مدد علي جهتيال
مون کي هڪ پرائمري استاد جمن فون ڪيو. حال احوال وٺڻ تي چيائين: ڪالهه کان تمام گھڻو پريشان آهيان. ڪالهه جڏهن مون پنهنجي پگهار جي سلپ ايس ڊي او آفيس مان ورتي، ان ۾ ڇا ٿو ڏسان پگهار کان علاوه 2 لک 30 هزار وڌيڪ لکيل هئا، ايترا پئسا سلپ ۾ ڏسي آئون تمام گھڻو پريشان ٿي ويو آهيان، ڇو ته مون ته ڪڏهن لک ئي نه ڏٺو آهي، هي 2 لک 30 هزار!
مون کيس چيو ادا ٿي سگھي ٿو بئنڪ وارن کان ڀُل چُڪ ٿي هجي ۽ ٻين جا پئسا اوهان جي اڪائونٽ ۾ غلطيءَ سان موڪليا هجن. جمن چيو ته پگهار جي سلپ ضلعي جي ٽريزري آفيس مان جاري ٿيندي آهي. کيس صلاح ڏنم تہ بئنڪ وڃ اتي پنهنجو بئلنس معلوم ڪري، ٿي سگھي ٿو سلپ ۾ غلطي سان لڳا هجن ۽ اڪائونٽ ۾ نه هجن. جمن ڊوڙي وڃي بئنڪ پهتو، اتان کيس معلوم ٿيو ته 2 لک 30 هزار ۽ پنج سؤ آهن. هن کي پڪ ٿي ته ٽريزري آفيس مان ئي پئسا موڪليا ويا آهن.
بئنڪ مان ٻاهر نڪري مون ڏي ڪال ڪيائين: منهنجي اڪائونٽ ۾ اها رقم موجود آهي. کيس چيم ته تون فڪر نه ڪر، منهنجو هڪ دوست جيڪو ٽريزري آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي، ان کان معلومات وٺان ٿو، ڏسون هو ڇا ٿو چئي. مون ھڪدم ان ڏي فون ڪئي ۽ سمورو حال احوال ڪيو. ھن چيو: اوهان کي شايد خبر نه آهي، اهڙي قسم جي رقم پٽيوالن، چوڪيدارن ۽ ڪلارڪن جي اڪائونٽ ۾ پڻ موڪلي وئي آهي. 700 ماڻهو اهڙا آهن، جن ڏانهن رقم موڪلي وئي آهي. ٽن ڪروڙن جو گهپلو ٿيو آهي. مان حيران ٿي ويس ته ٽن ڪروڙن جي گهپلي جي سرڪار کي خبر ئي نه پئجي سگھي آهي. ايڏو وڏو ظلم! ٽريزري آفيس جو ڪلارڪ چوڻ لڳو، بس سائين پاڻ واري ملڪ ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. سائين هتي الائي ڇا پيو ٿئي، اوهان سادا سودا استاد، اوهان کي ڪهڙي خبر، اهڙي قسم جو پيسو اوهان نه ڏٺو آهي نه ئي اوهان کي لڳو آهي، جيڪڏهن ڏسو ته مائٽ مٽ، دوست ۽ قرب وارا ماڻهو به وساري اهڙي پئسي پويان لڳي وڃو ها. مون چيو: ها ادا اوهان صحيح آهيو.
فون بند ڪرڻ کانپوءِ منهنجو دماغ ئي ڪم نه پيو ڪري. سوچيم هاڻي جمن سان ڇا ڳالهايان. رات جو جمن کي فون ڪري ٽريزري واري دوست جا حال احوال ڪيم تہ جمن بہ ٻڌي ٿڌو ٿي ويو، آواز ئي نه پيو نڪريس. مون کيس تسلي ڏيندي چيو يار جمن تون گهٻراءِ نه آئون اوهان جي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪيان ٿو.
جمن سان ڳالهائڻ کانپوءِ مون هڪ دوست تعلقه ايجوڪيشن آفيسر حيدرآباد، سان ڳالهايو ۽ سارو حال احوال ڪيو. ان چيو سائين ”هتي اَٿوَ انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا“. اهڙي قسم جا ڪيس سنڌ جي هر ضلعي ۾ ظاهر ٿيا آهن، صرف هڪ ضلعو نه آهي، اوهان پنهنجي دوست کي چئو ته اها رقم پنهنجي اڪائونٽ مان نه ڪڍرآئي، پئسا ان جي اڪائونٽ ۾ پيا هجن، جڏهن انڪوائري ٿي ته هي انڪوائري آفيسرن کي چئي ته سائين منهنجي اڪائونٽ ۾ پئسا برابر آيا آهن، جيڪي ان اڪائونٽ ۾ ئي پيا آهن، اوهان ڀلي اهي پئسا واپس ڪرايو، منهنجو ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي.
صبح جو جمن کي تعلقه آفيسر ايجوڪيشن جو حال احوال ڏنم تہ هُو ڪجھ مطمئن ٿيو. شام جا ڇهه ٿيا، جمن مون ڏي فون ڪئي، سائين مون ڏي بيٽ جو سپروائيزر هينئر آيو هو، مون کي چئي ويو آهي ته اوهان جي اڪائونٽ ۾ جيڪي اضافي پئسا آيا آهن، اهي ايس ڊي او صاحب موڪليا آهن، ضلعي واري ٽريزري آفيسر ذريعي. اوهان سڀاڻي ايس ڊي او صاحب جي آفيس اچجو ۽ پاڻ سان گڏ چيڪ بڪ به کنيو اچجو. مون سپروائيزر کي چيو ته آئون ايس ڊي او آفيس ڇو اچان، پئسا حڪومت جا غلطي سان منهنجي اڪائونٽ ۾ اچي ويا آهن، آئون گورنمينٽ کي ئي واپس ڪندس. آئون ايس ڊي او صاحب کي چيڪ ڏئي ڇڏيان، سڀاڻي انڪوائري ٿئي، آئون غريب ماڻهو منهنجي نوڪري هلي وڃي يا چون پئسا واپس ڪر، مان ايتري رقم ڪٿان آڻيندس. تنهن تي سپر وائيزر چوڻ لڳو بابا هتي ڏنو پٽ ڇٽي جو، تون پاڻ ٻڌاءِ ڀلا ڪنهن کي اڄ تائين ڪا سزا لڳي آهي جو توکي لڳندي. يار ڊڄ نه تون سڀاڻي آفيس اچ، صاحب سڀ ذميواريون پاڻ کڻندو.
جمن چيو سپروائيزر اهڙيون ڳالهيون مون سان ڪري ويو آهي جو مان تمام گھڻو پريشان ٿي ويو آهيان، اوهان ٻڌايو ته آئون ڇا ڪيان؟ مون جمن کي چيو اوهان پڪا رهجو، متان پئسا ڏنا اٿو. جيڪڏهن توهان پئسا ايس ڊي او کي ڏنا ته سڀاڻي انڪوائري ۾ ڦري ويندو ۽ چوندو سائين مون کي انهن پئسن جي خبر ئي نه آهي. جمن جي ڳالهائڻ کانپوءِ ان جي ڳوٺ جي چڱي مڙس جيڪو سياسي اڳواڻ پڻ آهي، ان کي فون ڪيم ۽ سڄي حقيقت ٻڌائي کيس چيم ته مهرباني ڪري مسئلي کي حل ڪرائي. جمن 20 سالن کان اوهان جي ڳوٺ ۾ پڙهائي پيو انتهائي محنتي، ايماندار، صوم صلوات جو پابند ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته ان استاد اوهان کي به پڙهايو آهي، پوري تر جي اسڪولن ۾ سندس نالو مڃيل استادن ۾ ورتو ويندو آهي. ڳوٺ جي چڱي مڙس چيو ها سائين مون کي خبر آهي ته سائين هڪ بهترين استاد آهي، مان صبح جو اسڪول وڃي ان جو مسئلو حل ڪندس، اوهان بي فڪر ٿيو.
صبح ٿيو. ڳوٺ جو چڱو مڙس اسڪول اچي پهتو، جمن کان پورا حال احوال وٺي کيس تسلي ڏنائين ته جيئن اوهان چوندا ايئن ٿيندو، اوهان فڪر نه ڪريو، آئون ويٺو آهيان. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو ان به ڪجهه نه ڪيو. شام ڌاري ايس ڊي او صاحب جمن کي پاڻ فون ڪري چيو ته اوهان کي حد جو سپروائيزر ڪالهه چئي ويو هو، اوهان وڏا ماڻهو ٿي ويا آهيو يا ڏاڍا مڙس، جيڪڏهن سڀاڻي”تون منهنجي آفيس نه آئين ته توسان گھٽ نه ٿيندي. “ جمن ايس ڊي او کي چيو، سائين آئون مسڪين ماڻهو آهيان، ڪجھ رحم ڪريو، ايس ڊي او صاحب جمن جي هڪ به نه ٻڌي.
ٻيو ڏينهن ٿيو. استاد جمن ڏي سندس برادريءَ جا ٻه ماڻھو آيا جن کيس چيو، سائين اوهان سادا سودا ماڻهو آهيو، ڇو ٿا ڦڏن ۾ پئو، چيڪ ڏئي پنهنجي جان ڇڏرايو، توهان کي ڪجھ ٿيو ته اسان ذميوار هونداسين، سائين جمن انهن جون ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويو. دل ۾ چوڻ لڳو منهنجي برادريءَ جا ماڻهو منهنجي مدد نه پيا ڪن، الٽو ايس ڊي او صاحب جي پيا مدد ڪن. جمن کين چيو بابا آئون پئسا ڪو نه ڏيندس، منهنجي نوڪريءَ جو مسئلو آهي، اوهان مهرباني ڪري ايس ڊي او کي سمجهايو ته هو مون کي تنگ نه ڪري. کيس چوڻ لڳا بس سائين جمن تو اسان جي عزت نه رکي، هاڻي تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، سائين جمن جا حال احوال ٻڌي آئون به پريشان ٿي ويس ته هڪ ايماندار استاد جي ڪوبه مدد نه پيو ڪري، الٽو کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
مون جمن کي چيو، سائين تون فڪر نه ڪر، هڪ رٽائرڊ ٽريزري آفيسر منهنجي واسطي وارو آهي، آئون ان کان معلوم ڪيان ٿو ته پئسا حڪومت کي ڪيئن واپس ڪبا آهن. جڏهن اوهان وٽ پئسا ئي نه هوندا ته ايس ڊي او يا ان جا ساٿاري اوهان کي تنگ به نه ڪندا. جمن چيو سائين ائين ڪريو پئسا حڪومت کي واپس ٿي وڃن پوءِ هي ڪجھ نه ڪري سگھندا. مون رٽائرڊ ٽريزري آفيسر کي فون ڪئي، پورو حال احوال ڏنو. ھن چيو سائين مون کي ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. هاڻي هن جو طريقو هي آهي ته گورنمينٽ جو چالان ٽريزري آفيس مان وٺو، ان ۾ گورنمينٽ جو اڪائونٽ لکي (Over Payment) لکي بئنڪ ۾ پئسا جمع ڪرايو. پر ان چالان تي ايس ڊي او جي ڪائونٽر صحيح ضرور ٿيندي. مون ٽريزري آفيسر کي چيو سائين سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو هُو صحيح ڪري. ھُن چيو سائين ٻيو ڪو حل نه آهي.
مون جمن کي فون ڪئي حال احوال ڪيومانس، جمن چيو سائين ايس ڊي او صحيح نه ڪندو، ٻيو ڪو طريقو ٻڌايو. مون کيس چيو ته توهان ضلعي جي ٽريزري آفيسر بئنڪ جي مئنيجر ۽ ايس ڊي او ڏي درخواست لکو، ان ۾ Over payment جو لکو، متان هو پاڻ ان ڳالهه جو نوٽيس وٺن ۽ پئسا پنهنجو پاڻ ئي واپس ڪرائين. جمن کي اها ڳالهه وڻي، هن ٽي درخواستون لکي رجسٽري ڪرائي ڇڏيون. ان کي به 10 ڏينهن ٿي ويا، پر ڪو عمل نه ٿيو. سائين جمن انهي عرصي دوران ڏاڍو پريشان رهيو، خبر تڏهن پيس جو هن کي ايس ڊي او صاحب پنهنجي اسڪول مان بدلي ڪري هڪ اهڙي جڳهه تي موڪليو، جيڪو ڌاڙيلن جو ڳڙهه هجي ۽ گذريل 20 سالن کان اهو اسڪول بند هجي. اسڪول جي هيڊ ماستر پنهنجي آفيسر کي خوش ڪندي دير ئي نه ڪئي، شام جو هن کي اسڪول مان بيدخل ڪري ليٽر گهر اماڻي ڇڏيو، جڏهن اهو ليٽر سائين جمن کي مليو، سائين کي تمام وڏو ارمان ٿيو ته ايس ڊي او صاحب ته گھٽ نه ڪئي، پر هيڊ ماستر به مون کي نه ٻڌايو ته تنهنجي بدلي ٿي آهي، بيدخل ڪري ليٽر ڏياري موڪليو اٿائين. اسڪول جي ٻين استادن به هيڊ ماستر کي نه جهليو ته سائين اسان جو ساٿي رهيو آهي، هاڻي هو عتاب ۾ آهي اسان کي ان جي مدد ڪرڻ گھرجي.
بهرحال جمن کي جيئن بيدخلي جو ليٽر مليو تہ ڏاڍو پريشان ٿيو، ڳوٺ جي ماڻهن کي به سندس بدليءَ جي خبر پئجي وئي، کين ڏندين آڱريون اچي ويون ته هڪ بهترين ۽ قابل استاد سان هيڏو وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، سندس داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪو ڪونهي. سائين جمن بدليءَ جي آرڊر ملڻ کانپوءِ مون ڏي فون ڪئي، مون کيس تسلي ڏيندي چيو ته اوهان پريشان نه ٿيو آئون اوهان جي بدلي روڪرايان ٿو. مون هڪ دوست پروفيسر کي دادوءَ ۾ فون ڪئي، کيس حال احوال ڏنا. ھُن چيو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن سندس دوست آهي، کيس چئي سائينءَ جي بدلي روڪرايان ٿو. سائين ان سان ڳالهايو، جنھن چيو ايس ڊي او صاحب بدلي جو آرڊر غلط ڪڍيو آهي. سنڌ حڪومت بدلين تي ڇهه مهينا بندش وڌي آهي، اسان پٽيوالي جي بدلي نه ٿا ڪري سگھون. هن نئين آيل تعلقه آفيسر ايجوڪيشن سان ڳالهايو ۽ مون کي چيائين ته اوهان جو دوست نئين آفيسر سان وڃي ملي، انشاءَ الله مسئلو حل ٿي ويندو. مون ھڪدم سائين جمن کي ٻڌايو ته نئين آفيسر سان ملي. هو جلدي جلدي تيار ٿي وڃي نئين آفيسر سان مليو، جنھن بيٽ جي سپروائيزر کي گهرايو ۽ کيس چيائين ته آئون سائين جمن کي هڪ بند پيل اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان، اوهان هن جي باري ۾ ڇا ٿا چئو. حد جي سپروائيزر چيو سائين شاهدي ڏيان ٿو ته هي استاد مون کان به وڌيڪ ڊيوٽي جو پابند آهي، ان کان علاوه پوري بيٽ ۾ هي بهترين استاد پڻ آهي. اوهان ڀلي هن کي ان ڳوٺ موڪليو. سائين جمن کي تعلقه آفيسر ايجوڪيشن حڪم ڪيو، اوهان وڃي بند پيل اسڪول کوليو، سائين جمن ڏاڍو خوش ٿيو۽ ٻئي ڏينهن سوير وڃي ان ڳوٺ جو 10 سال بند پيل اسڪول کولرايو. ان ڳوٺ وارا به ڏاڍا خوش ٿيا. سائين جمن مون ڏي فون ڪري سڀ حال احوال ڏنو، پر اڃا مون کي پريشان لڳو. ٻن ڏينهن کانپوءِ نئون آيل تعلقه آفيسر ايجوڪيشن بدلي ٿي ويو، پراڻي ايس ڊي او صاحب دير ئي نه ڪئي، هن ڏانهن شوڪاز نوٽيس ڏياري موڪليو ته اوهان جي بدلي ڪئي وئي هئي ٻئي اسڪول ۾ اوهان جوائن نه ڪيو آهي، اوهان ٻن ڏينهن اندر ايس ڊي او آفيس روبرو اچي جواب ڏيو. ليٽر ۾ لکيل هو هڪ ڪاپي سيڪريٽري ايجوڪيشن، هڪ ڪاپي ڊائريڪٽر اسڪولز، هڪ ڪاپي ڊي سي آفيس، هڪ ڪاپي ضلعي آفيسر، هڪ ڪاپي آفيس فائل. سائين جمن کي جيئن ليٽر مليو سائين جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. فون تي پورو ليٽر پڙهي ٻڌايائين ۽ چيائين ته سائين هاڻي آئون ڇا ڪريان؟
مون کيس چيو اوهان گھٻرايو نه آئون ڏسان ٿو. مون ھڪدم ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن کي فون ڪئي ۽ ليٽر جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ھن چيو سائين آئون ڪراچي آهيان ڏينهن ٻن ۾ ايندس، پوءِ انهيءَ مسئلي کي ڏسي وٺنداسين. مون سمجھيو هاڻي هي به ڪجھه نه ڪندو، سائين جمن کي چيم اوهان ليٽر جو جواب لکو، ان ۾ سڀ ڳالهيون لکي ڇڏيو، الله خير ڪندو، آئون ڪجھه ڪريان ٿو. انهيءَ عرصي دوران سائين تمام گھڻو پريشان رهيو، سائين سان گڏ سائين جي فيملي پڻ عتاب ۾ رهي.
سائين جمن مقابلو ڪندي ڪندي آخرڪار ٿڪجي پيو، خبر تڏهن پيس ته رات جو پنج نامعلوم ماڻهو اچي سندس در تي پهتا، جن سائين ءَکي چيو ته شرافت انهيءَ ۾ اٿئي ماستر ته چيڪ ڏي، نه ته اڄ پنهنجو خير نه سمجھه؟ سائين پنهنجي عزت بچائيندي چيڪ انهن جي حوالي ڪيو، چيڪ ڏيڻ کانپوءِ سائين جمن مون کي روئندي آخري دانهن ڏني ته سائين آئون اڪيلو 25-30 ڏينهن ايس ڊي او صاحب سان مقابلو ڪندو رهيس، ڪنهن استاد، ڪنهن ڳوٺ واري، ڪنهن سماجي ورڪر، ڪنهن تنظيم ساٿ نه ڏنو، ايستائين جو اسان جي پ ٽ الف تنظيم پڻ ساٿ نه ڏنو، مون انتهائي مجبور ٿي هينئر چيڪ ڏنو آهي، هاڻي جيڪو ٿيو منهن ڏبو، باقي زور اڳيان زاري آهي.
سائين جمن جا آخري جملا ٻڌي منهنجي اکين مان به لڙڪ لڙي پيا ۽ مون کيس چيو ها سائين اوهان صحيح پيا چئو، هن دور ۾ ّشريف، ايماندار ۽ محنتي ماڻهو سان ايئن ئي ٿيڻو آهي .
________________

پروفيسر مدد علي جھتيال حيدرآباد ۾ رھي ٿو



