وڪٽوريا ميوزيم ڪراچيءَ جي تاريخي عمارت جنھن تي سپريم ڪورٽ قابض آھي
هڪ علمي ۽ تاريخي ميوزيم جو پهرين مالياتي ۽ بلدياتي دفترن (اسٽيٽ بئنڪ ۽ واٽر بورڊ) ۽ نيٺ هڪ اعلي عدالتي عمارت ۾ تبديل ٿي وڃڻ ان حقيقت جو عڪس آهي ته بيٺڪيت کانپوءِ واري رياست ۾ تاريخي ادارن ۽ نسلن جي ورثن کي ڪهڙي طرح خالص انتظامي ۽ بيوروڪريٽڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.

ليکڪ: ابراھيم صالح محمد
تاريخ ڪنهن به قوم جي اجتماعي حافظي ۽ ان جي تهذيبي سڃاڻپ جي ضامن هوندي آهي. عجائب گھر صرف پراڻين شين، سڪن يا مجسمن گڏ ڪرڻ جا مرڪز ناهن، بلڪه اهي زندهه سائنسي نگارخانه آهن جيڪي قومن جي ارتقا، معاشي جوڙجڪ ۽ طبقاتي تاريخ جي گواهي ڏين ٿا. سنڌ ۾ برطانوي هند (1843ع کان 1947ع) جو دورِ حڪومت هڪ طرف استحصال ۽ نوآبادياتي جبر جو باب هو، پر ان دور ۾ جديد سائنسي ۽ آثارِ قديمه جي طريقن تحت سنڌ جي هزارين سال پراڻي تاريخ کي ترتيب ڏيڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جو ڪم بہ شروع ڪيو ويو. برطانوي راڄ انھن مقصدن لاءِ سڄي سنڌ ۾، خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾، اهڙا ادارا، نگارخانه ۽ عجائب گھر قائم ڪيا جن جو مقصد ان خطي جي طبعي جاگرافيائي، ساحلي حيات ۽ آرڪيالوجيڪل ثبوتن کي محفوظ ڪرڻ هو.
وڪٽوريا ميوزيم: ڪراچيءَ جو پهريون علمي عجائب گھر
ڪراچيءَ جي تاريخ وڪٽوريا ميوزيم (Victoria Museum) جي ذڪر کان سواءِ مڪمل نٿي ٿي سگهي. اھو ئي ڪراچي جو پهريون باقاعده عجائب گھر هو، جنهن جي شروعات 1851ع جي ويجھو ڪئي وئي. ابتدائي طور تي ان جو مقصد سنڌ جي طبعي ماحول، عربي سمنڊ جي ساحلي حيات ۽ مقامي برادرين جي ثقافتي نوادرات کي هڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ هو. شروع ۾ انھن نوادرات لاءِ فريئر هال جي هڪ ننڍڙي حصي ۾ جاءِ رکي وئي، جتي برطانوي أفيسرن، جهڙوڪ ڪپتان فرينڪلن، ۽ مقامي محققن ناياب شيون جمع ڪرڻ جو بنياد رکيو.
19هين صديءَ جي آخر ۾ راڻي وڪٽوريا جي گولڊن جوبلي (1887ع) جي مناسبت سان سنڌ جي برطانوي انتظاميا ۽ مقامي تاجرن جي مالي سھائتا سان هن ميوزيم لاءِ هڪ عظيم الشان عمارت جو منصوبو جوڙيو ويو. هن خوبصورت برطانوي دور جي عمارت جو سنگِ بنياد 1887ع ۾ راڻي وڪٽوريا جي دورِ حڪومت ۾ “ڊيوڪ آف ڪناٽ” (Duke of Connaught) رکيو هو. جڏهن ته 21 مئي 1892ع تي ان کي باقاعده طور عوام لاءِ کوليو ويو ۽ ان جو نالو “وڪٽوريا اينڊ البرٽ ميوزيم” رکيو ويو. ان جو باقاعده افتتاح وائيسراءِ هند لارڊ ايلگن (Lord Elgin) ڪيو.
وڪٽوريا ميوزيم جي عمارت ڪلاسيڪي اطالوي نشاة ثانيہ (Italianate Architecture) جي طرز تي ڊزائين ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڪراچي جي مقامي گزري (Gizri) جي پيلي پٿر جو بهترين استعمال ڪيو ويو. هن عمارت جا خوبصورت محراب، دريون ۽ وسيع مرڪزي هال ان دور جي تعميراتي مهارت جو شاهڪار هئا.

ميوزيم ۽ بنيادي سائنسي ۽ تاريخي شعبا
واديءَ سنڌ ۽ قديم آثار: آرڪيالوجيڪل سروي آف انڊيا (ASI) پاران موئن جو دڙو، هڙپہ وغيره جهڙن هنڌن تان ملندڙ مھرون، ٺڪر جا ٿانءَ، سڪا ۽ مورتيون هتي رکيون ويون.
نيچرل هسٽري ۽ حنوط ٿيل جانور ۽ پکي وغيره : سنڌ جي ساحلي حيات، عربي سمنڊ جا ناياب سامونڊي نمونا، ٿر جي ريگستان جا سرڪندڙ جانور (Reptiles) ۽ حنوط ٿيل پکي ان جو وڏو مرڪز هئا.
ايٿنوگرافي ۽ ساحلي ثقافت: سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي ۽ صحرائي برادرين، ۽ مقامي ڪاريگرن جي روايتي ٻيڙي سازي جا ماڊل، انهن جا لباس، خطاطيءَ جا ناياب نسخا ۽ جنگي هٿيار هتي محفوظ ڪيا ويا.
قيامِ پاڪستان، انتظامي منتقلي ۽ ادارن جي مٽ سٽ
1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ وڪٽوريا ميوزيم جي اهميت وڌيڪ ٻيڻي ٿي وئي. پهرين جولاءِ 1948ع تي قائد اعظم محمد علي جناح هن ئي عمارت ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو افتتاح ڪيو هو. قيامِ پاڪستان کان پوءِ نئين جنم وٺندڙ رياست کي درپيش دفترن جي شديد کوٽ ۽ انتظامي ترجيحن جي نتيجي ۾ هن عمارت عجيب عبوري مرحلا ڏٺا:
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو عارضي قيام: قيامِ پاڪستان کان ترت پوءِ، جڏهن رياست وٽ مرڪزي بئنڪنگ جي نظام لاءِ عمارتن جي شديد کوٽ هئي، ته وڪٽوريا ميوزيم جي ڪجھه حصن کي عارضي طور اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انتظامي معاملن ۽ دفترن لاءِ استعمال ڪيو ويو. مالياتي معاملن ۽ ملڪي معيشت جا ابتدائي بنياد مضبوط ڪرڻ جو سفر هن عمارت جو هڪ وسري ويل باب آهي.
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو هيڊڪوارٽر: 1960ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن برنس روڊ تي برنس گارڊن ۾ نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي موجوده عمارت مڪمل ٿي ۽ سمورا تاريخي نوادارات اتي منتقل ڪيا ويا، ته هن عمارت کي بلدياتي انتظاميا جي حوالي ڪيو ويو. هڪ ڊگھي عرصي تائين ھيءَ بلڊنگ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو هيڊڪوارٽر رهي، جتان کان شهر جي واٽر سپلاءِ ۽ سينيٽيشن جو انتظام هلايو ويندو رهيو.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ جي تحويل: مئي 1995ع ۾ حڪومتِ سنڌ هن عمارت جي مالڪي مڪمل طور سپريم ڪورٽ جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ مرمت کان پوءِ 20 فيبروري 1997ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان (ڪراچي رجسٽري) جو باقاعده افتتاح ٿيو.
غفلت ۽ سياسي بصيرت جي کوٽ
هڪ علمي ۽ تاريخي ميوزيم جو پهرين مالياتي ۽ بلدياتي دفترن (اسٽيٽ بئنڪ ۽ واٽر بورڊ) ۽ نيٺ هڪ اعلي عدالتي عمارت ۾ تبديل ٿي وڃڻ ان حقيقت جو عڪس آهي ته اسان جي بيٺڪيت کانپوءِ واري رياست ۾ تاريخي ادارن ۽ نسلن جي ورثن کي ڪهڙي طرح خالص انتظامي ۽ بيوروڪريٽڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ عدالتي تحويل ۾ اچڻ جي ڪري هن تاريخي عمارت جو ٻاهريون ڍانچو بظاهر برباديءَ کان بچي ويو ۽ محفوظ رهيو، پر ان جي اندر اهو ميوزيم، سائنسي تحقيق ۽ تاريخي محققن جو ماحول هميشه لاءِ ختم ٿي ويو جنهن ڪڏهن ڪراچيءَ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هڪ ممتاز علمي ۽ ثقافتي مقام ڏياريو هو.
عجائب گھر صرف ماضيءَ جون شيون سجائڻ جو نالو ناهي، بلڪه اهي هيٺين سطح جي طبقاتي تاريخ، ڪاريگر برادرين جي دستڪاري، ۽ ساحلي معاشي ارتقا جا سائنسي دستاويز هوندا آهن. وڪٽوريا ميوزيم جي بندش ۽ ان جي بار بار ٻين مقصدن لاءِ استعمال ئي ثابت ڪيو ته اسان جي رياست تاريخي ۽ سائنسي ادارن تي انتظامي ۽ قانوني ادارن کي فوقيت ڏني. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جتي ڪراچيءَ جي جديد شهري ترقي ۽ قانوني ادارن جو قيام ضروري آهي، اتي وڪٽوريا ميوزيم جهڙن يادگارن جي اصل علمي حيثيت کي به تاريخ ۾ نمايان ڪيو وڃي.
_____________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



