Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

پاڪستان ٺھڻ کان ھيل تائين سنڌ جا اسي سيڪڙو ٻيلا تباھ ٿي چُڪا آھن

وڻن جي غيرقانوني واڍي، زمينن تي قبضن، ناڪام انتظامي پاليسين ۽ ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ڪرپشن سنڌ جي ٻيلن کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي

نادر مائري

سنڌ، جيڪا ڪڏهن گھڻن ٻيلن، ساوڪ ڀري زمين ۽ جهنگلي جيوت جي سڃاڻپ هئي، اڄ آهستي آهستي انساني لالچ جي ور چڙهندي پئي وڃي. غيرقانوني وڻن جي واڍي، زمينن تي قبضاگيري ۽ ناڪام انتظامي پاليسين سنڌ جي ٻيلن کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي پکڙيل اهي وڻ، جيڪي فطري ماحول جا مضبوط محافظ هئا، اڄ تيزي سان ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. بي دردي سان ٿيندڙ واڍي نه رڳو سنڌ جي قدرتي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو آهي، پر ايندڙ نسلن لاءِ به سنگين خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌو درياهه مٿان غيرآئيني ڪينالن جو وڌندڙ ڄار هن تباهيءَ کي وڌيڪ تيز ڪري رهيو آهي.

هڪ طرف دنيا موسمياتي تبديليءَ جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي وڻڪاري مهمون هلائي رهي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ٻيلن جو خاتمو رڳو مقامي مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو عالمي ماحولياتي توازن لاءِ به هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي.تاريخي رڪارڊ ٻڌائن ٿا ته ٻي عالمي جنگ کان اڳ سنڌ جا ٻيلا گھاٽا ۽ زرخيز هئا. برطانوي دور ۾، جيتوڻيڪ انهن ٻيلن کي ڪاٺ جي ذخيرن طور استعمال ڪيو ويو، پر آزاديءَ کان پوءِ نگرانيءَ جي کوٽ، بدعنواني ۽ انتظامي نااهلي سبب هي قيمتي قدرتي سرمايو تيزي سان ختم ٿيندو ويو. سنڌ ٻيلي کاتي جي هڪ تحقيقي رپورٽ موجب، سنڌ جا لڳ ڀڳ پنجاهه سيڪڙو دريائي ٻيلا اهڙي حالت ۾ پهچي چڪا آهن، جو هاڻي انهن جي اقتصادي اهميت به ختم ٿي چڪي آهي. 1947ع کان اڄ تائين سنڌ پنهنجا لڳ ڀڳ اسي سيڪڙو ٻيلا وڃائي چڪي آهي، جڏهن ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران هي نقصان سڀ کان وڌيڪ تيز ٿيو آهي. ٺٽي کان ڪراچي تائين روزانو ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪن جي اچ وڃ منظم غيرقانوني واپار جو کليل ثبوت آهي. نم، ٻٻر ۽ ٻين مقامي وڻن جي وڏي پيماني تي واڍي سبب مڪلي جهڙا تاريخي علائقا به وڻن کان خالي ٿي ويا آهن، جنهن سان نه رڳو قدرتي ماحول، پر سنڌ جو تاريخي ورثو پڻ سخت متاثر ٿيو آهي. ٻيلن جي تباهيءَ جا اثر هاڻي صاف نظر اچڻ لڳا آهن. وڻن جي گهٽتائي سبب گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.

ماهرن موجب، ڪجهه علائقن ۾ گرمي چار کان ساڍا چار ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي چڪي آهي، جنهن ڪري هيٽ ويوز عام ٿي ويون آهن. پي ڊي ايم اي سنڌ جي انگن اکرن موجب، 2024ع جي هيٽ ويو دوران هزارين ماڻهو اسپتالن ۾ داخل ٿيا، ڪيترائي جانور مري ويا ۽ لکين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿيا. ٻيلن جي واڍي سبب برساتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، حياتياتي تنوع ختم ٿي رهيو آهي ۽ فطري نظام بگڙندو پيو وڃي. 2010ع ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري ۽ پاڪستان جي ماحولياتي وزارت سنڌ جي ڪيترن ئي مقامي وڻن کي خطري هيٺ قرار ڏنو هو. جڏهن قدرتي طرح وڻ ختم ٿين ٿا ته جانور ۽ پکي يا ته لڏپلاڻ ڪن ٿا يا مري وڃن ٿا، جنهن سان سڄو ماحولياتي ڍانچو عدم توازن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هي صورتحال ڪنهن قدرتي آفت جو نتيجو نه، پر انساني غفلت، ناقص پاليسين ۽ گڏيل بي حسيءَ جو پيدا ڪيل بحران آهي. سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن قدرتي ٻوڏ جي وهڪرن کي روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب دريائي ٻيلن جي فطري بحاليءَ جو عمل سخت متاثر ٿيو آهي.

 2005ع ۾ متعارف ڪرايل ايگروفارسٽري پاليسي به وڻ وڌائڻ بدران قبضاگيري ۽ واڍيءَ کي هٿي ڏني. افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته ٻيلي کاتي جا ڪجهه عملدار، اثر رسوخ رکندڙ سياستدان، وڏيرا، پوليس ۽ بيوروڪريسي هن سڄي نظام جو حصو بڻيل آهن. رپورٽن مطابق، ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪون روزانو هزارين رپين جي رشوت ڏئي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي روانيون ٿين ٿيون، جڏهن ته غريب مزدور ٿوري اجرت تي وڻ ڪٽڻ تي مجبور آهن ۽ اصل ذميوار مڪمل طور بي احتساب آهن. دنيا ۾ ٻيلن جي بچاءَ بابت روشن مثال موجود آهن. اٽلي جي شهر فلورينس ۾ هڪ قديم وڻ کي روڊ ويڪرو ڪرڻ لاءِ وڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر نوبل انعام يافته ليکڪ البرٽو موراويا عدالت ۾ درخواست ڏئي چيو ته، “هي وڻ فلورينس جو جهونو شهري آهي، ان کي وڍڻ قتل جي برابر آهي.” عدالت اهو وڻ بچائي ورتو. سنڌ ۾ به اهڙي شعور، همت ۽ قانوني جدوجهد جي سخت ضرورت آهي. ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته مئي ۽ جون جي شديد گرميءَ جو سڌو تعلق ٻيلن جي خاتمي سان آهي. ان ڪري هو زور ڏين ٿا ته وڻڪاري جو آغاز گهرن کان ٿئي، پوءِ گهٽين، علائقن ۽ شهرن تائين پکڙجي. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، ۽ هن چئلينج جو حقيقي حل رڳو وڻڪاري ۽ ٻيلن جي بحالي ۾ آهي. پر صرف علامتي مهمون ڪافي ناهن. قانون تي سختيءَ سان عمل، شفاف احتساب، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ۽ غيرآئيني ڪينالن جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. اڄ سنڌ ۾ پيداوار لائق ٻيلا رڳو ٻه سيڪڙو بچيا آهن، پر اڃا به اميد جي ڪرڻ موجود آهي. هاڻي ذميواري رڳو حڪومت جي نه، پر سڄي سماج جي آهي. سنڌي عوام کي جاڳڻو پوندو. هر وڻ جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ڇو ته ٻيلن جي بقا ۾ ئي زندگي ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ آهي. جيڪڏهن اسين اڄ به خاموش رهياسين ته سڀاڻي هي ڌرتي رهڻ جوڳي نه رهندي. اچو ته وڻ لڳايون، ٻيلا بچايون ۽ سنڌ کي ٻيهر سرسبز بڻايون.

_____________

نادر مائري صحافي آھي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button