ڪتاب ڪھاڻي: اَرپڻ کان رھجي ويل محبت (مختصر ڪھاڻين جو ڳُٽڪو)
وفا صالح راڄپر جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ ( ٻيو ڇاپو ) جو اڀياس، جنھن ۾ 13 ڪهاڻيون شامل آهن. ليکڪ ٻوليءَ جي خوبصورت لفظن جي گھاڙيٽي منجھ چوڻيون ۽ عام استعمال واري ٻولي بنا رک رکاءَ جي استعمال ڪئي آھي.
ذوالفقار ناصر ساريو

ڪهاڻين جي ڪتاب “خالي هنج جو ڏک“ ۾ شبنم گل پنهنجي پاران “ڪهاڻي پرچي پوي تہ’ ۾ لکي ٿي: ” هر چهرو هڪ ڪهاڻي آهي ، انڪري ڪهاڻين جي تخليق تائين پهچڻ ڪو ڏکيو عمل نہ آهي. پر اها حقيقت آهي تہ ڪهاڻيءَ کي پرچائڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪهاڻي، ادب جي منفرد پر ڏکي صنف آهي، ڪهاڻي، سرجهڻار کان فني مهارت گهري ٿي . موضوع کان ٻولي ۽ ڪردار نگاري تائين، ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ کي مڪمل توجھ گهرجي . مختصر ڪھاڻي پنج سئو يا هزار کان ست هزار لفظن تي مشتمل ٿئي ٿي . ڪهاڻيءَ کي فني گھاڙيٽي جي سخت قيد ۾ بند نہ ٿو ڪري سگهجي . ڪن ڪهاڻين جو پلاٽ سگهارو هوندو آهي تہ ڪن ۾ ڪردار نگاري ڀرپور نظر ايندي آهي . سٺي ڪهاڻي اها آهي ، جيڪا دل جي گهرائيءَ کي ڇهي وٺي ۽ پڙهندڙ کي ان ۾ ڪٿي نہ ڪٿي پنهنجي خوابن جو عڪس نظر اچي .سنڌيءَ ۾ تخليقي ڪهاڻيءَ جو سفر جاري آهي.“
… ۽ انھيءَ تخليقي سفر ۾ وفا صالح راڄپر بہ همسفر آهي. وفا ڪهاڻين کان اڳ نثري نظمن جو ڳٽڪو ڏئي شاعر بہ بڻجي ويو تہ ڪهاڻيڪار بہ . هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب ” ارپڻ کان رهجي ويل محبت ” 2017ع ۾ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري لاڙڪاڻي مان ڇپيو هو ۽ هيئنر انهيءَ جو ٻيو ڇاپو هڪ نئين ٽائيٽل سان ليکڪ اسير امتياز جي هٿان چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپجي اسان جي لائبريري ۾ پهچي چڪو آهي .
وفا صالح راڄپر جي هٿن ۾ دردن ڦلاريا ڦول / شاعري 2015ع ، ارپڻ کان رهجي ويل محبت / ڪهاڻيون 2017ع ، مون ساريندي سپرين ڪالم / مضمون 2018ع ۽ سورهن نومبر / نثري نظم 2022ع جھڙا ڪتاب جهليل هئا ۽ هاڻ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ” ارپڻ کان رهجي ويل محبت ” ساڻ کڻي اچي اسان جي اڳيان بيٺو آهي . هڪ ڳالھ آھي سندس پهرين ايڊيشن جو ٽائيٽل وڻندڙ ۽ دل کي ڇهندڙ هو جيڪو سنڌ سلامت واري ڊجيٽل شيلف ۾ سلامت آهي. “چانڊوڪي” وارو ٽائيٽل چنڊ جي ٿڌي روشنيءَ جيان ٿڌن رنگن جو گڏيل عڪس آهي .
هن ڪتاب جو مهاڳ محمد صديق منگيو لڳ ڀڳ ڏھ سال کن اڳ لکيو هوجنھن ۾ لکي ٿو تہ، “ڪهاڻي انساني زندگي جو عڪس ۽ اولڙو آهي تہ پاڇولو بہ آهي جيڪو انساني زندگي سان گڏ گڏ سفر ڪري ٿو، کن پل لاء بہ ڌار نٿو ٿئي. ان ڪري ڪهاڻي جي تاريخ بہ اوتري ئي پراڻي آهي جيتري انساني ارتقا جي تاريخ.”
ڪهاڻيڪار وفا صالح راڄپر جي لاءِ چئي ٿو تہ “وفا لفظن جي حرمت ڄاڻي ٿو ان ڪري لفظن جي خرچ ۾ هٿ ڇوٽ ڪونهي. هو ڪهاڻي کي رٻڙ وانگر اينگهائي اجائي ڊيگھ ڏيڻ جو قائل نہ آهي. ڪهاڻيءَ جي پکيڙ، موضوع ۽ ڪردارن جي گهرج آهر رکي ٿو. ان ڪري سندس ڪهاڻيون پنهنجي تَر ۽ بَر ۾ درزيءَ جي ويٽيل وڳي وانگر فِٽ هونديون آهن. هن سماج جي ڪهاڻين جا ڪردار هن وانگر سادا ۽ سڌا سنوان آهن . هو ڪردارن کي گھڙي ٺاهي انهن جا بي جان بوتا ڪهاڻين ۾ فٽ نٿو ڪري پر جيئن جو تيئن پنهنجي ماحول مان کڻي ٿو.”
وفا صالح راڄپر پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو تہ،” مان ڪهاڻيءَ کان پنهنجو اٽڪيل پاند، اٽڪيل ساھ ڇڏائي نٿو سگهان. ڪهاڻي جيڪا رڳو ڪتاب ۽ رسالي ۾ ڇپجڻ لاءِ ڪهاڻي نہ آهي پر ڪهاڻي منهنجي زندگي ۽ بندگي بہ آهي. ڪهاڻي منهنجو ساھ ۽ ويساھ بہ آهي. ڪهاڻي سان منهنجو جنون جي حد تائين پيار ۽ محبت آهي. ڪهاڻي سان منهنجو اهڙو گهرو تعلق ۽ عشق آهي جنهن کي موت بہ چاهي تہ ڌار نٿو ڪري سگهي. موت کان پوء بہ منهنجو ڪهاڻيءَ سان عشق هن ڪتاب ذريعي زنده ۽ آباد رهندو.”
وفا جي چواڻي تہ ” منهنجون ڪي ڪهاڻيون اهڙيون بہ آهن جن منهنجي جان جوکي ۾ وڌي هئي ۽ مون کي وڏين مشڪلات، تڪليفن ۽ اذيتن کي منهن ڏيڻو پيو هو ….” سچ تہ هي سفر عشق سان گڏ ڀوڳنائن جو سفر بہ آهي .
هن ڪتاب ۾ وفا جون 13 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻي “سريت ” ۾ سندس پريميڪا کيس پنهنجو پاڻ ارپڻ ٿي چاهي پر انهيءَ کان اڳ سندس هڪ پرين پيارو انهيءَ کي پنهنجو ڪري ٿو وٺي. ڪجھ گهڙيون اڳ انهيءَ پريميڪا کي سندس چيل جملو ڄڻ سندس دڳ جھليو بيٺو هجي.”جنهن سان زندگيءَ کان بہ مٿانهون پيار ڪيو، اها منهنجي ٿي نہ سگهي، ان کانپوءِ دل جي اها سکڻي ڪنڊ ڀرجي نہ سگهي آهي”
ڪهاڻي “سيما ” ۾ وري پريميڪا سيما جي چيل لفظن ۾ اڙجي کيس چاهڻ لڳي ٿو. ” ليکڪ قومن جا دماغ هوندا آهن. انهن کي حالتن جي بي رحم وهڪرن ۾ ضائع ٿيڻ نہ گهرجي .“
ڪهاڻي “نيڻن ۾ سجايل خواب ” جو آخري جملو ڪجھ منجهائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهي. لکي ٿو تہ “تون گريجوئيٽ آھين، ٻيا سڀ خفا ڇڏي، جلدي نوڪري وٺڻ جي ڪوشش ڪر. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن ڪيئي سال گذري ويا آهن. فاطي تہ پڻس جي ٽٽل واعدي جي ٽياس تي ٽنگجي ٽن ٻارن جي ما۽ بڻجي وئي آهي پر مان اڄ بہ نوڪريءَ جي پٺيان ايئن پيو ڊڪان ڄڻ…“

ڪهاڻي “رکوالي ” منجھ اسان جي حڪمرانن جي حڪمرانيءَ تي چماٽ آهي . ” ارپڻ کان رهجي ويل محبت ” هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيڪار جي چاهت جو پنهنجو رنگ آهي. سندس لکيل ڪهاڻيءَ جو آخري جملو سندس محبت ارپڻ جو هڪ بهترين ڪلائمڪس آهي. ” هي حميد جي ڌي نجمہ جي تصوير آهي جيڪا ٻہ سال اڳ روڊ حادثي ۾ ماءُ سان گڏ اسان کان وڇڙي وئي آهي. حميد ساڻس بيحد پيار ڪندو هو. جڏهن کان تو کي ڏٺو اٿس، ڄڻ ٻيھر جيُ پيو آهي. هو پنهنجي ڌيءَ کي ارپڻ کان رهجي ويل محبتون توکي ارپڻ گهري ٿو .“
ڪهاڻي ” اجازت ” منجھ اسان جي معاشري منجھ ٻاروتڻ ۾ ٿيل شادين جي نفي ڪئي اٿائين پر اسان جي معاشري سان گڏ اهڙين شادين کي قانون ۽ شريعت جو بہ خاصو سهارو مليل آهي. لکي ٿو تہ ” گڏُي گڏيَ جي وهانءَ ۾ ساٺ سئنوڻ تہ هوندا آهن پر زندگي جي سچائي شامل نہ هوندي آهي.“ وڌيڪ لکي ٿو تہ ، “منهنجي ڪلائنٽ جي شادي جڏهن ڪرائي وئي هئي تڏهن هن جي عمر ڏھ سال ۽ زاهد جي عمر 12 سال مس هئي .اها سندس راند روند جي ٻاراڻي وهي هئي .. .. ” وري پاڻ ئي ٻڌائي ٿو تہ ” منهنجي ڪلائنٽ پڙهيل لکيل آهي. هن وقت سندس عمر ويھ سال اٺ مهينا آهي.” مون کي انهيءَ ھنڌ غلط فهمي ٿئي ٿي تہ هي شادي نہ هئي صرف رخصتي بنا نڪاح هيو تڏهن تہ ڪورٽ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو آهي .
ڪهاڻي “ٻہ جريب ” منجھ اسان جي لالچي روين ، ڳوٺاڻي ماحول ۽ اوطاق جي بهترين منظر نگاري ڪئي وئي آهي
”ڪارو ڌاڳو “ ڪهاڻي ويساھ وڃايل ماڻهن جي ڪهاڻي آهي. غريب تہ ويچارو اهڙي ويڌن تي وات تي هٿ رکيو چپ ٿيو وڃي پر هت تہ رئيس علڻ خان هو. ٻئي هڪ ئي ٻيڙي جا سوار. پنهنجي گهر کي لڳل باھ ئي ضمير کي چوچڙي ڏيندي آهي .
”محبت جي سفر ۾ جڏهن ڪو همسفر، راهون جدا ڪري ساٿ ڇڏي ٿو وڃي تہ اهو سار جو سارس بڻجي، سدائين لاءِ من ۽ ذهن تي پنهنجا پر پکيڙي اڏام ڀريندو ٿو رهي پوءِ جڏهن زندگي جي سفر ۾ ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ، جدا جدا راهن جا مسافر پاڻ ۾ ملندا آهن تہ وقت جو ڦيٿو ابتو ڦرڻ لڳندو آهي. گذريل لمحا ، ڏکندڙ يادون ۽ ننڊاکڙا جذبا ڪر موڙي نراس سرير ۾ تحرڪ جون لهرون اڀاري ويندا آهن …. عورت جو پهريون پيار سندس ساري زندگيءَ جو سرمايو هوندو آهي … ” هي لفظ ڪهاڻي “پهريون پيار” جا آهن . مرد بہ پنهنجو پهريون پيار ڀلا ڪٿي ٿو وساري سگهي. وفا جي هڪ ٻہ ڪهاڻي “سريت ” ۽ ” سيما ” پڻ انهي ساڳي پهرين پيار جو تسلسل آهن .
ڪهاڻي “ڪاري ” اسان جي ٻٽن روين ۽ سوچن جي ڪهاڻي آهي. نور جي والد جو چيل جملو اهڙن روين کي نندي ٿو ” تنهنجي پسند، ڪنهن جي عزت، غيرت ۽ ننگ بہ آهي. ننگن ۽ دنگن تي سر ڏبا آهن. تو ان ۾ هٿ وڌا آهن، اهو ڏوھ گھٽ آھي ڇا ؟“
ڪهاڻي ” اوجاڳو ، درد ۽ راتيون ” هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. ” اکيون ۽ عشق ” ڪهاڻي منجھ بہ سندس پهريون پيار دڳ جهلي بيٺو آهي ۽ هو اڪيلائين منجھ پنهنجي پناھ گاھ ٺاهي ٿو
”اڪيلائي …! جيڪا منهنجي يادن جي پناھ گاھ ۽ جيون ساٿي آهي .“
ڪهاڻي ” ترن جو تيل” سندس لازوال سماجي حالتن جي اپٽار ۽ هٿ ٺوڪي گڊ گورننس تي چماٽ مثل آهي، جيڪا ڏھ سالن پڄاڻان بہ اڄوڪي ماحول ۽ وهنوار تي ٺهڪندڙ آهي .
هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل ، ورقن ۽ فليپرن تي اخلاق انصاري، خليق ٻگهيو، آدرش، جاويد پنهور، نادر ڪولاچي ۽ علي آزاد جا ويچار پبلشر جي نوٽ سان گڏ آجيان ڪن ٿا. ڪهاڻي سندس من اڱڻ تي واقعي ڪنهن پريميڪا جيان ويٺل آهي. ٻوليءَ جي خوبصورت لفظن جي گھاڙيٽي منجھ چوڻيون ۽ عام استعمال واري ٻولي بہ بنا رک رکاءَ جي استعمال ڪئي اٿائين. ڪهاڻي ڪردار کان ويندي منظر نگاريءَ تائين هو پنهنجي پريميڪا سان خوب رهاڻيون ٿو ڪري پر .. ڏهن سالن کان انهي پريميڪا کان پري رهيو آهي جنهن جي ڪري ارپڻ کان رهجي ويل محبت سندس من اندر ئي ماٺي ٿي وئي آهي. اهو هڪ وڏو الميو آهي. ڇا ڪو پنهنجي پهرين محبت کان ايڏو پري رهي سگھي ٿو؟ نہ تہ پوءِ هن شخص سان وري ملڻ گهرجي، سندس گودڙي جي ڳولا ڦولا ڪرڻ گهرجي ۽ کائنس پرچاڻي کان رسامي واري سفر جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي .
____________

ذوالفقار ناصر ساريو



