سنڌو دياءَ جي بندن جي مضبوطيءَ وارين رٿائن ۾ اربين رُپين جي بيقاعدگي
سنڌ جو آبپاشي کاتو 2010 واري مھا ٻوڏ کانپوءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي ڏنل 26 ارب رُپين جي خرچ سان شروع ڪيل رٿائن کي مڪمل نہ ڪري سگھيو
رپورٽ: شيخ اسرار
ڪراچي
سنڌو درياءَ جي بندن کي مضبوط ڪرڻ وارين رٿائن ۾ وڏي پئماني تي مالي ۽ انتظامي بيقاعدگين جا اطلاع آھن ڇو تہ پندرھن سال اڳ 2010 واري مھا ٻوڏ کانپوءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي قرض ۽ سنڌ حڪومت جي پنھنجي فندن سان 26 ارب رُپين جي ماليت جون رٿائون اڄ تائين مڪمل نہ ٿيون آھن.
اھي رٿائون سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ ھيٺ شروع ڪيون ويون ھيون پر بندن جي مضبوطي لاءِ اربين رپين جون رٿائون ڪيترن ئي سالن کان نا مڪمل آھن ۽ هر سال اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود بندن کي خطرو برقرار آهي.

تفصيلن موجب لاڙڪاڻي ۾ موريا لُوپ بند جي مضبوطيءَ لاءِ اسيڪم 8 سالن کان مڪمل نه ٿي جنھن تي 56 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي ويا. اھڙي طرح عاقل آگاڻي بند تي به 5 سالن کان ڪم هلي پيو جنھن تي 36 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. دادوءَ ۾ ايف پي بند لاءِ 2021ع ۾ آيل 70 ڪروڙ رپين جي اسڪيم اڃا جاري آهي جنھن تي 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا آهن. ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ ٻنهي پاسن تي بندن جي مضبوطيءَ لاءِ 67 ڪروڙ رُپين جي اسڪيم گذريل سال کان هلي رهي آهي ۽ انھيءَ تي 10 ڪروڙ رُپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن. دولهه دريا خان پل وٽان “جي اسپرس” ٺاهڻ واري 3 ارب 77 ڪروڙ رپين جي اسڪيم 4 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي. ٻهارا وٽان بند جي مضبوطي لاءِ اسڪيم ٻن سالن کان هلي پئي.
گڏ ڪيل ڄاڻ موجب آبپاشي کاتو سنڌو درياءَ جي بندن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هر سال نيون رٿائون آڻي رهيو آهي، جڏهن ته هر سال اسڪيمن تي اربين رپيا خرچ به ڪيا وڃن ٿا پر ان باوجود سنڌو درياءَ جي بندن کي خطرو برقرار آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌو درياءَ ۾ 8 کان 10 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ واري امڪان کانپوءِ ڪمزور بندن وارن ضلعن ۾ عوام ڳڻتيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. جڏهن ٻوڏ مٿان اچي پھتي آھي تہ آبپاشي کاتي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بندن تي ڪم به ياد اچي ويو آهي.
آبپاشي کاتي درياءَ جي بندن جي مضبوطيءَ تي ڪيترو ڪم ڪيو آهي، ان بابت موجود سرڪاري دستاويزن موجب آبپاشي کاتو 2010ع جي مها ٻوڏ کانپوءِ “سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ فار بندس اينڊ ڪينال” تحت 2011 کان 2025ع تائين ڄام شوري، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، شهيد بينظيرآباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، مٽياري، لاڙڪاڻي، دادو، سجاول، ٺٽي، ڪشمور، سکر ۽ شڪارپور ۾ سنڌو درياءَ جي بندن تي 26 ارب 90 ڪروڙ 50 لک رپيا خرچ ڪري چڪو آهي.
دستاويزن موجب ان منصوبي لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان 19 ارب 27 ڪروڙ 90 لک رپيا قرض ورتو ويو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ان تي 7 ارب، 62 ڪروڙ 55 لک رپيا پنهنجي حصي مان خرچ ڪيا. جيڪو منصوبو هلندڙ سال مڪمل ڏيکاريو ويو آهي. ان کانسواءِ سنڌ حڪومت جون سنڌو درياءَ جي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻيون اربين رپين جون جدا اسڪيمون پڻ هلي رهيون آهن.
دستاويزن موجب آبپاشي کاتي لاڙڪاڻي ضلعي نئون ديرو لڳ سنڌو درياءَ جي ڪمزور قرار ڏنل موريا لوپ بند کي مضبوط بڻائڻ لاءِ 2017ع ۾ 98 ڪروڙ 20 لک رپين جي اسڪيم آندي هئي، جيڪا 8 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي، دستاويزن موجب انهيءَ اسڪيم تي هن وقت تائين 56 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. ساڳئي طرح لاڙڪاڻي ۾ ئي عاقل آگاڻي لوپ بند کي مضبوط ڪرڻ تي به ڪم 2010 کان هلي رهيو آهي پر صوبائي ترقياتي پروگرام ۾ 5 سال اڳ 2020ع ۾ 61 ڪروڙ 69 لک رپين جي هڪ اسڪيم رکي وئي، جيڪا اسڪيم پڻ 5 سال ٿيڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي ۽ بند تي 5 سالن ۾ 36 ڪروڙ رپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح دادو ضلعي ۾ ايف پي بند به سدائين خطري هيٺ رهيو آهي. جنهن تي پڻ 15 سالن کان ڪم هلي رهيو آهي، دستاويزن موجب آبپاشي کاتي 4 سال اڳ 2021ع ۾ 70 ڪروڙ 15 لک رپين جي اسٽون پچنگ واري اسڪيم آندي، جنهن تي 20 ڪروڙ خرچ ڏيکاريو ويو آهي ۽ چار سال گذرڻ باوجود اسڪيم مڪمل ڪرڻ جي تاريخ جُون 2027 ڏني وئي آهي. جنهن مان ظاهر پيو ٿئي ته اها اسڪيم به اڃا 2 سال وڌيڪ جاري رهندي. جڏهن ته ڄام شوري ضلعي ۾ آمري، ڪلري، وڏا گائينچا ۽ ٻين هنڌن تي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙن جي اسڪيم به گذريل سال کان هلي رهي آهي. ساڳئي طرح ڄام شوري ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ درياءَ جي ٻنهي پاسن وارن بندن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گذريل سال 67 ڪروڙن جي اسڪيم آندي وئي، جنهن تي ڏيڍ سال ۾ 10 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران ٺٽو-سجاول دولهه دريا خان پل وٽان کاٻي پاسي کان پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ “جي اسپرس” ٺاهڻ واري 3 ارب 77 ڪروڙ رپين جي اسڪيم 2021ع ۾ آندي وئي. جيڪا اسڪيم ساڍا 3 ارب رپيا خرچ ۽ 4 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي. ان سان گڏ ٺٽي ضلعي ۾ ئي ٻهارا وٽان حفاظتي بند جي مضبوطي لاءِ 10 ڪروڙ 86 لک رپين جي اسڪيم ٻن سالن کان هلي رهي آهي.
_____________
شيخ اسرار جي ٿورن سان . ھيءَ رپورٽ پھرين روزاني ڪاوش اخبار ۾ شائع ٿي.