Editor's pickMain Slideدنيانساني حَقَ

فلسطين جي مزاحمت ۽ مٿن ٿيندڙ اسرائيلي ڏاڍ دنيا جي مظلومن کي ھڪ ڪري ڇڏيو

عالمي ميڊيا فلسطين تي ڏاڍاين بابت گمراھي ڦھلائي رھي آھي. پاڪستان, ڀارت, فلسطين, ڪينيا, پاڪستان, ھالينڊ ۽ سويڊن جي مفڪرن ۽ سياسي اڳواڻن جو ارتقا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز ڪراچيءَ جي ورچوئل ويھڪ ۾ اظھار

ڪراچي، سنڌ

فلسطين جي مزاحمت ۽ انھن تي ٿيندڙ بدترين اسرائيلي ڏاڍ سڄي دنيا جي مظلومن کي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي جنھن سان  عالمي شعور ۽ بيداري ۾ اضافو آيو آھي ـ

اھڙو اظھار پاڪستان, ڀارت, فلسطين, ڪينيا, پاڪستان, ھالينڊ ۽ سويڊن جي مفڪرن ۽ سياسي اڳواڻن تازو عالمي ايڪتا ۽ فلسطين کي منظم ڪرڻ ، اجتماعي ڄاڻ ۽ حڪمت عملي کان آگاھي ڏيڻ واسطي “اختلاف راء جي حربن” جي سري ھيٺ ارتقا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز ڪراچي پاران منعقد ڪيل ورچوئل ويھڪ ۾ ڪيو ويو.

دھليءَ مان پروفيسر ايمريٽس پارٿاسين ويھڪ ۾ افتتاحي خطاب ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ اختلاف جي ڊگھي تاريخ ۽ خطي ۾ موجود آمراڻن روين تي روشني وڌي ۽ فلسطين جي مسئلي کي موجوده دور جو مرڪزي سياسي سوال قرار ڏنو جيڪو سامراج جي فوجي طاقت ۽ گڏيل عالمي غفلت کي بي نقاب ڪري ٿو.

ھالينڊ جي مفڪر ڪائيڪ ڪوريوار چيو ته نه صرف مسلم رياستن پر يورپ ۽ آمريڪا کنڊ ۽ ايشيائي ملڪن ۾ به فلسطين مٿان ٿيندڙ بمباري ۽ عام ماڻھن جي قتل عام خلاف زوردار احتجاج ٿياـ ھن چيو ته يورپ ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ شريڪ ماڻھن تي ڏوھن جا قلم لڳائي تشدد جو نشانو بڻايو ويوـ جيلن اندر انھن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويوـ

ڪينيا جي سرگرم سياسي ڪارڪن نومي باربا چيو ته ڪينيا ۾ عورتن تي بدترين تشدد ڪرڻ ۽ انھن کي ڦٽڪا ھڻڻ جھڙا واقعا پيش آيا پر ڪنھن به ملوث ڏوھاريءَ کي ڪا سزا نه ڏني وئي ـ ڪينيا ۾ سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙن الزامن ۾ ڦاسائي ناحق باندي بڻايو وڃي ٿوـ ڏاڍاين خلاف آواز اٿارڻ تي کيس به جيل جون سختيون ڀوڳڻيون پيون ۽ سندس ملازمت به ختم ڪئي وئي آھي ـ احتجاج ڪندڙ تنظيمن پرڏيھي وزارت تي اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءُ دٻاء وڌو. ڪينيا ۾ سٺ سيڪڙو شيون اسرائيلي ڪمپنين جون آھن ـ ھڪ احتجاجي ريليءَ ۾ عوام فلسطين لاءِ 24 ملين شلنگ چندو جمع ڪيو ۽ ان سان گڏ دوائون ۽ خوراڪ به گڏ ڪري اماڻي وئي ـ عوام فلسطين سان گڏ آھي پر حڪمران اسرائيل ڏانھن جھڪاءُ رکن ٿاـ صورتحال اھڙي آھي جو ھڪ ھنڌ فلسطين لاء گھرايل سيمينار ٿيڻ نه ڏنو ويو پر ساڳي ھنڌ اسرائيل جي سفير کي خوش آمديد چيو ويوـ

نومي باربا جو چوڻ ھو ته اسرائيل, انٽيليجنس, پوليس جي تربيت ڪرڻ سميت ڪينيا جي قومي پاليسين تي اثرانداز آھي ـ ھن چيو عالمي ميڊيا فلسطين تي ڏاڍاين بابت گمراھي ڦھلائي رھي آھي ـ ان حوالي سان وري به ڏکڻ آفريڪا جو ڪردار ساراھ جوڳو آھي جنھن فلسطين جي مسئلي کي  انصاف جي عالمي عدالت ۾ کنيوـ (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button