Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ڪائوسجي نفسياتي اسپتال حيدرآباد کي لاري اڏو بنائي ڇڏيو

لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشوري جون ڪيتريون ئي بسون ڪافي وقت کان سر ڪاؤسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائڪائٽري اينڊ بيھيويرل سائنسز، حيدرآباد جي احاطي ۾ پارڪ ڪيون وڃن ٿيون. تازو ھڪ بس انسٽيٽيوٽ لڳ بجليءَ جي ٿنڀن کي ٽڪر ھڻي ٽرانسفارمر کي نقصان پھچايو، جنھن سان اڍائي کان وڌيڪ مريض سڄي رات اونداھي ۽ گرميءَ ۾ ويٺا رھيا.

ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي بس ڊرائيورن کي نوٽيس ڏنو پيو وڃي

 انسٽيٽيوٽ جي ڪور ڪميٽيءَ متفيقه طور تي فيصلو ڪيو آهي ته آئنده LUMHS جي بسن کي انسٽيٽيوٽ جي احاطي ۾ پارڪ ڪرڻ يا ان جڳهه کي بس اسٽينڊ/لاري اڏي طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. يونيورسٽيءَ جي سمورين لاڳاپيل بسن، ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽ اختيارين کي سختيءَ سان خبردار ڪندي نوٽيس جاري ڪيو ويو آھي تہ ڪا به بس انسٽيٽيوٽ جي احاطي ۾ داخل ڪري پارڪ نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي ان احاطي کي بسن جي مستقل يا عارضي پارڪنگ لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

حيدرآباد

لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جون ڪيتريون ئي بسون ڪافي وقت کان سر ڪاؤسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائڪائٽري اينڊ بيھيويرل سائنسز، حيدرآباد جي احاطي ۾ پارڪ ڪيون وينديون رهيون آهن. هڪ اهڙي اداري جي احاطي کي، جتي ذهني مرضن ۾ مبتلا مريض علاج  ھيٺ آهن، بسن جي مستقل پارڪنگ يا بس اڏي طور استعمال ڪرڻ نه صرف اداري جي پرسڪون ماحول کي متاثر ڪري ٿو، بلڪ مريضن جي سڪون، علاج جي ماحول ۽ حفاظتي انتظامن بابت به سنگين خدشا پيدا ڪري ٿو.

28 آگسٽ 2026ع تي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي هڪ بس جي اداري جي مين پاور ڪيبل سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ سنگين حادثو پيش آيو، جنهن جي ڪري زوردار ڌماڪي سان بجليءَ جو سمورو نظام متاثر ٿيو. ان واقعي جي نتيجي ۾ اداري جي بجليءَ نظام، انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين تنصيبات کي شديد نقصان پهتو. ان حادثي سبب اداري جون معمول جون انتظامي، طبي ۽ علاج  جون سرگرميون پڻ متاثر ٿيون.

ان سنگين واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو پر جيڪڏهن باهه وڌيڪ پکڙجي وڃي ها يا ڪنهن مريض، ملازم يا ٻئي ڪنهن ماڻھوءَ جي جان کي نقصان پهچي ها ته ان جا نتيجا انتهائي سنگين ۽ ناقابلِ تلافي ٿي سگهيا ٿي.

مٿئين واقعي جي سنگيني، اداري جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان، مريضن جي پرسڪون ماحول جي تحفظ ۽ مستقبل ۾ ڪنهن امڪاني حادثي کان بچڻ لاء، انسٽيٽيوٽ جي ڪور ڪميٽيءَ متفيقه طور تي فيصلو ڪيو آهي ته آئنده LUMHS جي بسن کي انسٽيٽيوٽ جي احاطي ۾ پارڪ ڪرڻ يا ان جڳهه کي بس اسٽينڊ/لاري اڏي طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

تنھنڪري يونيورسٽيءَ جي سمورين لاڳاپيل بسن، ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽ اختيارين کي سختيءَ سان خبردار ڪندي نوٽيس جاري ڪيو ويو آھي تہ ڪا به بس انسٽيٽيوٽ جي احاطي ۾ داخل ڪري پارڪ نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي ان احاطي کي بسن جي مستقل يا عارضي پارڪنگ لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

خاص طور تي اهو واضح ڪيو ويو ٿو ته آئينده ڪنهن به LUMHS بس جي ان اداري جي احاطي ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ يا پارڪ ڪرڻ جي صورت ۾ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنهن به نقصان، حادثي، انتظامي خلل يا جاني ۽ مالي نقصان جي ذميواري لاڳاپيل اختيارين، بشمول رجسٽرار، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ۽ لاڳاپيل ٽرانسپورٽ انچارج تي عائد ٿيندي.

اهو وارننگ نوٽيس اداري جي پرسڪون، محفوظ ۽ علاج دوست ماحول جي تحفظ، مريضن جي مفاد، قيمتي انفراسٽرڪچر ۽ تنصيبات جي حفاظت، ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي روڪٿام لاءِ جاري ڪيو ويو آھي. واضح رھي تہ ٽي ڏھاڪا اڳ ھتي ڇھ بسون بيھاريون وينديون ھيون، جن جو تعداد وقت سان گڏ وڌندو ويو ۽ ھاڻي اھي 26 ٿي چُڪيون اھن. ھتي اُھي بسون بہ بيھاريون وڃن ٿيون، جيڪي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي ٺٽي واري ڪئمپس ڏانھن اچ وڃ ڪن ٿيون. (پريس رليز)

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button