Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ ايشيا

سعودي عرب ۾ رهيل هزارين روهينگين کي پاڪستاني پاسپورٽ ملندو

پاڪستان ۽ سعودي عرب ايندڙ هفتي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪندا. جنهن تحت ڪيئي ڏهاڪن کان سعودي عرب ۾ رهيل روهينگن کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪري ڏنا ويندا.

روھينگين جو مرڪز ڪراچي آھي ۽ سعودي عرب مان اُھي ھتي ايندا جتي اڳئي ٽي چار لک روھينگيا آباد آھن

سوشل ميڊيا مانيٽرنگ  

گُل ميتلو جي فيس بُڪ وال تان کنيل

ڪراچي، سنڌ

پاڪستان ۽ سعودي عرب ايندڙ هفتي هڪ معاهدو ڪرڻ وارا آهن، جنهن جو مقصد انهن روهينگيا مسلمان پناهگيرن جي قانوني حيثيت جي مسئلي کي حل ڪرڻ آهي، جيڪي 1960ع ۾ پاڪستان مان سعودي عرب ويا هئا. هي ڳالهه اربع ڏينهن پاڪستان جي داخلا واري وزارت اها پڌرائي ڪئي آهي.

هي مسئلو انهن هزارين روهينگيا مسلمانن سان لاڳاپيل آهي، جيڪي ميڊيا رپورٽن موجب ميانمر جي راخين رياست ۾ فوجي ڪارروائي سبب نڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان جي تڏهن واري فوجي حڪمران ايوب خان پاران زمينون الاٽ ٿيڻ بعد ڪراچي مان سعودي عرب منتقل ٿيا هئا.

پاڪستان، جيڪو سندن پاسپورٽ باقاعدي تجديد ڪندو رهيو آهي، 2012ع ۾ پاسپورٽن جي تجديد جو عمل بند ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ پاڪستاني ۽ سعودي اختيارين وارا هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ مصروف رهيا ته جيئن اهي روهينگيا مسلمان، جيڪي پاسپورٽ جي تجديد بند ٿيڻ سان بي وطن ٿي ويا هئا، وري قانوني حيثيت حاصل ڪري سگهن.

هي معاملو پاڪستاني داخلا واري وزير محسن نقوي ۽ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ 20 نومبر 2025 تي ٿيل ملاقات ۾ بحث هيٺ آيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو پڻ ورتو ويو.

وزارت موجب: هنن ٻنهي گڏيل اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ روهينگيا مسلمانن جي قانوني حيثيت بابت پراڻو مسئلو هاڻي حل ٿي ويو آهي.

سعودي سفير پاڪستاني حڪومت جو هن معاملي کي حل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار تي ٿورا پڻ مڃيا آهن. هن معاملي بابت هڪ باقاعده معاهدو ايندڙ هفتي سعودي عرب ۾ صحيحون ڪيو ويندو.

غير سرڪاري انگن اکرن موجب، پاڪستان جي بندرگاه واري شهر ڪراچي ۾ اڃا ب 4 لکن کان وڌيڪ روهينگيا پناهگير ٽڪيل آهن، جيڪو هنن جو ميانمر ۽ بنگلاديش کانپوءِ سڀ کان وڏو انگ  آهي.

اهي پناهگير 1940ع واري ڏهاڪي ۾، پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ، هن علائقي ۾ اچڻ شروع ٿيا. انهن مان گهڻا 1960ع ۽ 1980ع جي وچ ۾ ڪراچي جي ٻن آبادين — برما ڪالوني ۽ اراڪن آباد — ۾ آباد ٿيا، جيڪي بنگلاديش ۽ هندستان وسيلي هڪ ڊگهي ۽ ڏکئي سفر کان پوءِ هتي پهتا هئا.

ان کان پوءِ ڪا وڏي لڏپلاڻ نه ٿي آهي، ڇو ته هندستان بنگلاديش سان سرحد بند ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان سان سرحدي سفر تي پابنديون پڻ لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

گُل ميتلي انھيءَ سرڪاري خبر ۾ رياض ميراڻيءَ جي ڏنل وڌيڪ معلومات ڏيندي لکيو آھي تہ: اھو بلڪل ڪوڙ آھي ته ھو 1940 کان موجود ھئا. اھا نقطو ان ڪري رکيو ويو آهي ته جئين انھن لا۽ رستو صاف ڪيو وڃي ته ھو پاڪستان ٺھڻ کان پھرين رھندا ھئا . اصل حقيقت اھا آھي ته چند سئو جي تعداد ۾ 1960 کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آيا ۽ لانڍي نمبر 36-G ۽ 36-B ۾ جهوپڙيون ٺاھي رھڻ لڳا ۽ بعد ۾ اھو علائقو برمي ڪالوني طور مشھور ٿيو. ايوب خان جي دؤر ۾ ڪورنگي ۽ لانڍي ٽائون ۾ انھن کي پلاٽ ۽ ٺھيل ڪوارٽر پڻ ڏنا ويا. ۽ بعد ۾ 1971 کان وٺي 1975 تائين انھن جو سڌو رُخ سعودي عرب پڻ ھيو جتي سعودي عرب انھن کي رھڻ ته ڏنو پر مستقل رهائش ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان وقت جي سعودي حڪومت پاڪستان کي چيو ته ھو انھن کي سفري ڊاڪيومينٽس پاسپورٽ ڏين باقي رھائش کاڌ خوراڪ ۽ وظيفو سعودي حڪومت ڏيندي جنھن کانپوءِ حڪومت پاڪستان برمي مسلم پاسپورٽ انھن کي جاري ڪيو . بعد ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ھو 1980 کان پوءِ پاڪستان آيا ۽ ماڙي پور محمدي ڪالوني ، ڪورنگي 48-F , ابراهيم حيدري , علي اڪبر شاهه ڳوٺ سئو ڪوارٽر ڪورنگي پھتا جن جو تعداد پنجاھ سٺ ھزار کن ٿيندو. ضياء جي دور ۾ ھنن لاءِ پاليسي جوڙي وئي ته جڏهن به ھو سعودي کان پاڪستان ايندا تہ ھو ٻيھر حڪومتي پاليسيءَ تحت نيشنلٽي لاءِ درخواست ڏيندا ۽ پاليسي مطابق مناسب وقت رھڻ کانپوءِ اُھي شھري ٿيندا پر ھُو ايجنٽن ذريعي سُڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي سڌا شھري ٿي ويا ۽ ھن وقت ڪراچي ۾ تعداد تقريبا ٽن کان چار لک ٿيندو جيڪي بنگالي ڪميونٽي ۾ لڪي رھن ٿا، جڏھن ته سعودي عرب ۾ به ھنن جو تعداد ڏھ کان پندرهن ھزار ٿيندو ۽ انھن مان اڪثر پنھنجون نياڻيون عربن کي نڪاح ۾ ڏئي رھي رھيا آھن. ڪراچيءَ ۾ ارڪان آباد نالي ڪورنگي جو سيڪٽر 48-F ھنن جي قبضي هيٺ آھي. ھنن جو ووٽ ھميشه پي پي پي مخالف رھيو آھي.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button