Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

هيمون ڪالاڻي سنڌ جي هر با شعور نوجوان جي دل ۾ بغاوت جو ٻج پوکي ويو  

نوجوان سنڌي جوڌو ھيمون ڪالاڻي ديس جي آزادي، قومي شعور ۽ قربانيءَ جي تاريخ جو اھو روشن ستارو آھي، جيڪو وقت جي اونداهين ۾ به هميشه چمڪندو رهندو

ھيمونءَ جي طبيعت ۾ بيباڪي، سچائي ۽ وطن سان بي پناھ محبت سمايل ھئي. سندس اکين ۾ آزاديءَ جا خواب هئا ۽ سيني ۾ انقلاب جي باهه

ھيمونءَ انگريز سامراج کان معافي وٺڻ کان انڪار ڪيو. سندس جواب تاريخ جو حصو بڻجي ويوته: ڦاسيءَ جو ڊپ ڪانئرن کي ٿيندو آهي، جيڪي پنهنجو ضمير چانديءَ جي چند سڪن تي وڪڻي ڇڏيندا آهن

مُشتاق ٽانوري

Hemu-Kalani-TheAsiaN-AI-2

پُراڻي سکر جي ڀرسان گذرندڙ ريل جي پٽڙي سان لڳولڳ  تاريخي سکر سينٽرل جيل جنهن کي هاڻي عورتن ۽ ٻارڙن جو جيل ڪيو ويو آهي، جي سامهون هرسال 21 جنوري تي ڪجھ نوجوان گڏجي ڏيئا ٻارن ٿا ۽ اُتي 21 جنوري 1943ع تي سوريءَ سزاوار ٿيندڙ سڄي دُنيا جي سڀ کان ننڍي عمر جي شهيدن ۾ شامل ڳڀرو نوجوان ”امر هيمون ڪالاڻي“  کي ڀيٽا ارپين ٿا. هيمون ڪالاڻي جنهن جي دل ۾ ديس جي محبت ڀريل هُئي ، جيڪو آزاديءَ سان پيار ۽ غلاميءَ کان شديد نفرت ڪندو هو. هُن انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڪئي ۽ سوريءَ کي سينگاريو. ھيمون ڪالاڻي نوجوان سنڌي جوڌو ديس جي آزادي، قومي شعور ۽ قربانيءَ جي تاريخ جو اھو روشن ستارو آھي، جيڪو وقت جي اونداهين ۾ به هميشه چمڪندو رهندو. ھو رڳو ھڪ نوجوان نه ھو، پر ھڪ فڪر، ھڪ تحريڪ ۽ ھڪ اهڙو مثال ھو، جيڪو سنڌ جي هر شعور رکندڙ نوجوان جي دل ۾ بغاوت جو ٻج پوکي ويو. سندس زندگي جي مدي جو دائرو ننڍو ھو، پر سندس سوچ، جرئت ۽ قربانيءَ جو دايرو ايترو وسيع آھي، جو صدين تائين زنده رهندو.

هيمون ڪالاڻي 23 مارچ 1923ع تي پراڻي سکر ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ پيسو مل ٺيڪيداري ڪندو هو. ھو ھڪ سادي ۽ وچولي طبقي جي خاندان سان واسطو رکندو ھو، جتي محنت، ايمانداري ۽ سچائي زندگيءَ جا بنيادي اصول ھئا. ننڍپڻ کان ئي ھيمون جي طبيعت ۾ بيباڪي، سچائي ۽ وطن سان بي پناھ محبت سمايل ھئي. سندس اکين ۾ آزاديءَ جا خواب هئا ۽ سيني ۾ انقلاب جي باهه. ان وقت سڄي هندستان جي ڌرتي انگريزن جي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي. هر پاسي ظلم، جبر ۽ ناانصافيءَ جي ڪاري رات ڇانيل هئي. وطن جي دولت فرنگي جهازن ۾ ڀرجي پرديس وڃي رهي هئي ۽ هن ڌرتيءَ جا اصلي وارث بکن، بيمارين ۽ بي وسيءَ ۾ ڳري رهيا هئا. اهڙي اونداهيءَ ۾ آزاديءَ جا ڏيئا ٻرڻ لڳا. سنڌ ۾ حر تحريڪ پنهنجي سرفروش سپاهين سان ميدان ۾ هئي ۽ وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌيءَ ”هندستان خالي ڪريو“ جو نعرو هڻي غلاميءَ جي ديوار لوڏڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. ماڻهن جي دلين ۾ نفرت جا آڙاهه ٻرڻ لڳا هئا. هر زبان تي آزاديءَ جو ورد هو، هر سيني ۾ بغاوت جي چنگاري هئي. انهيءَ آزاديءَ جي صدا سکر جي هڪ نوجوان جي ڪنن ۾ به پئي. ڳڀرو، الهڙ، نئين رت سان ڀريل جوان. جنهن جو نالو راهي هيمن هو، پر پيار مان کيس هيمون چوندا هئا.

هيمون اهڙن ماڻهن جي صحبت ۾ رهندو هو، جيڪي آزاديءَ جا پانڌيئڙا هئا. هيمون جي دوستي چئن انقلابي شاگردن لڇمڻ داس ڪيسواڻي، ٽيڪم ڀاٽيا، حشو سبناڻي، هري ليلاڻي سان هئي. لڇمڻ ڪيسواڻي، هري ليلاڻي ۽ حشو سبناڻي سکر جي نيو ماڊل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. هيمون ڪالاڻي ۽ ٽيڪم ڀاٽيا سکر جي تلڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. پنهنجي اسڪولن ڏانهن ايندي ويندي 5 ئي ڄڻا هڪٻئي جادوست بڻجي ويا. 5 ئي دوستن ۾ مشترڪ ڳالھ هئي ته اهي انقلابي ۽ وطن دوست هُئا. هنن 5 ئي انقلابين گڏجي 7 وارداتون ڪري انگريز سرڪار کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي. 

هيمون ۽ سندس دوستن پهرين واردات ڪندي ڪليڪٽر جي آفيس تان ”يونين جئڪ“ لاهي ”ڳاڙهو جھنڊو“ ڦڙڪايو.  ٻي واردات ۾ سکر شهر جي ريلوي اِسٽيشن رستي ۾ ايندڙ  پراڻي پوليس چوڪي ۾ بم رکيو، بم ڦاٽڻ بعد پوليس جا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا.  بم ايترو پاور فل هو جو پوليس چوڪي جي ڇت اُڏامي ويئي. ٽين واردات ڪندي هُنن غريب آباد واري پوليس فوجداري ٿاڻي جي ڪنڊ وٽ ٺهيل ٻن ڀتين کي بم ڌماڪي سان اُڏايو.

بم ايترو پاور فل هو جو اوڙي پاڙي وارا به گھٻرائجي ويا. ان خبر کي ٻڌي سنڌ جو انگريز آءِ جي پوليس ۽ ڪي بالا عملدار اچي سکر پهتا.  1939 ع هنن انقلابي دوستن چوٿون ڌماڪو سکر جي ريلوي پوليس ٿاڻي ۾ بم رکي ڪيو. پنجين واردات ڪندي مئي 1939ع  ۾  بندر روڊ ڏانهن ويندڙ رستي تي ٺهيل پوليس گھاٽ ۾  بم رکيو، جنهن جي ڌماڪي سان ڇڏ اُڏامي وئي. ڇهين واردات ڪندي عدالت ۾ بم رکيائون جيڪو ڦاٽو ڪونه، ڪنهن ڪلارڪ کي شڪ پيو ته هن هڪدم پوليس کي خبر ڏني، پوليس اُهو بم کڻي بيڪار بڻايو.

هيمون ڪالاڻي پنهنجي انقلابي دوستن سان گڏ ستين واردات سوچي. اهو 22 آڪٽوبر 1942ع جو ڏينهن هو، جڏهن هيمون ۽ سندس دوستن کي کُڙڪ پئي ته 23 آڪٽوبر جي رات فوجين ۽ هٿيارن سان ڀريل هڪ اسپيشل ٽرين سکر مان گذرڻ واري آهي، هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي لئنسڊائون پل جي هيٺيان واري ڏاڪڻ تان پُل تي چڙهي پراڻي سکر جي پهرين در وٽ پهچي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، اها جاءِ زمين کان لڳ ڀڳ 12 فوٽ مٿي هئي. هڪ سپاهي فيروز خان کين پٽڙي جا بولٽ کوليندي  ڏسي ورتو، هيمون جا ساٿي ڀڄي ويا، هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد سهڻ باوجود هُن ٻڙڪ نه ڪڇي ۽ نه ئي ساٿين جا نالا کنيائين. جيل ۾ هيمون تي وحشت جا سڀ رستا آزمايا ويا. برف جي بلاڪن تي اگهاڙو سمهاريو ويو، ڦٽڪا هنيا ويا، تتل سيخن سان ڏنڀ ڏنا ويا. پر هن جي زبان تان نه آهه نڪتي، نه فرياد. سندس حوصلو جبل وانگر اٽل رهيو. سندس ڪورٽ مارشل ٿيو، جنهن ۾ بيان دوران چيائين ته ”هُن اڪيلي اهو ڪم ڪيو آهي ۽ ساڻس  ٻيو ڪو به ساٿي ڪو نه هو. ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيائين ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر سندس  بدقسمتي جو ناڪام ٿيو.“ هي لفظ سندس جرئت ۽ همت جو اعلان هئا. ٽي مهينا  ڪيس هليو ۽ آخرڪار کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ويئي.  وڪيل پيرزادي عبدالستار، سندس مامي کي موڪليو ته معافي نامي تي صحيح ڪرائي اچي ته شايد سندس جان بچي وڃي. پر هيمون جو جواب تاريخ جو حصو بڻجي ويوته ڦاسيءَ جو ڊپ ڪانئرن کي ٿيندو آهي، جيڪي پنهنجو ضمير چانديءَ جي چند سڪن تي وڪڻي ڇڏيندا آهن. مون کي پنهنجي ڪئي تي فخر آهي. جيئرو رهيس ته اهڙا ڏوهه وري ڪندس. فرنگين کان معافي گهرڻ کان ڌرتيءَ لاءِ موت هزار درجا بهتر آهي.“ جڏهن هيمون جي  ماءُ آئي ۽  کيس معافي وٺڻ لاءِ چيائين  ته هيمون وراڻيو ته ”تون منهنجي ماءُ آهين، پر منهنجي هڪ ٻي ماءُ به آهي، هن ننڍي کنڊ جي ڌرتي. مان ان ڌرتيءَ تان صدقو ٿو ٿيان. دعا ڪجائين.“ جيل ۾ به هيمون جي چهري تي مرڪ رهندي هئي. پنهنجن ٻانهن ڏانهن ڏسي چوندو هو ته ”هنن بازن کان ڪم وٺڻو آهي ۽ انگريزن کي ڀڄائڻو آهي.“ ۽ آخر اهو ڏينهن اچي ويو. 21 جنوري 1943ع جي صبح، هن سوريءَ کي چمي ڏني ۽ آزاديءَ جي حور تي سر قربان ڪيو. ان وقت سندس ڄمار 19 ورهيه هُئي. هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا ننڍو هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ ڳڀرو نوجوان  تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي.

سنڌ جي موجوده نصابي ڪتابن ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جي ذڪر کان لنوايو ويو آهي. سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا سورما ۽ سورهيه ٺاهي پيش ڪيا ويا آهن. سنڌ جي علم گاهن ۾ سيکاريو پيو وڃي ته هزارين ميل پري کان پنڌ ڪري آيل ڦورو ۽ لٽيرو محمد بن قاسم سورمو آهي ۽ پنهنجي ديس جي دفاع ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويندڙ راجا ڏاهر جهنم جو حقدار آهي.

هيمون صرف هڪ نوجوان نه هو، هو تاريخ جو امر ڪردار هو. اهڙي سورهيائي، اهڙي ثابت قدمي ۽ اهڙي سرفروشي ورلي ملندي. جيئن امين کوسي چيو آهي ته ”هيمون جو موت هڪ بهادر جو موت آهي، جيڪو ميٽجڻ ۽ ميسارجڻ جو نه آهي.“ هيمون اڄ به زندهه آهي هر ان دل ۾، جيڪا وطن لاءِ ڌڙڪندي آهي.

___________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button