انجمن ترقي پسند مصنفين: يورپ کان ايشيا تائين ھڪ تنظيم ھڪ تحريڪ
انجمن ترقي پسند مصنفين هڪ اھڙي اهم ادبي تنظيم ۽ تحريڪ آھي جنھنکي قائم ٿئي ھن سال نوي ورھيہ ٿيا آھن۔ ھن ادبي تنظيم جو بنياد پھريان يورپ ۾ پيو جتي پھرين جنگ عظيم جي تباھين ڪلور ڪري ڇڏيا ھئا.
هن تحريڪ اڳتي ھلي ايشيا جي اديبن کي لنڊن ۾ گڏ ڪيو۔ جيڪي اتان جي يونيورسٽين مان تعليم پرائڻ ويا ھئا، جيڪي ھيا تہ اميراڻا ٻار پر ھارين، مزورن، پورھيتن، ھنرمندن ۽ ڪاريگرن جي حقن جون ڳالھيون ڪري رھيا ھئا۔ لنڊن مان اھا روشنائي سجاد ظھير پاڻ سان گڏ کڻي، ھند آيو ۽ حشو ڪيولراماڻي ساڳئي ئي روشنائي کڻي سنڌ آيو۔

ڊاڪٽر خادم منگي
انجمن ترقي پسند مصنفين هڪ اهم ادبي تنظيم ۽ تحريڪ آھي۔ جنھنکي قائم ٿئي ھن سال نوي ورھيہ ٿيا آھن۔ ھن ادبي تنظيم جو بنياد پھريان يورپ ۾ پيو جتي پھرين جنگ عظيم (١٩١٤ کان ١٩١٨ تائين) جي تباھڪارين ڪلور ڪري ڇڏيا ھئا۔ ڪروڙين نوجوان ماريا ويا ۽ ايترا ئي زخمي معذور يا لاپتا ٿيا۔ اربين روپين جو سامان سڙي ڪوئلو ٿي ويو۔ ماڻھو بکن ۾ پاھ ٿي ويا۔ آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ ماڻھو جيل ان ڪري ويندا ھئا جو اتي کين ٻن وقتن جي ماني تہ ملندي ھئي۔ جنگ جي تباھين کانپوءِ ماڻھن کي آھستي آھستي ڪجهہ عقل ايندو ويو۔ ھنن ڏھن پندرنھن سالن ۾ ماڻھن ویڙھ بدران امن کي ترجيع ڏني۔ ١٩١٧ واري روسي انقلاب جا اثر يورپ ٿي پوڻ شروع ٿيا ھئا۔ ان ڪري سڀن جون نظرون جنگجو جرنيلن کان ھٽي ڪري امن پسند قلمڪارن ڏانھن ويون۔ ڇو تہ انھن وٽ ئي پرامن بقاءِ باھمي جا سبق ھئا۔ اڪثر دنيا ان وقت برطانیہ جي تسلط ھيٺ ھئي جنھن کي غلاميءَ جو نئون روپ latest version سمجهيو پئي ويو ۽ آھستي آھستي امپيرليزم جي جاءِ تي سوشلزم جو لفظ متعارف ٿيڻ لڳو۔ قومي ۽ معاشي آزاديء جا خواب ماڻھن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳا۔ ماڻھو سوشلزم تي بحث ڪرڻ لڳا۔ انھن ئي ڏھاڙن ۾ يورپ جي مٿان وري ھڪ ٻئي شامت ڪڙڪي۔ ١٩٣٣ کان ھٽلر جي فاشزم جي روپ ۾ ھڪ تلوار لٽڪيل رھي. جنھن وڃي ٻئي جنگ عظيم جي تباھڪارين تي دنگ ڪيو۔ ان وچ ۾ وڌندڙ خطرن سڄيءَ دنيا جي روشن خيال ۽ انسان دوست اديبن کي ڇرڪائي ڇڏيو۔

دنيا پھرين جنگ عظيم کي ڀوڳي رھي ھئي ۽ ٻئي جنگ عظيم کي برداشت ڪرڻ لاء قطعا تيار نہ ھئي۔ ان ڪري جولاءِ ١٩٣٥ ۾ فرانس جي شھر پئرس ۾ ”ڪلچر جي تحفظ لاءِ“ سڄي دنيا جي اديبن جي هڪ ڪانگريس سڏائي وئي، هن ڪانگريس ۾ “ماءُ” ناول جو ليکڪ مئڪسم گورڪي، “وائيس آف سائلينس” جو ليکڪ آندري مالرو ۽ ان ئي قد ڪاٺ جيڏيون، عالمي شھرت رکندڙ، ڏھاڪو کن علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتون شريڪ ٿيون ھيون۔ سو انھن دورانديش لکارين ۽ روشن خيال ناليوارن قلمڪارن هن تحريڪ جو بنياد رکيو۔ جن جو گڏيل مقصد ادب کي سماجي انصاف، آزادي، برابري ۽ ترقي پسند خيالن سان ڳنڍڻ هو. ھنن اديبن دنيا جي اديبن ڏانهن هڪ اپيل پڻ جاري ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو تہ ”اي قلمڪار ساٿيو! موت جي خلاف زندگيءَ جو ساٿ ڏيو، اسان جو قلم، اسان جو فن ۽ اسان جو علم، موت جو سڏ ڏيندڙ قوتن خلاف رڪجڻ نہ گهرجي، جيڪي انسانيت جي نڙيءَ تي نَنھن ڏين ٿا، جيڪي پئسن جي ٻل تي حڪومت ڪن ٿا، جيڪي ڪارخانيدارن ۽ شاهوڪارن جي آمريت قائم ڪن ٿا ۽ نيٺ فاشزم جا مختلف روپ ڌاري سامهون اچن ٿا، سي اهي ئي طاقتون آهن، جيڪي معصوم انسانن جو رت چوسين ٿيون.“ سو ان دؤر ۾ اديبن نہ صرف پنھنجي دؤر جي ظالمن جي نشاندھي ڪئي پر انھن جي خلاف صف بنديون ٿيڻ بہ شروع ٿي ويون۔
“تم نے چھپ کر محاذ کھولا ہے
تم سے کھل کر مقابلہ ہوگا”
هن تحريڪ اڳتي ھلي ايشيا جي اديبن کي لنڊن ۾ گڏ ڪيو۔ جيڪي اتان جي يونيورسٽين مان تعليم پرائڻ ويا ھئا۔ جيڪي ھيا تہ امیراٹا ٻار پر پاڻ کي ڊي ڪلاس ڪري ھارين، مزورن، پورھيتن، ھنرمندن ۽ ڪاريگرن جي حقن جون ڳالھيون ڪري رھيا ھئا۔ جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي پاڙ پٽڻ لاء ھنن ١٩٣٥ ۾ پروگريسو رائيٽرس ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو، جتي مُلڪ راج آنند ۽ ڪجهہ ٻين ليکڪن گڏ ٿي هڪ منشور تيار ڪيو. انهن ۾ سجاد ظهير، جيوتي گهوش، ڊاڪٽر ڪي.ايس.ڀٽ، ڊاڪٽر ايس۔ سنھا ۽ ڊاڪٽر محمد دين تاثير جون صحيحون هيون۔ حشو ڪيولراماڻي، احمد علي، محمود الظفر ۽ ٻين اهم شخصيتن ھن تحريڪ ۾ شموليت ڪئي. نيٺ لنڊن مان اھا روشنائي سجاد ظھير پاڻ سان گڏ کڻي، ھند آيو ۽ حشو ڪيولراماڻي ساڳئي ئي روشنائي کڻي سنڌ آيو۔ ان کان پوءِ سجاد ظھير ۽ سندس ساٿين جي ڪوشش سان ١٩٣٦ع ۾ لکنؤ ۾ انجمن جو پهريون باقاعده اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت ھندي ڪھاڻيءَ جي ھڪ وڏي نالي ۽ مشھور اديب منشي پريم چند ڪئي. جنهن ۾ مدراس، گجرات، مهاراشٽر، پنجاب، سنڌ، بھار ۽ يو پيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي۔ منشي پريم چند جو مختصر صدارتي خطبو ادب جو ماسٽر پيس آھي۔ جنھن ۾ ھڪڙو جملو آھي تہ ”ھاڻي حسن رڳو ناز نخري، سنگ مرمر جي محلن ۽ ریشمي لباسن ۾ ناھي۔ پر پورھيت انسان جي پگهر ۾ بہ آھي، غريب ھاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ بہ آھي، مزور جي کھرن ھٿن ۾ بہ آھي۔“ مطلب تہ جیڪڏھن گرميءَ ۾ ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ۽ ساڳئي ئي وقت ٻار کي ٿڃ پيئاريندڙ ھارياڻيءَ ۾ اوھانکي سونھن نظر نہ ٿي اچي تہ پوءِ دنيا ۾ ڪٿي بہ سونھن ڪونھي۔ هن ڪانفرنس ۾ محمد علي، ڊاڪٽر عبدالعليم، مولانا حسرت موهاني، ساغر نظامي، محمود الظفر، فراق گورکپوري ۽ ڪيترن ٻين اديبن شرڪت ڪئي، سنڌ مان ھن ڪانفرنس ۾ قادر بخش نظاماڻيءَ شرڪت ڪئي، جنھنکي حشو ڪيولراماڻي، محمد امين کوسي ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي پٺڀرائي حاصل ھئي۔

هن اجلاس کان پوءِ تحريڪ باقاعده طور تي برصغير ۾ ڦھلجي وئي۔ انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنيادي مقصد اهو هو تہ ادب کي زندگيءَ جي حقيقتن سان ڳنڍيو وڃي ۽ سماج ۾ موجود ناانصافين، غربت، استحصال ۽ نوآبادياتي نظام خلاف آواز اٿاريو وڃي. هن تحريڪ سان لاڳاپيل اديبن پنھنجي لکڻين ۾ مزدورن، هارين، عورتن ۽ مظلوم طبقي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو. هن تنظيم جو مقصد آهي ادب ۽ ٻين لطيف فنن/ Fine Arts کي پوڄارين، پنڊتن ۽ قدامت پرستن جي هڪ هٽيءَ کان ڇڏائي، انھن کي عوام آڏو آڻي، زندگيءَ ۽ حقيقت نگاريءَ جو آئيني دار بڻائجي۔ ان فڪر جي ڦھلاءَ لاءِ انجمن جون ترتيبوار ڪانفرنسون ٿيون۔
١٩٣٧ ۾ الھہ آباد ڪانفرنس، مولوي عبدالحق جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مشھور بنگالي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور پنهنجو پيغام ڏياري موڪليو. ١٩٣٨ ۾ ڪلڪتي ۾ ڪانفرنس ٿي، هن ڪانفرنس ۾ آسام، اڙيسا، آنڌرا، تامل ناڊو، گجرات، مهاراشٽر، پنجاب، سنڌ وغيرہ مان اديبن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ علي سردار جعفري، ڪرشن چندر ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن شرڪت ڪئي. دهلي ۾ ڪانفرنس ١٩٤٢ ۾ ٿي، جنهن موقعي تي جوش مليح آبادي، ساغر نظاميءَ ۽ مجاز لکنويءَ جا حمايتي بيان ڇپيا۔ ١٩٤٢ ۾ بمبئيءَ ۾ ڪانفرنس منعقد ٿي۔ ١٩٤٥ ۾ حيدرآباد دکن ۾ ڪانفرنس ٿي ۽ ١٩٤٩ ۾ ڀوپال ۾ منعقد ٿي۔ ١٩٥٩ تي وري ٻيھر بمبئي ۾ ڪانفرنس ٿي۔ ان وچ ۾ دنيا ٻئي جنگ عظيم کي ڀوڳيو۔ ھولوڪاسٽ کان وٺي ھيروشيما تائين بيان ڪندي جسم ڏڪي ٿو وڃي۔ ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿي ويو۔ ورهاڱي کان پوءِ هي تحريڪ سرحد جي ٻنھي پاسن ۾ جاري رهي. پاڪستان ۾ خاص طور سنڌ، پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ ترقي پسند ادب کي فروغ مليو. سجاد ظھير پاڪستان آيو ۽ مٿس ١٩٥١ ۾ ئي پنڊي سازش ڪيس لڳو۔ جنھن ۾ کيس چار سال مچ جيل ۾ رکيو ويو ۽ ١٩٥٥ ۾ آزاد ٿي وري واپس ھندستان ھليو ويو۔ پر تنظيم ھلندي رھي۔ احمد نديم قاسمي ھن تنظيم کي ١٩٥٤ تائين ھلائيندو رھيو۔ سعادت حسن منٽو ناراض ٿيو ۽ ھميشہ لاءِ رسي ويو
فيض احمد فيض جلاوطن ٿيو۔ وقت سان گڏ تحريڪ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي، پر ان جا اثر اڄ بہ سنڌي ادب ۽ ننڍي کنڊ جي ادب تي واضح نظر اچن ٿا. انجمن ترقي پسند مصنفين نہ صرف هڪ ادبي تنظيم آھي، پر هڪ فڪري ۽ سماجي تحريڪ بہ آھي، جيڪڏھن رڳو تنظيم ھجي ھا تہ ڪڏھوڪو ختم ٿي چڪي ھجي ھا۔ پر جيئن تہ ھيءَ ھڪ تحريڪ آھي، جنھنکي توانائي ۽ حرارت ماڻھن منجهان ملندي رھي ٿي۔ ماڻھو بہ دریاءَ وانگر ڪڏھن ٻائڙ ٻوڙ ڪندا آھن تہ ڪڏھن ڪنڌيءَ تي ڪانھن سُڪائيندا آھن۔ ان ڪري تحريڪ جو گرم ۽ ٿڌو ٿيڻ سمجهہ ۾ اچي ٿو۔ ھن تحريڪ پنھنجي قيام کان اڄ تائين، ادب کي پيڙھيل طبقي سان ڳنڍي رکيو آھي۔ ١٩٥٤ ۾ ٻين سياسي پارٽين سان گڏ ھن تنظيم تي بہ بندش پئي۔ پر تحريڪ پنھنجي ساڳئي ئي رفتار سان ھلندي رھي ۽ اڄ سوڌو روان دوان آھي۔
“جو ہم نہ ہوں تو زمانے کی سانس رُک جائے
قتیل وقت کے سینے میں، ہم دھڑکتے ہیں”
ترقي پسند ليکڪن وري ١٩٦٥ ۾ عوامي ادبي انجمن جي نئين نالي سان پنھنجو ڪم شروع ڪيو۔ ھن تنظيم جو بنياد فيض احمد فيض، جوش مليح آبادي، شيخ اياز، ابراھيم جوئي، اجمل خٽڪ ۽ گل خان نصير رکيو۔
“ڇا بہ ڪرين مان مرڻو ناھيان،
ويس مٽائي ورڻو آھيان۔
تون بہ چنیسر ورٹو آھین۔
نانوَ نئين سان رنگ بدل سان،
تنھنجي منھنجي جنگ ازل کان
جاري آھي، جاري رھندي۔”

ترقي پسنديءَ تي ڪنھن بہ ھڪڙي قوم جي اجاره داري سمجهڻ شائونزم جي زمري ۾ اچي ٿو۔ ھي تحريڪ رنگ، نسل، ذات پات، ڪڙم قبيلي، علائقي ٻولي ۽ عقيدي يا فرقي جي فرسوده خانن ۾ ماڻھن کي نہ ٿي ورھائي پر طبقي جي بنياد تي ڦريندڙ ۽ ڦرجندڙ جي تضاد کي واضح ۽ چٽو ڪري ٿي۔ وحشي دؤر ۾ جنھن پھريون اوزار يا ھٿيار جوڙيو سو پنھنجي دؤر جو ترقي پسند ھيو۔ جنھن باھ ايجاد ڪئي سو ترقي پسند ھيو۔ جنھن مٽيءَ کي چڪ تي چاڙھي، آويءَ ۾ پچائي ٺڪر جون پھريون ٿانءُ ٺاھيو سو ترقي پسند ھيو۔ جنھن پھریون لوڪ گيت ڳاتو ھيو سو ترقي پسند ھيو، جنھن شروعات ۾ پاڻي، باھ، مٽي ۽ ھوا جي موضوعن تي ويھي پاڻ ۾ گفتگو ڪئي سي پنھنجي پنھنجي دؤر جا ترقي پسند ھئا۔
اسين سنڌي تہ مھین جي دڙي جي سمبارا جو رقص ڪندڙ روح آھيون۔ اسين ان دؤر ۾ بہ ترقي پسند ھئا سين۔ جڏھن دنيا وڻڻ جا پن ۽ جانورن جون کلون ويڙھي گهمندي ھئي۔ اسان جو چرخو، آڏاڻو، اجرڪ، ململ، ڦيٿو، ڏاند گاڏي، پڪ سرا گهر، سڌيون گهٽيون، تڙ ڪرڻ وارو وڏو پڪسرو تلاءُ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو، ھي سڀ ترقيءَ جا بنياد آھن۔ تاريخ جي دري کولي ڀلي پوئتي نھاريو اسين اوھان کي ترقي پسنديءَ جي عمارت جا اڏيندڙ محسوس ٿيندا سين۔
سنڌ جي ڪلاسيڪل دؤر ۾ شاھ لطيف ترقي پسنديءَ جو علم اُڀو ڪيون اوچي ڳاٽ سان بيٺو آھي۔ مارڪس اينگلس ۽ لينن کان اڳ اسان “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو ڏئي چڪا آھيون۔ اسان جي ماڻھن کي سچ تي بيھڻ جي پاداش ۾ گهاڻي ۾ پيڙھيو ويو۔ ترقي پسند تحريڪ کان اڳ بہ جديد سنڌي ادب جو بانيڪار ڪشنچند بيوس “الا! جهري م شال غريبن جي جهوپڙي” ۽ “ڪکائن گهرن کي کي تون روشن روشن ڪرين ٿو، غريبن جي چؤنرن کي گلشن ڪرين ٿو، ڏيئا تو ۾ ڪيڏي نہ آھي چڱائي” لکي ترقي پسندن وارو ئي ڪم ڪري پيو۔ ڪشنچند بيوس اڃا ترقي پسندن جو مينيفيسٽو نہ پڙھيو ھيو پر اڳ ۾ ئي ترقي پسنديء جي معيار تي پورو لھي رھيو ھو۔
ورھاڱي کان اڳ پرنس ڪروپاتڪن جي ڪتاب “نوجوانن ڏانھن” جو مترجم ڪامريڊ برڪت آزاد، ميڪسم گورڪي جي ناول ماءُ جو مترجم ۽ سانگهڙ جھڙي ماسٽر پيس جو سرجيندڙ عثمان ڏيپلائي ۽ ھاري ۽ مزدور جو شاعر عبدالڪريم گدائي پنھنجو شانائتو ڪم ڪري چڪا ھئا۔ اسين اڄ بہ ان سموري ڪم کي پنھنجي ميراث سمجهون ٿا۔
سنڌ ۾ حشو ڪيولراماڻي، قادربحش نظاماڻي، نورالدين سرڪي، سوڀي گيانچنداڻي، گوبند مالهي، فھميده رياض، جمال ابڙو، تنوير عباسي، حفيظ شيخ، سراج الحق ميمڻ، مظھر جميل، جون ايليا، زاھده حنا ۽ ٻين اديبن هن تحريڪ جي اثر هيٺ پنھنجي پنھنجي دؤر ۾ اهم ڪم ڪيو. ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي ادب تي ھن تحريڪ جا واضح ۽ اڻ مٽ اثر آھن۔ انجمن جي قيام جو احوال سجاد ظهير جي ڪتاب روشنائي ۾ مڪمل طور ڏنل آھي۔ جنھنجو ورجاءُ ڪرڻ مناسب ڪونہ ٿو لڳي۔ ۽ جيڪا ٿوري گهڻي گنجائش رھيل ھئي اھا نور سجاد ظھیر “میرے حصے کی روشنائی” لکي پوري ڪئي۔ ان وچ ۾ ١٩٤٦ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو قيام ٿيو۔ جيڪا انجمن ترقي پسند مصنفين کان ڏھ سال ننڍي ڀيڻ sister organization آھي۔ انجمن جي ئي منشور کان متاثر ٿي، پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾، سنڌي اديبن، ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. ترقي پسندن ھر دؤر ۾ ادبي سنگت کي مضبوط ڪيو آھي۔ ڇو تہ ادبي سنگت مضبوط ٿيندي تہ لامحالہ انجمن مضبوط ٿيندي۔ اسين انجمن وارا ادبي سنگت وارن جا لاڏ ڪوڏ برداشت ڪندا رھندا آھيون ۽ ڪس ڪسر کائي بہ سنگت کي ھلائيندا ئي رھندا آھيون۔ گوبند مالھي کي تنظيم ڪاري ڪرڻ لاء ترقي پسند اديبن ئي ھمٿايو ھيو۔ جنھن ۾ وڏو ھٿ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ھيو۔ اڳتي ھلي ترقي پسند فڪر جو ڦھلاءُ عام جام ٿيو۔ محمد ابراهيم جوئي جون لکڻيون ۽ مھراڻ رسالو، مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ نئين زندگي رسالو، محمد عثمان ڏيپلائي جون پير پرستي ۽ توھم پرستيء خلاف لکيل تحريرون، حيدر بخش جتوئي جي عوام دوست شاعري، لکيل پمفليٽ، اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۽ ٽيننسي ايڪٽ لاءِ ڪيل جدوجھد، شيخ اياز جي شاعري، خط، انٽرويو ۽ تقريرون، حفيظ شيخ جون ڪھاڻيون، ڊراما ۽ ناوليٽ، برڪت آزاد جون لکڻيون ۽ ترجما، نور الدين سرڪي جا ترجما، جي ايم سيد جو ڪتاب پيغام لطيف، حميد سنڌي جون ڪھاڻيون، سنڌي شامون ۽ سندس رسالو روح رھاڻ، رسول بخش پليجي جا تنقيدي ڪتاب “انڌا اونڌا ويڄ” ۽ “سندي ذات ھنجن” احسان بدوي جي تنقيد، طارق اشرف ۽ سندس سھڻي رسالو، مولانا غلام محمد گرامي جو ڪتاب “مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات”، عبدالڪريم گدائي ھارين جي حق ۾ ڪيل شاعري، رشيد ڀٽي جا ڪتاب ۽ عملي ڪم وغيره سنڌي ادب ۾ ترقي پسندي جا اھم نشان ۽ علامتون آهن
ترقي پسند سنڌي ادب جي واڌاري ۾ کيئل داس فاني، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، اي. جي. اتم، ارجن شاد، امر جليل، موتي پرڪاش، موهن ڪلپنا، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، علي بابا، نجم عباسي، بردو سنڌي، استاد بخاري، تاج بلوچ، انور پيرزادي، بدر ابڙي، منير ماڻڪ، يوسف شاھين، ولي رام ولڀ، رئوف نظاماڻي، جان خاصخيلي، استاد خادم سنڌي، سيف ٻنوي، آڪاش انصاري، بدر اڄڻ، رياض شاھد دايو، نعيم شيخ، غلام نبي ناشاد، منظور ٿھيم، محمد علي پٺاڻ ۽ ٻين اديبن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سندن ڪتاب ۽ تحريرون شاهد آهن تہ سنڌي اديب هميشہ ترقي پسند سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌايو آهي۔ سنڌي ٻوليءَ جي دفاع لاء ڪيل جدوجھد ھجي يا اینٽي ون يونٽ تحريڪ، ايم آر ڊي جي تحريڪ ھجي يا درياءَ جي بچاءَ لاءِ لکيل ادب۔ سنڌي اديب جو ھي علم ۽ عمل صدين تائين رھنمائي ڪندو رھندو۔ ھنن ھميشہ مخالف صورتحال سان مھاڏو اٽڪايو آھي۔
”جس طور کی ہے دنیا، اسی طور سے بولو۔
یہ بہروں کا علاقہ ہے، ذرا زور سے بولو۔“
اردو ادب ۾ منشي پريم چند، ڪرشن چندر، سعادت حسن منٽو، قرت العين حيدر، عبداللہ حسن، شوڪت صدیقی، ساحر لڌيانوي، امرتا پريتم، فیض احمد فیض، جوش ملیح آبادی، مھیندر سنگهہ بیدی، حمید اختر، مشتاق يوسفي، زاھده حنا، مسلم شميم، ڊاڪٹر محمد علي صديقي، ڊاڪٹر فاطمہ حسن، امداد آڪاش، حارث خليق ۽ ٻين تمام گهڻن اديبن جي galaxy آھي۔
ھڪ طرف اسين پنھنجي ڌرتيءَ سان جڙيل آھيون تہ ٻئي طرف راولا ڪوٽ ڪشمير کان وٺي ڪراچيءَ تائين ھڪ ئي لڙھيءَ ۾ پويل بہ آھيون۔ سکر ۾ تازو ٿيل حفيظ شيخ ڪانفرنس جي ھڪ سيشن “ايڪويھين صديء ۾ اديب جو ڪردار” جي مذاڪري جي صدارت جاويد ڪشميريءَ ڪئي ھئي۔

سنڌي ادب ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين وڏي تبديلي آندي. هن تحريڪ ادب کي سکڻي ۽ ڇسي رومانويت، نرگسيت، قدامت پسندي، پراڻ پسندي ۽ وجوديت پسندي کان ڪڍي حقيقت پسندي، جدوجھد ۽ سماجي شعور ڏانھن موڙيو. شاعري، ڪهاڻي، ناول ۽ تنقيد ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. توڻي جو انجمن ترقی پسند مصنفین تي پابندي مڙھي وئي پر ھي پابندي صرف تنظيم تي مڙھي سگهيا۔ ترقی پسند فڪر تي پابندي نہ پئجي سگهي۔ جنھن جو چٽو ثبوت ھي آھي تہ پابندی جي ٣٢ ورھين کانپوء یعنی ١٩٨٦ میں انجمن ترقی پسند مصنفین جی گولڊن جوبلي تقريب ملھائي وئي۔ جيڪو پنھنجي جوھر ۾ ھڪ تاريخ ساز پروگرام ھيو۔ سيد سبط حسن جھڙو دانشور ان پروگرام ۾ گڏ ھيو۔ پر انجمن جو قيام وري سالن تائين ٻيھر الائي ڇو نہ ٿي سگهيو۔ نيٺ راحت سعيد جي ڪوششن سان ٢٠٠٧ ۾ انجمن جي تنظيم ٻيھر ملتان ۾ بحال ٿي۔ ھن ڪانفرنس ۾ ڪامريڊ سوڀو گیانچنداڻی صدر ۽ حمید اختر کي سیڪریٽری جنرل چونڊيو ويو۔ ھيءَ چونڊ ٽن سالن لاء ڪئي وئي ھئي پر ٢٠١٠ ۾ انجمن جو ڪنوينشن ٿي نہ سگهيو۔ ٢٠١١ ۾ فیض احمد فیض جي سؤ سالہ تقریبون ملھايون ويون جنھنجي شروعات اسان سکر کان ڪئي سين۔ پوري دنيا ۾ سؤ کان وڌيڪ تقريبون ٿيون۔ ۽ انھن سمورين تقريبن جو سھرو راحت سعيد جي سر تي سجي ٿو۔ ٢٠١٢ ۾ ملتان ۾ ٻيھر ڪنوينشن ٿيو ڊاڪٽر محمد علی صدیقی صدر ۽ سلیم راز سیڪریٽری جنرل چونڊيو ويو ۔ سیڪریٽری جنرل لاء راحت سعید بہ پنھنجو نالو پيش ڪيو ھيو پر جيئن تہ محمد علی صدیقيءَ جو تعلق بہ سنڌ سان ھيو ان ڪري ٻہ وڏا مرڪزي عھدا ھڪ ئي صوبي کي نہ پيا ڏئي سگهجن ۽ اھو نامناسب ھيو۔ ان ڪري راحت سعید ھڪ قدم اڳتي وڌڻ بجاءِ ٻہ قدم پوئتي ٿي پنھنجو نالو واپس ورتو ۽ انجمن لاءِ قرباني ڏني۔ ايئن ئي انجمن جا عھديدار ھڪ سال لاءِ چونڊيا ويا، پر محمد علي صدیقي ٨ جنوری ٢٠١٣ تي گذاري ويو۔ ۽ انجمن جي صدارت تي مسلم شميم فائز ٿي ويو۔ ان کانپوءِ مسلم شميم ڪراچيءَ واري ڪامسيٽ ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ بنا ڪنھن سبب جي ناراض ٿي ويھي رھيو ۽ شرڪت نہ ڪيائين۔ ۽ ان ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ انجمن جي ڪارڪنن ھڪ سال لاءِ مشتاق ڪشفيءَ کي صدر ۽ راحت سعيد کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو۔ وري سال کانپوءِ گفٽ يونيورسٽي گوجرانوالا ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ اصغر نديم سيد کي صدر ۽ ڊاڪٽر بدر اڄڻ کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو۔ اصغر نديم سيد بہ اسان کي ايئن ئي ڇڏي ويو جيئن مسلم شميم ڇڏي ويو ھيو۔ ٻنھي جون خبر ناھي ڪھڙيون مجبوريون ۽ ناراضگيون ھيون جو اڄ تائين موٽي وري پڇيو بہ نہ اٿئون تہ جیئرا آھيو يا مري ويا آھيو؟ پر اسين ھڪڙي ڏينھن لاء بہ رڪيا ناھيون۔ پنھنجي ھانو جي سوجهري ۽ ٻانھن جي ٻل تي ھلندا رھون ٿا۔ اسان کي بہ جیڪڏھن ڪم نہ ڪرڻو ھجي ھا تہ اسين بہ سمورو عرصو پاڻ کي رستي جون رڪاوٽون ھٽائڻ ۾ مڙوئي مشغول رکون ھا ۽ پنھنجون سموريون توانائيون ضايع ڪيون ھا پر اسان ايئن نہ ڪيو۔ ڇو تہ اسان کي خبر آھي تہ جڏھن ڪوئي وڏو پٿر نديءَ ۾ ڪري پوندو آھي تہ پاڻي ان جي چوڌاري وھي ڪري پنھنجو رستو ٺاھي وٺندو آھي۔”
“خود ہی سو راستے نکلتے ہیں
جب کوئی راستہ نہیں ہوتا”
ترقي پسنديءَ جي پرچار ڪرڻ اسانجو ڪم آھي ۽ اسين پنھنجو ڪم ڪندي ٿڪبا ناھيون۔ ڇا مڇي ڪڏھن پاڻيءَ ۾ ترڻ سان ٿڪبي آھي؟ ڇا پکي ڪڏھن ھوا ۾ اڏرڻ سان ٿڪبو آھي؟ تہ پوء پاڻ ڇو ٿڪجون؟

اسان ڪارڪنن جي ٽيم جوڙي انھن کي ئي ليڊر ڪيو سين۔ رياض شاھد دايو، منظور ڪلھوڙو، رئوف پارس دايو، صفيہ بلوچ، منظور ٿھيم، فھيم نوناري، اعجاز جسڪاڻي، ڊاڪٽر جمال ناصر، نعيم شيخ، ڊاڪٽر شميم مري، رمضان ٻرڙو، سمیع ساجد جوٹیجو ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪارڪن قسم جا اڳواڻ ساٿي ھانوَ جون ٿوڻيون آھن۔ اسين سنڌ جي ٽيھن ئي ضلعن ۾ پنھنجي اڀري سڀري حال سارو موجود آھيون۔ سنڌ جي سمورين ڊويزن جي ھيڊ ڪوارٽرس ۾ ڪانفرنسون ڪري چڪا آھيون۔ سکر ۾ فيض امن ميلو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي سالگرھ، عبدالڪريم گدائي ڪانفرنس، ثميره زرين ڪانفرنس، احسان بدوي ڪانفرنس، رشيد ڀٽي ڪانفرنس، حبیب جالب ڪانفرنس ۽ حفيظ شيخ ڪانفرنس ڪري چڪا آھيون۔ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڪانفرنس، حيدرآباد ۾ علي بابا ڪانفرنس، ڪراچيءَ ۾ فھميدہ ریاض ڪانفرنس ۽ گل حسن ڪلمتي ڪانفرنس ڪري چڪا آھيون۔ ميرپور ميرپورخاص ۾ مسڪين جھان خان کوسو ڪانفرنس ڪري چڪا آھيون، گهوٽڪيء ۾ بردو سنڌي ڪانفرنس ۽ نوابشاھ ۾ ماڻڪ ڪانفرنس ڪري چڪا آھيون۔ ھن سال ٽنڊي محمد خان وڃون پيا پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ڪانفرنس ڪرڻ۔ راحت سعيد، امداد آڪاش، فھيم قريشي ۽ نجمہ ريحانہ جي ڏينھن رات جي ڪوششن سان ٽن ڏينھن واري انٽرنيشنل رائيٽرس ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ڪوٺائي چڪا آھيون۔ مشتاق ڪشفي ۽ ايڊوڪيٽ انور ڪمبوه جي مدد سان گوجرانوالا ۾ استاد دامن ڪانفرنس ڪوٺائي چڪا آھيون۔ ھر سال انجمن جو ميگزين ڇاپيو ويندو آھي۔ جنھن جون ھيل تائين اٺ ڪڙيون ڇپجي چڪيون آھن۔ گوجرانوالا مان آئينہ تمثال باقاعدگي سان ڇپجي رھيو آھي۔ ھر سال ادب جي پندرنھن کان ويھن شعبن ۾ ڪتابن تي چا ڀيٽي ڪرائي انعام ۽ شيلڊون ڏيون ٿا۔ ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام، جاڳرتا فورم سکر جي ڪم کي مڃتا ڏئي چڪا آھيون۔ عطا محمد ڀنڀري، يوسف شاھين، ولي رام ولڀ، فاطمہ حسن، شيام ڪمار، راحت سعيد، گل حسن ڪلمتي، مصطفي قريشي، زاھده حنا، رئوف نظاماڻي، بدر ابڙي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، ڪليم دراني ۽ پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏئي چڪا آھيون۔ ڪراچي شاخ الڳ سان پروفيسر اعجاز قريشيءَ کي لائيف ٽائيم ايوارڊ ڏئي چڪي آھي۔ سالئون سال سنڌ جي ھڪ بھترين شاخ کي مڃتا طور راحت سعيد يادگار شيلڊ ڏئي رھيا آھيون.
انجمن جي نالي تي ڪم ڪندڙ سمورن گروپن کي پنھنجو ئي حصو سمجهون ٿا ۽ سندن ڪم کي ساراھيون ٿا۔ ڇو تہ ھو بہ پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا، اسين مسلسل جاويد آفتاب، ڊاڪٽر جعفر احمد، ڊاڪٽر شاھ محمد مريءَ سان رابطي ۾ آھيون۔ اسين مذاڪرات ۽ ڳالھين لاء ھميشہ پنھنجي گهرن ۽ دلين جا دروازا، دريون ۽ روشن دان کولي رکيا آھن۔ اسان وٽ ڪا بہ انا ناھي ۽ اسان پاڻ تي گفتگو حرام نہ ڪئي آھي۔ ڊائيلاگ لاءِ سامھون واري ڪرسي ھميشہ خالي رکي آھي۔ اسين سمجهون ٿا تہ سمورین طاقتن کي يڪجا ٿيڻ کپي۔ حسن عسڪري ان سلسلي ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي۔ سکر ۾ ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ مون ڏامري مل ۽ اقبال خان سان ان سلسلي ۾ ميٽنگ ڪئي۔ نتيجو ڇا نڪتو ان لاء انتظار نہ ڪندا آھيون۔ اسين وري پنھنجي ڪم ۾ جنبجي ويندا آھيون۔ ڇو تہ ڪم ئي اسان جي سڃاڻپ ۽ بقا جو ضامن آھي۔
اسانکي فخر آھي تہ اسین ان تنظیم جو تسلسل آھیون جنھن جي بنيادن ۾ ميڪسم گورڪي، سجاد ظھير، حشو ڪيولراماڻي، فيض احمد فيض، شيخ اياز، سعادت حسن منٽو، سوڀو گيانچنداڻي، حميد اختر، راحت سعيد، بدر اڄڻ، مشتاق ڪشفي، رياض شاھد دايو، نعيم شيخ ۽ ٻين جو پورھيو ۽ پگهر شامل آھي۔ ۽ ھن ڳالهہ تي بہ فخر آھي تہ پاڻ ھڪڙي واضح لڪير ڪڍندا آھيون۔ پنھنجو تعلق ٽي ايس اليٽ ۽ ايزرا پائونڊ جي اسڪول آف ٿاٽ/school of thought سان ناھي، جن ظلم جو ساٿ ڏنو ھيو۔ جيڪي فاشزم ۽ آمريت سان گڏ بيٺا رھيا۔
انجمن ترقي پسند مصنفین جي ٩٠/نوي ورھين واري سالگره جي موقعي تي اسين سمورن ترقي پسند فڪر جي پاسدار اديبن کي مبارڪباد پیش ڪيون ٿا۔ ۽ سمورن ترقي پسند اديبن کي دعوت بہ ڏيون ٿا تہ اچو ۽ ترقي پسند فڪر جي قافلي ۾ شریڪ ٿي اسانجي رھنمائي ڪيو ۽ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.
_____________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ء سکر ۾ رھي ٿو




انجمن ترقي پسند مصنفين جي تاريخ متعلق ڊاڪٽر خادم منگي جو بھترين آرٽيڪل