Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟ (وائِي)

شاعر: علي عابد سومرو

ادبي دنيا ۾  علي عابد سومرو جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ علي محمد سومرو شڪارپور ضلعي جي تاريخي ڳوٺ ”ميان جو ڳوٺ“  جو آھي. صحافت، ادب، ترجمو، اشتهارسازي ۽ ڪريئيٽِو رائيٽنگ ۽ علائقائي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ جو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي جو تجربو اٿس. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ايم. اي. (سنڌي ادب) ۽ ايم. اي. (انٽرنيشنل رليشنز) جون ڊگريون حاصل ڪيل اٿس. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ مارڪيٽنگ ۽ ڪميونيڪيشنز جي اداري ۾ ڪم ڪري ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾پهرين کان اٺين درجي تائين اٺ درسي ڪتاب شايع ٿي چڪا اٿس، جيڪي سنڌ جي نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “ڊڄڻو گدڙ” پڻ شايع ٿي چڪو آهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟

ويجها ها  دل  کي ،

جيڪي دلبَرَ  سي ،           دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

هانوَ جون پاڙون هئا،

مِٺڙا ، مِصري جي َ         دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

ڪکُ نه ها سَهندا،

پنهنجي ياريءَ  تي ،       دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

پل به رهي سگهندا

جيڪي هئا نه پري         دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

چِنتائون رکندا هئا

پنهنجون پاسي تي ،      دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

خطڙن ۾ رکندا هئا

دِل پنهنجي کولي       دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

تصويرُن ۾ پاڻَ سان

جن کي ڏٺُم پَئي ،    دوستَ ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

گهر ڀاتين کان وڌ مِٺا،

لڳندا هُئا  جيَ ،        دوستَ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

يادون هن رهجي ويون،

دل جي اڱڻ   تي  ،        دوستَ ، الائي ڪاڏي ويا ؟!

__________  

Ali Abid Soomro-The AsiaN

علي عابد سومرو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button