Editor's pickMain Slideوڻج واپار

سنڌ حڪومت جون سيڙپ دشمن پاليسيون: چيني  صنعتڪار ڪارخانو بند ڪري ڀڄي ويو

ھڪ چيني صنعتڪار ڪراچيءَ ۾ پنھنجي دوستن کي ٻُڌايو تہ ھُو واپس چين وڃي رهيو آهي ۽ ذري گھٽ سڄو اسٽاڪ اڌ قيمت تي وڪرو ڪري رهيو آهي.هتي ڪاروبار کان وڌيڪ اجازت نامن ۽ پابندين سان وڙهڻو پوي ٿو. مان ڪجهه وقت چين ۾ رهندس، ان کانپوءِ پنجاب حڪومت سان معاملا طئہ ڪري لاهور ۾ پلانٽ ھڻندس. “

هيءَ تصوير هڪ چيني صنعتڪار سان سندس دوست ۽ ھي تفصيل لکندڙ جي آخري ملاقاتن مان هڪ يادگار تصوير آهي.

سوشل ميڊيا مانيٽرنگ ڊيسڪ

سنڌ حڪومت، پرڏيهي سيڙپڪاري سيڙپ جي راھ ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪامورا شاهيءَ جي رنڊڪن جي حوالي سان هيءُ دل ڏاريندڙ سچو واقعو سوشل ميڊيا تي بيان ڪيو ويو آهي. هيءَ ڪهاڻي رڳو هڪ پرڏيھي سيڙپڪار جي ناهي، پر اسان جي سڄي نظام جي ان الميي جي عڪاسي ڪري ٿي جتي ”تحفظ“ ۽ ”قانون“ جي نالي تي پرڏيھي ڪاروباري ماڻھن جو گلو گھُٽيو وڃي ٿو.

چيني سيڙپڪار ۽ سنڌ حڪومت

هيءَ تصوير هڪ چيني دوست سان اسان جي آخري ملاقاتن مان هڪ يادگار تصوير آهي.

گذريل سال هي صاحب پنهنجن ٻن چيني ساٿين سان گڏ ڪراچي آيو. ٽنهي ڄڻن گڏجي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ هڪ ننڍو اليڪٽرڪ ٿري ويلر لوڊر اسيمبلي پلانٽ قائم ڪيو. انجنيئرنگ ڊيولپمينٽ بورڊ اسلام آباد کي باقاعدي منظوريءَ لاءِ درخواست پڻ ڏني وئي. ڪم آهستي آهستي شروع ٿي رهيو هو، اُميدون به هيون ته منصوبا به هئا.

ان دوران سنڌ حڪومت جي ڪجهه عملدارن کي اها خبر پئي ته هڪ چيني ڪمپني ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اهي ھڪدم وٽن پهتا ۽ چيائون ته جيئن ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال حساس آهي، تنهنڪري حڪومت سمورن پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽيءَ جي ذميوار آهي. تنهنڪري چار پوليس اهلڪار فئڪٽريءَ تي مقرر ڪيا ويا. گڏوگڏ اهو به فرمايو ويو ته سندن رهائش ۽ خرچ ڪمپني ئي برداشت ڪندي.

ظاهري طور اهو سڀ ڪجهه ”تحفظ“ جي نالي تي هو، پر آهستي آهستي اهو ئي تحفظ هڪ بار بڻجندو ويو.

ان کان اڳ هي دوست پنهنجي پرسنل گارڊ سان گڏ اسان جي آفيس به هليو ايندو هو ۽ اسين به بي تڪلفيءَ سان سندس فئڪٽري هليا ويندا هئاسين. پر هاڻي هر چُرپُر اجازت سان مشروط ٿي چڪي هئي.

هڪ ڏينهن اسين سندس فئڪٽريءَ پهتاسين ته هُو سخت پريشان ويٺو هو. چوڻ لڳو:

”مان ٽن ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته مون کي وار ڪٽرائڻ لاءِ وڃڻو آهي، پر پوليس وارا چون ٿا ته پهرين هڪ لک رپيا ڏيو، پوءِ وٺي هلنداسين. ٻي صورت ۾ درخواست ڏيو، جيڪا مٿي ويندي، منظوري ايندي، تڏهن ئي ڪيڏانهن وڃي سگهندئو.“

سندس اکين ۾ هڪ عجيب بي وسي هئي.

پوءِ هن چيو:

”منهنجا ڪجهه دوست لاهور ۾ آهن. اهي چون ٿا ته هتي هليو اچ، هتي اهڙيون ڪي به پابنديون ناهن. اسين آرام سان ڪم ڪري رهيا آهيون. مان به لاهور شفٽ ٿيڻ چاهيان ٿو، پر هتان نڪرڻ جي اجازت به نٿي ملي.“

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس فون آئي.

چوڻ لڳو:

”مان واپس چين وڃي رهيو آهيان، جيڪڏهن اچي سگهو ٿا ته اچو. “

جڏهن اسين پهتاسين ته اهي ئي رڪشا، جيڪي توهان تصوير ۾ پٺيان بيهاريل ڏسي رهيا آهيو، خاموشيءَ سان قطار ۾ بيٺل هئا. هن ٻڌايو ته هو ذري گھٽ سڄو اسٽاڪ اڌ قيمت تي وڪرو ڪري رهيو آهي.

مون چيو:

”ايتري نقصان ۾ ڇو پيو وڪڻين؟“

هو هڪ تلخ مُرڪ سان ڳالهائڻ لڳو:

”هتي ڪاروبار کان وڌيڪ اجازت نامن ۽ پابندين سان وڙهڻو پوي ٿو.“

پوءِ چيائين:

”مان ڪجهه وقت چين ۾ رهندس، ان کانپوءِ پنجاب حڪومت سان معاملا طئہ ڪري لاهور ۾ پلانٽ ھڻندس. “

۽ ايئن هڪ ٻيو پرڏيهي سيڙپڪار، جيڪو هتي صنعت لڳائڻ آيو هو، خاموشيءَ سان واپس هليو ويو.

مون کي معلوم آهي ته منهنجي اها ڳالهه ڪجهه دوستن کي خراب لڳندي، پر جيڪو ڪجهه بيان ڪيو اٿم، اهو هڪ عيني مشاهدو آهي. ان ڪري ئي ڄاڻي واڻي نه مان ان چيني دوست جو نالو لکي رهيو آهيان، نه ئي ڪمپنيءَ جو.

پر سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي:

جيڪڏهن اسين سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ بدران کين خوف، پابندين ۽ غير ضروري نظام ۾ ڳاري ڇڏينداسين، ته پوءِ صنعتون ڪاٿي لڳنديون؟

۽ روزگار ڪٿان ايندو؟

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button