شڪارپور جي لائبريريءَ ۾ عورتن واري عمارت لاڳيتو غير فعال ڇو؟
شڪارپور جي قادر بخش بيدل پبلڪ لائبريري (جگن ناٿ) ۾ عورتن لاءِ قائم ڪيل ھڪ حصو اهم مسئلي جو شڪار آهي. عمارت موجود آهي، ڪافي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پر ڊرينيج، بجليءَ جي فٽنگ، مين گيٽ ۽ چوديواريءَ سميت ڪجهه بنيادي مسئلا اڃا تائين حل طلب آهن، جنهن سبب عورتن لاءِ قائم ڪيل هي حصو مڪمل طور فعال نه ٿي سگهيو آهي.

نسيم بخاري
علم، ڪتاب ۽ لائبريري ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جا بنيادي اوزار آهن. جنهن سماج ۾ ڪتاب تائين پهچ آسان، محفوظ ۽ برابريءَ جي بنياد تي هجي، اتي علم جو دائرو به وسيع ٿيندو آهي ۽ سماجي شعور به مضبوط ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن آباديءَ جي اڌ کان وڌيڪ حصي لاءِ موجود هڪ بنيادي علمي سهولت سالن تائين موجود هجڻ باوجود فعال نه ٿي سگهي، ته سوال رڳو هڪ عمارت جو نه، پر اسان جي ترجيحن، انتظامي سنجيدگي ۽ سماجي سوچ جو به بڻجي وڃي ٿو.
شڪارپور جي قادر بخش بيدل پبلڪ لائبريري (جگن ناٿ) ۾ عورتن لاءِ قائم ڪيل ھڪ حصو به اهڙي ئي هڪ اهم مسئلي جو شڪار آهي. عمارت موجود آهي، ڪافي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پر ڊرينيج، بجليءَ جي فٽنگ، مين گيٽ ۽ چوديواريءَ سميت ڪجهه بنيادي مسئلا اڃا تائين حل طلب آهن، جنهن سبب عورتن لاءِ قائم ڪيل هي حصو مڪمل طور فعال نه ٿي سگهيو آهي.

هي سوال ڪرڻ ضروري آهي ته آخر هڪ اهڙي سهولت، جنهن جو تعلق عورتن جي تعليم، مطالعي، تحقيق ۽ علمي سرگرمين سان آهي، ان کي مڪمل فعال ڪرڻ ۾ ايترا سال ڇو لڳا آھن ؟
معلومات موجب ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ڪاشف جي دور ۾ عورتن واري عمارت جي منظوري ڏني وئي هئي. عمارت ڪافي عرصي تائين اڌوري رهي ۽ ٻي ماڙ جي تعمير لاءِ به انتظار ٿيندو رهيو. وقت گذرندو ويو، پر اضافي بجيٽ جي اميد پوري نه ٿي سگهي.
بعد ۾ جڏهن وڌيڪ بجيٽ جا دروازا کلي نه سگهيا ته سوشل ميڊيا، ادبي حلقن، عورتن ۽ ميڊيا طرفان مسلسل آواز اٿارڻ کان پوءِ ٺيڪيدار طارق مصطفي ملاڻو باقي رهيل ڪمن تي ڪم شروع ڪيو. رنگ روغن، ٽائلون، دروازا ۽ دريون لڳائڻ جهڙا ڪم ڪيا ويا، جنهن سان عمارت جي حالت ۾ واضح بهتري آئي.

پر اصل مسئلو اڃا مڪمل طور ختم ناهي ٿيو. ڊرينيج جو مسئلو، بجليءَ جي فٽنگ، مين گيٽ جي کوٽ ۽ ننڍي چوديواري جهڙا معاملا اهڙا آهن، جن کي نظرانداز ڪري عورتن واري پورشن کي مڪمل طور فعال ڪرڻ مشڪل آھي.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن کي علم، تحقيق ۽ مطالعي جي برابر موقعا ڏيڻ کي رڳو تعليمي مسئلو نه، پر سماجي ترقيءَ جو بنيادي حصو سمجهيو وڃي ٿو.
ترقي يافته سماجن ۾ عورتن لاءِ لائبريرين، مطالعاتي مرڪزن، يونيورسٽين ۽ پبلڪ لائبريرين اندر محفوظ ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڪيترن هنڌن تي عورتن ۽ ٻارن لاءِ الڳ مطالعاتي جايون، خاموش مطالعي جا ڪمرا، ڊجيٽل لائبريري جون سهولتون، انٽرنيٽ، تحقيق لاءِ ڊيٽابيس، تربيت، مطالعاتي پروگرام ۽ ثقافتي سرگرميون به فراهم ڪيون وڃن ٿيون.

اسلامي تاريخ کي ڏسجي ته به علم حاصل ڪرڻ کي مردن تائين محدود نه رکيو ويو. مسلمان عورتن علم حاصل ڪيو، علم منتقل ڪيو ۽ اسلامي علمي روايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري عورتن لاءِ علم ۽ مطالعي جا دروازا کولڻ اسان جي مذهبي ۽ ثقافتي قدرن سان ٽڪراءُ وارو عمل نه، پر انهن جي روح سان هم آهنگ عمل آهي.
سوال اهو آهي ته جڏهن دنيا عورتن جي علمي ضرورتن کي مستقبل جي ترقيءَ سان ڳنڍي رهي آهي، تڏهن اسان وٽ عورتن لاءِ موجود لائبريريءَ جو هڪ حصو بنيادي سھولتن کان وانجھيل ڇو آھي ؟
شڪارپور رڳو هڪ تاريخي شهر ناهي؛ هي شهر سنڌ جي علم، ادب، صحافت، شاعري، موسيقي ۽ ثقافت جي هڪ وڏي روايت جو وارث آهي. هتي عورتن جو به علمي ۽ ادبي سفر ڪنهن کان گهٽ ناهي.
شڪارپور جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي مشتمل آهي. انهن ۾ شاگردياڻيون، استاد، ليکڪائون، محقق، شاعرائون، نوڪري پيشه عورتون ۽ گهريلو عورتون شامل آهن، جن کي مطالعي لاءِ هڪ مناسب، محفوظ ۽ باوقار ماحول جي ضرورت آهي.

اهڙي صورتحال ۾ عورتن لاءِ مخصوص لائبريريءَ جو فعال ٿيڻ ڪنهن هڪ اداري يا انتظاميا جي مهرباني نه، پر شهر جي عورتن جو بنيادي علمي حق سمجهڻ گهرجي.
انتظاميا جي موجوده ڪوششن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. تنقيد سان گڏ مثبت قدمن جو ذڪر به ضروري آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر عارفه بتول طرفان عورتن واري پورشن جا مسلسل دورا ڪرڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته معاملو انتظامي سطح تي نظرانداز ٿيل ناهي. ساڳيءَ طرح ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو پڻ هن اداري ۽ خاص طور عورتن واري پورشن کي اپگريڊ ڪرڻ بابت سنجيدگي ڏيکاري رهيا آهن.
معلومات موجب ڊپٽي ڪمشنر طرفان ڪنهن اداري يا ڪمپني سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ته اها ڪارپوريٽ يا سماجي ذميواري تحت پنهنجو حصو وجهي، ته جيئن رهيل مسئلا حل ڪري عورتن واري پورشن کي فعال بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.

جيڪڏهن اهڙي ڪوشش عملي نتيجي تائين پهچي ٿي ته اها هڪ مثبت اڳڀرائي هوندي. پر هتي اصل سوال وري به اهو ئي آهي ته نتيجو ڪڏهن ايندو؟ اعلان کان وڌيڪ اهم عمل آهي.
اسان وٽ اڪثر مسئلا ان ڪري ڊگها ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته منصوبا ته ٺهي وڃن ٿا، عمارتون به ٺهي وڃن ٿيون، پر آخري مرحلي ۾ ننڍا نظر ايندڙ بنيادي ڪم سالن تائين لٽڪيل رهن ٿا.
هڪ عمارت ٺهي وڃڻ ۽ هڪ ادارو فعال ٿيڻ ۾ وڏو فرق آهي.

لائبريري تڏهن لائبريري بڻجي ٿي، جڏهن اتي عورت آرام سان داخل ٿي سگهي، محفوظ ماحول ۾ ويهي سگهي، ڪتاب پڙهي سگهي، بجلي موجود هجي، صفائي ۽ ڊرينيج جو مناسب انتظام هجي، داخلا ۽ چوديواري محفوظ هجي ۽ مطالعي جو ماحول موجود هجي.
ان ڪري جيڪڏهن عمارت موجود آهي، پر بنيادي سهولتون اڻپوريون آهن، ته اسان کي ان کي مڪمل ٿيل منصوبو چوڻ بدران نامڪمل سهولت چوڻ گهرجي.
شڪارپور جي سول سوسائٽي، ادبي حلقن، عورتن، استادن ۽ ميڊيا ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انتظاميا هن معاملي لاءِ واضح ٽائم لائن مقرر ڪري.
ڊرينيج جو ڪم ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟
بجليءَ جي فٽنگ ڪڏهن ٿيندي؟
مين گيٽ ڪڏهن لڳندي؟
چوديواريءَ جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟
۽ سڀ کان اهم سوال: عورتن لاءِ هي پورشن عملي طور ڪهڙي تاريخ کان کلي سگهندو؟

جيڪڏهن ڪنهن ڪمپني يا اداري کان سهڪار حاصل ڪرڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي ته ان عمل کي به تيز ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ سماجي ذميواري تحت مقامي ادارا، واپاري تنظيمون ۽ صاحب حيثيت ماڻهو به اڳتي اچن. هڪ لائبريريءَ کي فعال ڪرڻ لاءِ جيڪا رقم گهربل آهي، اها شايد ڪنهن وڏي منصوبي جي مقابلي ۾ تمام معمولي هجي، پر ان جو سماجي فائدو نسلن تائين پهچي سگهي ٿو.
شڪارپور کي پنهنجي علمي ورثي سان انصاف ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن اسان واقعي شڪارپور کي علم، ادب ۽ ثقافت جو شهر سمجهون ٿا ته پوءِ عورتن لاءِ موجود لائبريريءَ جي سهولت کي غيرفعال رهڻ نه ڏيڻ گهرجي.
انتظاميا جون موجوده ڪوششون اميد پيدا ڪن ٿيون، پر حقيقت حال اهو آهي ته بنيادي مسئلا اڃا برقرار آهن. تنهن ڪري هاڻي وڌيڪ دوري، وڌيڪ ڳالهين ۽ وڌيڪ انتظار بدران عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

عورتن لاءِ لائبريريءَ جو دروازو کولڻ دراصل ڪتابن جو دروازو کولڻ آهي، ۽ ڪتابن جو دروازو کولڻ ايندڙ نسلن لاءِ سوچ، شعور ۽ ترقيءَ جو دروازو کولڻ آهي.
شڪارپور انتظاميا کي گهرجي ته هن معاملي کي معمولي ڪم نه، پر عورتن جي علمي حق ۽ شهر جي مستقبل سان لاڳاپيل ترجيحي مسئلو سمجهي، رهيل سمورا ڪم هنگامي بنيادن تي حل ڪري.
شڪارپور جي عورت ڪڏهن پنهنجي شهر جي هن علمي سهولت ۾ آزاديءَ، تحفظ ۽ وقار سان ويهي ڪتاب پڙهي سگھندي؟
_____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



