ڪراچي صوبي جي ڪوشش اردو ڳالهائيندڙن لاءِ مشڪلات وڌائيندي
ايم ڪيو ايم جي انهن اڳواڻن جو احتساب ٿيڻ گهرجي جيڪي ڪنگال مان ڪروڙ پتي واپاري بڻجي ويا ۽ جن ٻن نسلن کي تباهه ڪيو.
1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي جي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به اڳواڻ جو اولاد ايم ڪيو ايم ۾ سرگرم ناهي، سڀني جا ٻار ٻاهرين ملڪن ۾ آهن يا وري وڏين نوڪرين تي فائز آهن.
”ايم ڪيو ايم: متحده کان منتشر قومي موومينٽ تائين جو سفر“ جي عنوان سان سوشل ميڊيا تي رکيل ھڪ اردو ڳالھائيندڙ رفعت سعيد جي اردو ليک جو سنڌي ترجمو

گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڪراچي صوبي جي حق ۾ راءِ عامه هموار ڪرڻ لاءِ تازو پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه تي سيمينار جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ (ھٿ ٺوڪين) دانشورن پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ھڪ (ھٿ ٺوڪئي) ممتاز معاشي تجزيه نگار جناب شبر زيدي، جيڪو اڄڪلهه پوڊ ڪاسٽ ذريعي شهرت ماڻڻ کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ تي صرف ”وات جي فائرنگ“ ڪندڙ دانشور بڻيل آهن، تنھن به اتي خطاب ڪيو.
ايم ڪيو ايم جيڪڏهن اڳواڻن جي ذاتي انا ۽ مفادن جي ور نه چڙهي ها ته اڄ هي شهر لاوارث نه هجي ها. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم چاهي ها ته جنرل پرويز مشرف مرحوم جي دور ۾ ملندڙ اڻ ڳڻيا اختيار استعمال ڪري واقعي ڪراچي کي هڪ جديد شهر بڻائي سگهي ها.
شبر زيدي صاحب گورنر هائوس ۾ ڪراچي صوبي جي حق ۾ دليلن سان گڏ ڪراچي يونيورسٽي جي بدحالي ۽ تباهي تي به ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. موصوف کي اڳوڻن شاگردن کي پڪارڻ کان اڳ جامعہ ڪراچي کي 2007ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ برباد ڪندڙ شخصيتن جو تعين ڪرڻ گهرجي. کيس ايم ڪيو ايم جي انهن اڳواڻن جي احتساب جو مطالبو ڪرڻ گهرجي جيڪي ڪنگال مان ڪروڙ پتي واپاري بڻجي ويا ۽ جن ٻن نسلن کي تباهه ڪيو.
خاص ڳالهه اها آهي ته 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي جي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به اڳواڻ جو اولاد ايم ڪيو ايم ۾ سرگرم ناهي، سڀني جا ٻار ٻاهرين ملڪن ۾ آهن يا وري وڏين نوڪرين تي فائز آهن.
گورنر سنڌ ڪراچي صوبي جي حق ۾ راءِ عامه هموار ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، اها اردو ڳالهائيندڙن لاءِ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ايم ڪيو ايم جيڪا هاڻي ”منتشر قومي موومينٽ“ بڻجي چڪي آهي، ان جماعت جي نالي تي ووٽ حاصل ڪندڙن کي لڳي ٿو ته شهر جي مسئلن سان ڪا دلچسپي ناهي.
جامعہ ڪراچي لاءِ واڳونءَ جا لڙڪ وهائيندڙ شبر زيدي کي يونيورسٽي جي زمين تي قبضو ڪرائيندڙ وائيس چانسلرز ۽ ان ۾ ملوث ملازمن جو تعين ڪرائي انهن خلاف مقدمو درج ڪرائڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. شبر زيدي مالي معاملن جو ماهر ھجڻ جي ھام ھڻي ٿو، کيس يونيورسٽي کي بنا معاوضي ”فارنزڪ آڊٽ“ جي پيشڪش ڪرڻ گهرجي.
اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر قيصر ۽ مرحوم معصوم علي ترمذي جي دور ۾ وڏا ۽ نمايان قبضا ٿيا آهن، پيٽرول پمپ جي زمين تي سڀ حصو پتي کڻي سُت پي سمهي پيا. ٻڌو آهي ته انعام ۽ ثواب طور خاتون اسٽيٽ آفيسر پنهنجي صاحبزادي کي جامعہ ڪراچي ۾ نوڪري ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته کيس پنهنجي نوڪري به ايم ڪيو ايم جي هڪ اثر رسوخ واري اڳواڻ جي سفارش تي ملي هئي. ڪراچي يونيورسٽي جا قابل وڪيل ڇو خاموش ٿي ويا؟ ان جا سبب جلد منظر عام تي ايندا. جامعہ ڪراچي جي موجوده سنڀاليندڙن (ڪسٽوڊين) کي گهرجي ته هو ان پاسي توجهه ڏين.
________________________



