اڻ ڏٺل پاڻيءَ تي تعمير ٿيندڙ شهر: ھر شھر ھيٺان ھڪ لڪل دنيا
جديد شهر اڪثر ڪنڪريٽ، سيمينٽ، شيشي، اسٽيل ۽ انجنيئرنگ جي شاندار مهارتن جا شاهڪار نظر ايندا آهن. پر تڏهن به رستن، شاپنگ مالن، پلين، اپارٽمينٽن، سرنگهن ۽ آسمان کي ڇهندڙ عمارتن جي هيٺان هڪ ٻي دنيا به موجود هوندي آهي، جيڪا خاموشيءَ سان انهن جي استحڪام کي ڪنٽرول ڪندي آهي، ۽ اها دنيا زيرِ زمين پاڻي (Groundwater) جي دنيا آهي.

زمين اندر موجود پاڻيءَ جي صورتحال ۽ حالتن کي نظرانداز ڪرڻ سبب ڍانچن جي اڏاوتي عدم استحڪام، کوٽائي وارن هنڌن تي پاڻي ڀرجي وڃڻ، زمين جو ويهڻ، ڀتين جو ڪرڻ، ماحولياتي نقصان ۽ وڏا مالي خسارا پيدا ٿي سگهن ٿا.
سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائيءَ وٽان
”شهر رڳو ڪنڪريٽ، سيمينٽ ۽ اسٽيل تي تعمير ناهن ٿيندا پر حقيقت ۾ اهي زمين جي هيٺان پاڻيءَ جي هلت، وهنوار، روين ۽ حرڪت تي پڻ قائم ۽ بيٺل هوندا آهن.“
ڪيترن ئي مهينن تائين هڪ خاندان کي پڪ هئي ته معاملو معمولي نوعيت جو آهي.
اهو سڀ ڪجهه هڪ خاندان جي گهر جي ڊرائنگ روم جي دريءَ ڀرسان هڪ وار جيتري سنهي ڏار کان شروع ٿيو. اها سنهي ڏار ايتري ته ننڍڙي هئي جو ڏکيائيءَ سان نظر اچي. ان تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ بلڪل سولو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ هو. هنن پاڻ کي اهو چئي آٿت ڏني ته پراڻن گهرن ۾ اهڙيون ڏارون پئجي وينديون آهن. شايد ڀرسان هڪ وڏي واپاري عمارت جي اڏاوت دوران پيدا ٿيندڙ لوڏن (Vibrations) سبب اها ڏار پئي هجي. انهن کي اها ڪا سنجيدهه ۽ ڳڻتيء واري ڳالهه نه پي لڳي. پر ڪجهه هفتن کان پوءِ سمهڻ واري ڪمري جي در صحيح نموني بند ٿيڻ ڇڏي ڏنو.
پوءِ لنگهه واري ورانڊي ۾ لڳل سيرامڪ ٽائلس تي ٽيڏيون ڏارون ظاهر ٿيڻ لڳيون، ڄڻ فرش تي آسماني بجليءَ جون سنهيون ليڪون پکڙجي ويون هجن. گهر جي هڪ ڪنڊ ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ ٿورو هيٺ دٻجي ويهي وئي. فرنيچر هاڻي متوازن ۽ سڌو بيهڻ بند ڪري ڇڏيو. برسات جي موسم ۾ مينهن جو پاڻي قدرتي نموني وهي وڃڻ بدران عجيب نموني دروازي ڀرسان گڏ ٿيڻ لڳو.
خاندان ناقص تعمير، نمي يا گهم، موسم ۽ پراڻين ڀتين کي ان جو ذميوار ۽ ڏوهاري سمجهندو رهيو. ڪنهن به اهو اندازو ۽ ڌيان نه ڪيو ته اصل مسئلو زمين جي گهراين ۾ لڪل آهي.
گهٽيءَ جي ٻئي پاسي هڪ وڏي کوٽائي واري هنڌ تي طاقتور پمپ ڏينهن رات هلي رهيا هئا، جتي انجنيئرز زمين هيٺان تهه خانن جون منزلون تعمير ڪري رهيا هئا. هڪ اهڙي عمل وسيلي، جنهن کي ڊي واٽرنگ (Dewatering) چيو وڃي ٿو. زمين هيٺان موجود وڏي مقدار ۾ زمين اندر موجود پاڻي مسلسل ڪڍيو پي ويو.
ڪجهه مهينن کان پوءِ جڏهن هڪ جيوٽيڪنيڪل انجنيئر علائقي جو معائنو ڪيو ته هن هڪ پريشان ڪندڙ حقيقت تان پردو کڻندي ان کي سامهون آڻي ڳڻتي جوڳي وضاحت پيش ڪئي ته “هن خاندان کي ايئن لڳو ته مسئلو ڀتين ۾ آهي، جڏهن ته اصل مسئلو زمين جي هيٺان غائب ٿيندڙ پاڻي هو.”
زمين اندر پاڻيءَ جي سطح گهٽجڻ سبب پاڙي جي هيٺان موجود زمين آهستي آهستي دٻجي ويهندي رهي هئي. مٿان شهر جديد ۽ مضبوط ۽ طاقتور نظر اچي رهيو هو، پر هيٺان موجود ڳجهو ۽ لڪل توازن بگڙجي چڪو هو.

هر شهر جي هيٺان هڪ لڪل دنيا
جديد شهر اڪثر ڪنڪريٽ، سيمينٽ، شيشي، اسٽيل ۽ انجنيئرنگ جي شاندار مهارتن جا شاهڪار نظر ايندا آهن. پر تڏهن به رستن، شاپنگ مالن، پلين، اپارٽمينٽن، سرنگهن ۽ آسمان کي ڇهندڙ عمارتن جي هيٺان هڪ ٻي دنيا به موجود هوندي آهي، جيڪا خاموشيءَ سان انهن جي استحڪام کي ڪنٽرول ڪندي آهي، ۽ اها دنيا زيرِ زمين پاڻي (Groundwater) جي دنيا آهي.
زمين اندر موجود پاڻي اهو پاڻي آهي، جيڪو مٽي، واري، بجري ۽ زمين جي هيٺان پٿرن جي انهن تهن ۾ محفوظ هوندو آهي، جن کي آبي ذخيرا (Aquifers) چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ اهو عام ماڻهن کي اڪثر نظر ناهي ايندو، پر هي پاڻي مسلسل ان مٽيءَ سان لاڳاپي ۾ رهي ٿو، جيڪا عمارتن ۽ بنيادي ڍانچي جو بار کڻي انهن کي سهارو ڏئي ٿي. هر بنياد رڳو زمين تي نه، پر نمي، دٻاءُ ۽ زمين اندر موجود پاڻيءَ جي توازن تي به قائم هوندو آهي.
جڏهن اهو توازن اوچتو تبديل ٿي وڃي ٿو ته شهرن ۾ ڏارون پئجي سگهن ٿيون، زمين دٻجي ويهي سگهي ٿي، اتي ٻوڏ اچي سگهي ٿي يا وقت گذرڻ سان گڏ اهي هوريان هوريان ڪمزور ٿي سگهن ٿا.
زمين اندر موجود پاڻي ۽ اڏاوت: نگراني ڇو ضروري آهي؟
رستن، پلين، سرنگهن، تهه خانن، ڊيمن، رهائشي اسڪيمن يا اوچين عمارتن جي اڏاوت کان اڳ انجنيئرز کي ان هنڌ جي زمين هيٺان موجود پاڻيءَ جي هلت، روين، ورتاء ۽ حرڪت جو تفصيلي ۽ باريڪ بيني سان مطالعو ڪري جائزو وٺڻو پوندو آهي.
زمين اندر موجود پاڻيءَ جي صورتحال ۽ حالتن کي نظرانداز ڪرڻ سبب ڍانچن جي اڏاوتي عدم استحڪام، کوٽائي وارن هنڌن تي پاڻي ڀرجي وڃڻ، زمين جو ويهڻ، ڀتين جو ڪرڻ، ماحولياتي نقصان ۽ وڏا مالي خسارا پيدا ٿي سگهن ٿا.
تنهن هوندي به زمين اندر موجود پاڻيءَ کي عوامي سطح تي گهڻي قدر گهٽ ڌيان ۽ اهميت ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جون سموريون سرگرميون زمين جي هيٺان لڪل هونديون آهن.
ڪنهن پل جو ڪرڻ يا پاڻي جي رستي ۾ بيهڻ جهڙا واقعا ته يڪدم نظر اچي وڃن ٿا، پرزمين اندر موجود پاڻي سان لاڳاپيل مسئلا خاموشي سان پيدا ٿيندا آهن ۽ آهستي آهستي وڌندا آهن.
مٽي ايتري مضبوط ۽ سخت ناهي جيتري نظر اچي ٿي
گهڻا ماڻهو عمارتن جي هيٺان واري زمين کي مستقل طور تي سخت، مضبوط ۽ بيٺل تصور ڪندا آهن. حقيقت ان جي ابتڙ آهي. حقيقت ۾، مٽي هڪ زنده مادي وانگر ڪم ڪندي آهي، جيڪا پاڻي جي دٻاءُ ۽ نمي کان متاثر ٿيندي آهي، جنهن جو ان تي گهرو اثر پوندو آهي. زمين اندر موجود پاڻي سڌو سنئون مٽي جي طاقت ۽ مضبوطي کي تبديل ڪندو آهي.
جڏهن پاڻيءَ جي سطح حد کان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته مٽي ڪمزور ٿي سگهي ٿي، کوٽائيءَ واريون ڀتيون ڪري سگهن ٿيون، بنياد کسڪي سرڪي سگهن ٿا ۽ زمين جي لڏڻ جي ڪري مٽي جا ڍير ڪرڻ (landslides) جا واقعا پيش اچي سگهن ٿا.
ڪجهه قسمن جي مٽي، خاص ڪري چيڪي مٽي (Clay)، آلي ٿيڻ تي پکڙبي آهي ۽ خشڪ ٿيڻ تي سڪڙجي ويندي آهي. زمين اندر موجود پاڻي جي سطح ۾ بار بار ايندڙ تبديلي عمارتن تي هوريان هوريان سالن تائين دٻاءُ وجهندي رهندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪا عمارت زمين جي مٿان کان مضبوط نظر ايندي آهي، پر زمين جي هيٺان خاموشي سان ڪمزور ٿي رهي هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جديد اڏاوتي منصوبن ۾ کوٽائي شروع ڪرڻ کان اڳ تفصيلي جيوٽيڪنيڪل ۽ هائيڊروجيولوجيڪل جاچ پڙتالون ڪيون وينديون آهن.
قدرتي آبي سطح کان هيٺ کوٽائي
جيئن جيئن شهر زمين اندر پارڪنگ، ميٽرو سسٽمز، شاپنگ مالز جي تهخانن ۽ سرنگهن جي صورت ۾ هيٺين طرف پکڙجي رهيا آهن، اڏاوتي سرگرميون قدرتي آبي سطح (Water Table) کان هيٺ تائين پهچي رهيون آهن.
جيئن ئي کوٽائي زمين اندر موجود پاڻي جي زون تائين پهچندي آهي ته پاڻي لڳاتار کوٽيل کڏن ۾ داخل ٿيڻ لڳندو آهي. وڏن اڏاوتي ماڳن تي ڪم ڪندڙ ماڻهو اڪثر صبح جو جڏهن پهچندا آهن ته اهي اتي کوٽيل کڏن وارين جڳهن کي پاڻي سان ڀريل ڏسندا آهن. گپ چِڪ گڏ ٿي ويندي آهي، پمپ جو گوڙ هروقت هوندو آهي جيڪو لڳاتار هلندو رهندو آهي، منصوبي ۾ دير ٿي ويندي آهي ۽ حفاظتي خطرا ڪيترائي ڀيرا وڌي ويندا آهن.
هتي انجنيئرنگ جي هڪ حقيقت بلڪل سادي آهي ته، پاڻيءَ جو داخل ٿيڻ > پاڻي ڪڍڻ جي صلاحيت.
يعني جڏهن زمين اندر موجود پاڻي، ان کي ٻاهر ڪڍڻ جي صلاحيت کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿو ته ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي.
هن مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ انجنيئر پمپنگ سسٽم لڳائيندا آهن، جيڪي اڏاوتي علائقن مان زمين اندر موجود پاڻي ڪڍندا آهن. هن عمل کي ڊي واٽرنگ (Dewatering) چيو ويندو آهي.
اڏاوتي هنڌن تان زيرِ زمين پاڻي ڇو ڪڍيو ويندو آهي؟
ڊي واٽرنگ ڪيترن ئي منصوبن لاءِ انتهائي ضروري هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اها کوٽائي ۽ اڏاوتي هنڌن کي سُڪو ۽ خشڪ رکي ٿي، مزدورن جي حفاظت بهتر بڻائي ٿي، مٽيءَ کي مستحڪم ڪري ٿي، ڀتين کي ڪرڻ کان بچائي ٿي، مشينريءَ کي محفوظ رکي ٿي ۽ زمين هيٺان ڪنڪريٽ جي ڪم کي ممڪن بڻائي ٿي.
ڊي واٽرنگ کان سواءِ جديد شهري بنيادي ڍانچي ۽ انفراسٽرڪچر جا ڪيترائي منصوبا عملي طور ناممڪن ٿي وڃن ها.
پر ٻين ڪيترن ئي انجنيئرنگ جي مسئلن جي حلن وانگر، جيڪڏهن ڊي واٽرنگ جو انتظام صحيح نموني سان نه سنڀاليو وڃي ته اهو پاڻ به خطرن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. زمين اندر موجود پاڻيءَ کي حد کان وڌيڪ ڪڍڻ سان ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود زمين هيٺان قدرتي توازن متاثر ٿي بگڙي سگهي ٿو.

جڏهن زمين ويهڻ شروع ڪري ٿي
زمين اندر موجود پاڻيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ ۽ بي تحاشا ڪڍڻ جي سڀ کان خطرناڪ نتيجن مان هڪ زمين جو دٻجي وڃي ويهڻ (Land Subsidence) آهي.
جيئن ئي زمين اندر موجود پاڻي ڪڍيو ويندو آهي، تيئن مٽيءَ جي ذرڙن جي وچ ۾ موجود خالي جايون سُسڻ لڳنديون آهن ۽ زمين هوريان هوريان هيٺ ويهڻ شروع ڪندي آهي.
زلزلن جي ابتڙ، زمين جو دٻجڻ عام طور تي روزاني جي زندگي ۾ هيٺ خاموشي سان، ملي ميٽربه ملي ميٽر، سال به سال، هوريان هوريان ٿيندو رهندو آهي.
ماڻهو اڪثر ان جون نشانيون تڏهن محسوس ڪندا آهن، جڏهن ڀتين ۾ ڏارون پئجي وڃن، رستا اڻبرابر ٿي وڃن، عمارتون ٽيڏيون يا جهڪڻ لڳن، پائيپ لائينون متاثر ٿين، دروازا جام ٿي ڦاسي وڃن يا فرش هيٺ ويهي وڃي. ڳتيل آبادي وارن شهري علائقن ۾ مٽيءَ جي ويهڻ ۾ معمولي تبديلي به پاڙيسري عمارتن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي.
خاص ڪري پراڻا گهر وڌيڪ خطري جي گهيري ۾ هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جا بنياد زمين اندر موجود پاڻي جي اوچتي تبديلين ۽ لاهن چاڙهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ٿيل ناهن هوندا.
دنيا جا ڪيترائي شهر اڳ ئي غير منظم ۽ بي قابوزمين اندر موجود پاڻيءَ جي ڪڍڻ ۽ اڏاوتي سرگرمين سبب زمين جي ويهڻ واري مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هي خطرو خاص طور تي انهن تيزيءَ سان وڌندڙ شهري مرڪزن ۾ وڌيڪ سنگين آهي، جتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ماحولياتي نگرانيءَ کان اڳتي نڪري چڪي آهي.
شهري ترقيءَ جي لڪل قيمت
جديد شهر قدرتي زمين کي تيزيءَ سان ڪنڪريٽ، سيمينٽ، اسفالٽ، پارڪنگ لاٽن، شاهراهن ۽ ٻين پڪين سطحن سان ڍڪي رهيا آهن. مينهن جو اهو پاڻي، جيڪو اڳ قدرتي طور زمين ۾ جذب ٿي ويندو هو، هاڻي وهي نالن ۽ نيڪال جي نظام ۾ هليو وڃي ٿو.
جيئن جيئن زمين اندر موجود پاڻيءَ جو استعمال ۽ ڪڍڻ وڌندو وڃي ٿو ۽ قدرتي ٻيهر ڀرڻ (ري چارج ) گهٽجندو وڃي ٿو، تيئن زيرِ زمين آبي ذخيرا مسلسل گهٽجندا وڃن ٿا. شهر کي ته مينهن ملي ٿو، پر زمين ان مان فائدو نٿي وٺي ۽ اُڃايل رهجي وڃي ٿي. هڪ شهر هڪ ئي وقت شديد برساتن ۽ خالي ٿيندڙ آبي ذخيرن ٻنهي کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
هي عدم توازن هڪ خطرناڪ شهري تضاد (Urban Paradox) پيدا ڪري ٿو، يعني زمين جي مٿان ٻوڏ ۽ زمين جي هيٺان پاڻيءَ جي کوٽ هڪ ئي وقت موجود ٿي سگهي ٿي. هڪ شهر ساڳئي وقت سخت برساتن ۽ سُڪندڙ آبي ذخيرن ٻنهي جو گڏجي شڪار ٿي سگهي ٿو.
پاڻيءَ کي ٻيهر زمين ڏانهن موٽائڻ
ماحولياتي نقصان گهٽائڻ لاءِ انجنيئرز ڪڏهن ڪڏهن پمپ ذريعي ڪڍيل زمين اندر موجود پاڻي کي انفلٽريشن سسٽم (Infiltration Systems) يا ري چارج کوهن وسيلي ٻيهر زمين ۾ داخل ڪندا آهن.
اهو عمل زمين اندر موجود پاڻي جي توازن کي برقرار رکڻ، زمين جي ويهڻ کي گهٽائڻ، آبي ذخيرن کي ٻيهر ڀرڻ، ماحولياتي نظام جي حفاظت ڪرڻ ۽ مٽيءَ جي استحڪام کي قائم رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
هن تصور جو بنيادي اصول به تمام سادو آهي ته، ري چارج = آبي ذخيرن ۾ پاڻيءَ جو ٻيهر جذب ٿيڻ.
پائيدار شهري انجنيئرنگ هاڻي تيزيءَ سان هن حقيقت کي مڃي رهي آهي ته زمين اندر موجود پاڻيءَ کي رڳو ڪڍڻ نه گهرجي، پر ان کي ٻيهر ڀرڻ به لازمي آهي.
ڪجهه جديد شهر هاڻي پاڻي جذب ڪندڙ فرش (Permeable Pavements)، مينهن جو پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ جا نظام (Rainwater Harvesting)، ري چارج بيسنز، سر سبز علائقا يا سبزي زارن ۽ ڪنٽرولڊ انفلٽريشن ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪري رهيا آهن ته جيئن زمين اندر موجود پاڻيءَ جي قدرتي بحالي ممڪن بڻائي سگهجي.
زمين اندر موجود پاڻيءَ جي نگراني: هڪ لڪل ضرورت
وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ زمين اندر موجود پاڻيءَ جي گهرائي، مٽيءَ جي نمونن، پاڻيءَ جي دٻاءَ، پاڻيءَ جي معيار ۽ موسمي تبديلين جي لڳاتار نگراني ڪئي ويندي آهي.
اهي پيمائشون ۽ ماپون انجنيئرز کي زمين جي ويهڻ جي خطري، پاڻيءَ جي رِسڻ (Seepage) جي مسئلن، اڏاوتي دٻاءَ ۽ ماحولياتي اثرن بابت اڳواٽ آگاهي ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
زمين اندر موجود پاڻي کي نظرانداز ڪرڻ سان فوري تباهي ناهي ايندي. ڪڏهن ڪڏهن ان جا نتيجا ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ظاهر ٿي سامهون ايندا آهن. اهو ئي دير سان ظاهر ٿيندڙ خطروزمين اندر موجود پاڻي کي منفرد طور تي ڌوڪي تي ٻڌل خطرو بڻائي ڇڏيندو آهي.
هڪ اهڙو منصوبو جنهن جي نگراني ناقص هجي، اهو اڏاوت دوران ته ڪامياب نظر اچي سگهي ٿو، پر اهو خاموشي سان ويجهن پاڙن جي هيٺان مستقبل جي عدم استحڪام جو بنياد رکي رهيو هوندو آهي.
شهرن جو مستقبل انهن جي هيٺان لڪل آهي
شهري تهذيب عام طور تي انهن شين جو جشن ملهائيندي آهي جيڪي آسمان ڏانهن اڀيون ٿينديون آهن، يعني آسمان کي ڇهندڙ عمارتون، جديد شاهراهون، شيشي جون عمارتون ۽ عظيم انفراسٽرڪچر وغيرهه.
پر شهرن جي ڊگهي مدي واري بقا جو دارومدار ايتري ئي حد تائين انهن شين تي هوندو آهي جيڪي زمين جي هيٺان پيش اينديون آهن، يعني زمين ۾ مٽي جي هيٺان موجود پاڻي خاموشي سان مٿان موجود هر شيءِ کي سهارو ڏئي رهيو هوندو آهي.
آخر ۾ چوڻ جو مقصد اهو ته، جيڪڏهن شهري رٿابندي زمين اندر موجود پاڻي کي هڪ زنده ماحولياتي نظام بدران رڳو هڪ لڪل رڪاوٽ يا تڪليف سمجهندي رهندي ته وڌيڪ شهرن کي دٻجندڙ زمين، تباهه ٿيندڙ بنيادي ڍانچي، زمين اندر موجود پاڻي جي شديد کوٽ، اڏاوتي عدم استحڪام ۽ بدتر ٿيندڙ پاڻي جي بحران جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
ڏارن واري گهر جي اها ڪهاڻي رڳو هڪ خاندان جي ڪهاڻي ناهي پر اها خود جديد شهري زندگيءَ بابت هڪ ڊيڄاريندڙ اشارو ۽ هڪ تنبيهه آهي.
ڇاڪاڻ ته شهر رڳو ڪنڪريٽ، سيمينٽ ۽ اسٽيل جي سهاري قائم ناهن رهندا، پر اهي توازن جي سهاري قائم ۽ زنده رهندا آهن. زمين، پاڻي، انجنيئرنگ ۽ انساني خواهشن جي وچ ۾ اهو نازڪ توازن، جيڪو اسان جي پيرن جي هيٺان خاموشي سان موجود هوندو آهي.
____________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



