Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھاءِ ٽيڪ نسل: ھي رڳو زورين نظاماڻي نہ، سڄي جين زي جو الميو آهي!

نسلن جي ھنن اصطلاحن ۽ درجابندي جو اسان جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اوسر سان ڪو تعلق نہ آھي سواءِ ان جي تہ اڄ جي گلوبل ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ اسان ھر ان شيءَ، اصطلاح ۽ خيال کان جلدئي ۽ بيحد متاثر ٿي وڃون ٿا جيڪي ترقي يافتہ ملڪن کان اسان تائين پھچن ٿا.

نوجوان تعليم يافتہ نسل کي غير سياسي، غير انقلابي ۽ عوام کان پري بلڪ پاڻ کي ان کان مٿاھون سمجھڻ جي نفسياتي مرض ۾ مبتلا ڪرڻ جو ھي بھترين ھٿيار آھي. جين زي جو اصطلاح ئي جين زي جو دشمن آھي جيڪو کيس نسلن جي تسلسل جي اھميت کي سمجھڻ ۽ ھڪٻئي کان سکڻ سيکارڻ جي عمل کان پري رکي ٿو ۽ سوچ ۽ عمل جي انتھائي محدود دائرن ۾ قيد ڪري ٿو.

جگديش آھوجا

سومر 23 فيبروري 2026ع تي زورين نظاماڻي جو وڊيو بيان ۽  سوشل ميڊيا تي ان تي شديد تنقيد نظر مان گذري. وڊيو بيان ۾ زورين نظاماڻي فرمائي ٿو تہ، “ھينئر نئين قرارداد پاس ٿي آھي سنڌ اسيمبلي مان، اوھان ڀلي قراردادون پاس ڪرايو، ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي. مخالف ڌر تہ ايوان ۾ آھي ڪونہ، اوھان جو ايوان آھي تہ اوھان جي قرارداد تہ پاس ٿي ويندي. مان نٿو سمجهان تہ قرارداد سان ڪو فرق پوندو، جيڪڏھن ڪراچي کي الڳ ٿيڻو آهي تہ ٿي ويندي، وفاق حوالي ٿي ويندي. ڏسو ڳالهه آھي عوام جي ڀلائيءَ جي، شھرين جي ڀلائيءَ جي.  عوام جي بھتري خاطر ڪراچي الڳ ٿي ٿئي تہ ڀلي ٿئي. جيڪڏھن اوھان شھرين کي سھولتون نٿا فراهم ڪري سگھو، معيار زندگي نٿا بھتر بڻائي سگھو، جيڪڏهن اوھان لائينن ۾ پاڻي بہ نٿا ڏئي سگھو تہ اوھان پنھنجي تاريخ رکو پاڻ وٽ، ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي.”

‘اوھان پنهنجي تاريخ رکو پاڻ وٽ، ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي.’

مصر کان وٺي سنڌ تائين ھاءِ ٽيڪ نسل ( جنھن کي عرف عام ۾ اڄ جين زي سڏيو وڃي ٿو) جو سڀ کان وڏو الميو ۽ ھر ھنڌ ناڪامي جي ڪارڻ جو آئينو آھي اھو ھڪ جملو.

تاريخ جي شعور ۽ سياسي شعور جي اھميت ۽ افاديت کي سمجھڻ ۽ ان جي حاصلات لاءِ گھربل علم ۽ عمل جا ڪشالا ڪڍڻ بدران، آسان ۽ تڪڙا حل ڳولڻ ۽ اھي حاصل نہ ٿيڻ جي صورت ۾ ‘وري پنھنجي ڪم سان لڳي وڃڻ’ ۽ ‘پنھنجي ناڪامي جا سبب ڳولڻ بدران ان جو بہ سڄو الزام سسٽم ۽ ان جي رکوالن تي ھڻڻ ۽ انھن کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ’، اھا تاريخ نظر اچي ٿي ھاء ٽيڪ نسل جي  ايڪٽوسٽ نوجوان جي.

مان ھتي جين زي بدران ھاء ٽيڪ نسل جو اصطلاح ڇو استعمال ڪري رھيو آھيان، ان جو بہ  علمي ۽ عملي بنياد آھي.

 ھڪ فطري ڪار وهنوار جيان سياسي جدوجھد ۾  بہ ھر نسل پنهنجي نوجوان نسل کي ذھني ۽ عملي طور تيار ڪندو آهي تہ کانئس پوءِ بہ لاٽ ٻرندي رھي. ان مقصد خاطر ھو ھر دور م نوجوانن سان مخاطب ھوندو آھي ۽ پرنس ڪروپاٽڪن جي  ‘نوجوانن ڏانھن’ جھڙا ۽ جي ايم سيد جي ‘سنڌ جا سورما’ جھڙا سوين ھزارين ڪتاب نوجوان نسل جي تاريخي ۽ سياسي شعور جي آبياري ڪندا آهن. نوجوان نسل ھر دور ۾ نوجوان نسل ئي سڏيو ويندو رھيو آھي، ان کي ايڪس X، وائي Y، زي Z، الفا، بيٽا، گاما وغيره ۾ تقسيم ڪيو آھي گلوبل ٽيڪنالاجي جي ٿنڪ ٽئنڪس پنھنجي ڪاروباري منافعي جي واڌ ويجھ ۽ سياسي ڪاروبار لاءِ. جن مان جين زي اڄ سياسي تجزين جي دنيا ۾ سڀ کان مشھور اصطلاح ٿي اڀريو آهي ۽ ھينئر بنگلاديش جي شاگرد تحريڪ ۾ بہ اھو اصطلاح گھڻو عام  ٿيو آھي. جين زي سڏيو وڃي ٿو ان نسل کي جنھن 1997ع کان 2012ع تائين جنم ورتو آهي.

 ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اولھ ۾ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اوسر جي نقطه نگاھ کان نسلن جي جيڪا درجابندي ڪئي وئي آهي، اھا ھن ريت آھي:

1) بيبي بومرز Baby Boomers    

(1946 – 1964)

ھن دور م جيئن تہ آباديءَ ۾ تمام گھڻي واڌ ٿي تنھنڪري ھن نسل لاءِ اھو اصطلاح ايجاد ٿيو.

2) جنريشن ايڪس. Generation X

(1965 – 1980)

ھي  جديد سرمائيداري ۽ سرمائيداري ۽ سوشلزم جي ٻن سپر پاورز آمريڪا ۽ سويت يونين جي وچ ۾ سرد جنگ جو دور ھيو ۽ ھن دور ۾ ئي اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي ميڊيا جو ٻج پيو.

3) جنريشن وائي Y، جنھن کي ملينيل Milinial بہ سڏيو وڃي ٿو، جو اھا ھن ٻئي ملينيم جي آخري جنريشن آھي (1981 کان 1996 تائين). ھن دور ۾ سويت يونين جي اڳواڻي ۾ ڪميونسٽ بلاڪ جو خاتمو ٿئي ٿو ۽ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ سڄي دنيا تي مغربي سرمائيداري جي ھڪ ھٽي قائم ٿئي ٿي.

1991ع ۾ ڪميونسٽ سپر پاور سويت يونين جو سياسي نقشي تان وجود مٽجي وڃي ٿو ۽ 1991ع ۾ ئي ڊگلس ڪوپلينڊ جو ڪتاب منظر تي اچي ٿو:

Generation X: Tales of Accelerated Culture

جنريشن ايڪس: تيزيءَ سان اوسر ڪندڙ ثقافت جون ڪھاڻيون

 ھتان کان جنريشن ايڪس جو اصطلاح مشھور ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ ائين ھي سفر جنريشن ايڪس کان جين زي تائين پھچي ٿو ۽ نسلن جي ھي درجا بندي سياسي منظر نامي جو حصو بڻجي ٿي.

اوھان صاف ڏسي سگھو ٿا تہ  نسلن جي ھنن اصطلاحن ۽ درجابندي جو اسان جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اوسر سان ڪو تعلق نہ آھي سواءِ ان جي تہ اڄ جي گلوبل ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ اسان ھر ان شيءَ، اصطلاح ۽ خيال کان جلدئي ۽ بيحد متاثر ٿي وڃون ٿا جيڪي ترقي يافتہ ملڪن کان اسان تائين پھچن ٿا.

اچو تہ اسان  1991ع کان يعني سرمائي جي عالمگير ھڪ ھٽي جي دور Age of Global Monopoly of Capital جي آغاز کان اڄ تائين جي دور ۾ اڀريل نوجوانن جي بغاوتن ۽ احتجاجي تحريڪن جو جائزو وٺون جنھن ۾ جين زي جو جنم ۽ ابتدائي پرورش ٿي آھي.

1991ع ۾ آمريڪي ۽ مغربي سرمائي جي عالمگير ھڪ ھٽي قائم ٿيڻ کانپوءِ نوجوانن جي پھرين بغاوت اڀري ٿي 2011ع ۾ مصر جي گاديءَ واري ھنڌ قاھرہ منجھان جنھن جو مرڪز بڻجي ٿو تحرير اسڪوائر. ھي پھرين بغاوت آھي جنھن ۾ نوجوان نسل سوشل ميڊيا ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان حسني مبارڪ جي آمريت خلاف مصري عوام کي رستن تي آڻڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ٿو. وائل غنيم، اسما محفوظ ۽ سندن دوست ھن بغاوت کي منظم ڪرڻ ۾ رھنما ڪردار ادا ڪن ٿا. وائل غنيم گوگل ۾ ملازت ڪري چڪو ھو ۽ ھن فيس بوڪ تي ھڪ پيج ٺاھيو:

We Are All Khalid Saeed

اسان سڀ خالد سعيد آھيون.

 مصري پوليس خالد سعيد کي  تشدد ڪري قتل ڪيو ھيو ۽ وائل غنيم ھن فيس بوڪ پيج ذريعي مصري نوجوانن ۽ عوام کي بغاوت لاءِ اتساھيو. اسما محفوظ ‘6 اپريل نوجوان تحريڪ’ سان لاڳاپيل ھئي، جنھن ھڪ وڊيو پيغام ذريعي 25 جنوري 2011ع تي احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ تحرير اسڪوائر تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن سڄي تحريڪ کي  نوجوان سوشل ايڪٽوسٽن منظم ڪيو جنھن ۾ پوء اخوان المسلمين شريڪ ٿي وئي ۽ مغربي ميڊيا ان جي ڀرپور پٺڀرائي ڪري ان کي نالو ڏنو عرب اسپرنگ Arab Spring عرب بھار جو. ھي داستان آھي پٺڀرائي ڪري پٺ ۾ ڇرو ھڻڻ جو!

 عرب بهار ڪنھن ھڪ ملڪ تائين محدود نہ ھيو. ھي وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ اُڀرندڙ عوامي تحريڪن جو سلسلو هو، جنهن آمريت، ڪرپشن، بيروزگاري ۽ سياسي جبر خلاف آواز اٿاريو. ھي سلسلو تيونس کان شروع ٿي مصر، ليبيا، يمن، بحرين ۽ شام تائين پکڙجي ويو جنھن جو آغاز ان نوجوان نسل ڪيو ھو جنھن کي ملينيل جنريشن Y جي درجا بندي ۾ رکيو ويو آهي.

ڊسمبر 2010ع ۾ تيونس جي هڪ نوجوان ريڙهي واري

محمد بوعزيزي پوليس جي تذليل ۽ معاشي ناانصافيءَ خلاف احتجاج طور پاڻ کي باھ ڏني جنھن سڄي عرب دنيا جي آمريتن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

نوجوان بوعزيزي جي پاڻ کي ساڙي مارڻ جي عمل عرب دنيا ۾ آمريتن ۽ بادشاھتن خلاف دٻيل نفرت ۽ عوامي ڪاوڙ جي لاوي کي ڦاٽڻ جو گس ڏئي ڇڏيو. تيونس ۾ عوامي غصي ۽ احتجاجن جي لھر ايڏي تہ شديد ٿي وئي جو جنوري 2011ع ۾ تيونس جو آمر حڪمران زين العابدين بن علي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. تيونس جي ڪامياب بغاوت سڄي عرب دنيا جي نوجوانن ۽ عرب عوام کي بغاوت تي اتساھيو.

تيونس جي ڪاميابيءَ کان پوءِ مصر ۾ بہ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا. انھن احتجاجن ۾ نوجوان، مزدور، شاگرد ۽ عورتون سڀ گڏ هئا. ۽ ھن بغاوت جي خاص ڳالھ ھئي اعلي تعليم يافتہ عرب عورتن ۽ نوجوانن جو سرواڻ ڪردار جن ڊجيٽل ميڊيا ۽ فيس بڪ گروپن کي ان لاء خوب استعمال ڪيو.آخرڪار 11 فيبروري 2011ع تي حسني مبارڪ بہ  استعيفيٰ ڏني.

عرب نيشنلزم جي باني جمال عبدالناصر کان وٺي مصر قومپرست، ترقي پسند ۽ سيڪيولر سياست جو مرڪز Epicenter رھيو ھيو جيڪو انور سادات جي ويساھ گھاتي ۽ حسني مبارڪ جي آمريت ذريعي مغربي  سامراجي سرمائي جو محفوظ قلعو بڻجي ويو ھو، اتي ڪنھن عوامي بغاوت جي ڪاميابي عرب بادشاھتن ۽ آمريتن سان گڏ اولھ لاءِ بہ ھڪ خطري جي گھنٽي ھئي. ۽ پوءِ رد انقلاب جي  منصوبابندي جو آغاز ٿي ويو. آمريڪي حمايت يافتہ آمريتن ۽ بادشاھتن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو ۽ آمريڪا مخالف عرب ملڪن لبيا، شام ۽ يمن ۾ ‘آمريت مخالف پرامن جمھوري تحريڪن’ کي پئسو ۽ ھٿيار فراھم ڪري خطرناڪ خانہ جنگي جي صورتحال پيدا ڪئي وئي. اولھ جي ساٿاري ملڪ بحرين ۾ تہ سعودي عرب باقاعده پنھنجي فوج موڪلي نوجوانن جي تحريڪ کي ڪچليو جڏھن تہ لبيا ۾ مغربي فوجي اتحاد نيٽو جون فوجون پاڻ باغين جي مدد لاءِ پھچي بيرحميءَ سان معمر قذافي کي موت جي گھاٽ لاٿو. خود مصر ۾ بہ حسني مبارڪ کانپوء پھرين چونڊون ڪرائي واڳ اخوان المسلمين جي حوالي ڪئي وئي ۽ پوءِ سڌي ريت فوجي آمريت مڙھي وئي.

ڪمال فنڪاري سان سياسي اصطلاحن جي راند ڪندي عرب بغاوت کي نالو ڏنو ويو عرب بھار جو ۽ ھاڻي نوجوان نسل کي ايڪس، وائي، زي، الفا، بيٽا، گاما وغيره وغيره جھڙن غير سياسي  اصطلاحن جي طلسمي ڄار ۾ ڦاسائي کين ھڪ ڪوڙي احساس برتريءَ ۾ ڦاسايو پيو وڃي تہ، ‘جديد تعليم ، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڄاڻ جي جديد ھٿيارن سان اوھان مسلح آھيو، اوھان کان وڌيڪ بھتر ڪير ٿو ڄاڻي تہ صحيح ڪير، ڪير غلط! ھي پراڻو مدي خارج نسل اوھان سان برابري ڪرڻ، اوھان کي سمجھڻ جي صلاحيت ئي نٿو رکي.’

نوجوان تعليم يافتہ نسل کي غير سياسي، غير انقلابي ۽ عوام کان پري بلڪ پاڻ کي ان کان مٿاھون سمجھڻ جي نفسياتي مرض ۾ مبتلا ڪرڻ جو ھي بھترين ھٿيار آھي. جين زي جو اصطلاح ئي جين زي جو دشمن آھي جيڪو کيس نسلن جي تسلسل جي اھميت کي سمجھڻ ۽ ھڪٻئي کان سکڻ سيکارڻ جي عمل کان پري رکي ٿو ۽ سوچ ۽ عمل جي انتھائي محدود دائرن ۾ قيد ڪري ٿو.

اوھان تازو بنگلاديش ۾ بہ ڏٺو تہ ڪيئن جين زي کي آڏو ڪري ڪنھن جا ھٿ مضبوط ڪيا ويا ۽ ڪيئن جين زي کي ‘ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو’ جيان استعمال ڪري ردي جي ٽوڪري حوالي ڪيو ويو آهي. مصر کان بنگلاديش تائين نوجوانن جي بغاوتن جا ڪيئن رخ موڙيا ويا آهن انھن سڀني ۾ ھڪڙو عنصر ھڪڙو نتيجو اوھان کي سدائين ساڳيو ملندو. ابتدا ۾ جوش، ولولو ۽ تعريف ۽ آخر ۾ خاموشي، گمنامي ۽ شڪست خوردگي جو احساس. اڄ خبر ناهي تہ وائل غنيم، اسما محفوظ ۽ سندن ساٿي ڪھڙي غفا ۾ گم آھن ۽ سڀاڻي ناھيد السلام جو نالو بہ ڪنھن کي ياد ھوندو يا نہ؟

پاڪستان ۾ جين زي سان ڪھڙي راند ٿي رھي آھي ان تي تفصيلي طور ڪنھن ٻئي مضمون ۾ ذڪر ٿيندو.

(ھي مضمون زورين نظاماڻي جي نانء ڪجي ٿو، جنھن جي مضمون It’s over  کي مون ساراھيو ۽ ان تي پنھنجو تنقيدي جائزو بہ لکيو.)

_____________

Jagdeesh Ahuja-TheAsiaN

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو.  لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button