دولترام عُرف ڀُڏو آڏواڻي – هندستاني سئنيما جي شروعاتي دور جو مشهور اداڪار
ڀُڏو يا ٻُڍو آڏواڻي 17 آگسٽ 1905ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ دولترام آڏواڻي جي نالي سان جنم ورتو. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪراچيءَ ۾ اسٽيج اداڪار طور ڪئي ۽ پوءِ 1930ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ بمبئي هليو ويو.
فلم انڊسٽريءَ ۾ کيس پنهنجي بنان ڏندن واري مُرڪ سبب ‘ڀُڏو آڏواڻي’ جو نالو ڏنو ويو. هن 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ اڪثر ڪري مزاحيه ڪردار نڀايائين.

جڏهن 25 جولاءِ 1985ع تي سندس لاڏاڻو ٿيو ته فلم انڊسٽريءَ مان ڪنهن به شخص سندس آخري رسمن ۾ شرڪت نه ڪئي. حيرت انگيز طور تي، سندس لاڏاڻي جي خبر پهرين پاڪستان ۾ ڪراچيءَ جي اخبارن ۾ شايع ٿي ۽ بعد ۾ ’ٽائمز آف انڊيا‘ ۾ آئي.
نصير اعجاز
هندستاني سئنيما جي شروعاتي دور جو ناميارو اداڪار ڀُڏو آڏواڻي، سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. 17 آگسٽ 1905ع تي دولترام آڏواڻي جي خانداني نالي سان جنم وٺندڙ هن فنڪار کي ننڍپڻ کان ئي ٿيٽر ۽ ٻين پرفارمنگ آرٽس ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي. سئنيما پنهنجي چمڪ دمڪ جي ڪري کيس ننڍي عمر ۾ ئي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. بمبئي لڏي وڃڻ کان پوءِ، سندس ملاقات هدايتڪار موهن ڀنڀاڻيءَ سان ٿي، جيڪو پڻ سنڌي هو، ۽ ٻنهي جي وچ ۾ سٺي دوستي ٿي وئي.
فلم انڊسٽريءَ ۾ کيس ڀُڏو آڏواڻي چيو ويندو هو. سندس نالي ’ڀُڏو‘ جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته شايد کيس ’ٻُڌُو‘ سڏيو ويو، جنهن جي معنيٰ آهي تمام سادو ماڻهو؛ ۽ ٻيو سبب ’ٻُڍو‘ (يعني پوڙهو) ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس وات ۾ ڏند نه هئا ۽ سندس مُنھن تي هميشه بنان ڏندن واري مرڪ هوندي هئي. انگريزيءَ ۾ سندس نالي جي اسپيلنگ Bhudo لکي وئي آھي، جنھن کي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ڀُڏو بہ پڙھي سگھجي ٿو.

هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪراچيءَ ۾ اسٽيج اداڪار طور ڪئي، جتي هو خاص ڪري عورتن جا ڪردار ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ هن خطي جي عورتن جو اسٽيج تي ڪم ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ويندو هو.
هڪ هندستاني بلاگر، جنهن جو قلمي نالو ’ميم صاحب‘ آهي، تنهن موجب 1992ع ۾ هڪ صاحب رميش آڏواڻي سندن بلڊنگ ۾ رهڻ لاءِ آيو. هو هڪ خوش شڪل ۽ خوش مزاج ماڻهو هو، جيڪو جلد ئي بلڊنگ جي سڀني رهواسين سان گھاٽي دوستي ڪري ويو. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، هن ٻڌايو ته هو هندي فلمن جي اداڪار ڀُڏو آڏواڻيءَ جو پٽ آهي. پراڻين فلمن تي لکندڙ هجڻ ڪري، بلاگر ان دور جي مزاحيه اداڪار ڀُڏو آڏواڻي بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ تمام گهڻي اتساهه ۾ هئي.
ميم صاحب پنهنجي بلاگ ’ميم صاحب اسٽوري‘ ۾ لکي ٿي ته: “هو مهرباني ڪري انٽرويو لاءِ راضي ٿي ويو ۽ هن مون کي هي سڀ ڪجهه ٻڌايو.”
رميش ٻڌايو ته: “ڀُڏو آڏواڻي ننڍپڻ کان ئي هر قسم جا ڊراما ۽ اسٽيج شو وغيره ڪندو هو. هو عورتن جا ڪردار ڪرڻ ۾ ماهر هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، هُو فلمن ۾ ڪردار ڳولڻ لاءِ بمبئي آيو. هتي سندس ملاقات موهن ڀنڀاڻيءَ سان ٿي، جيڪو پڻ حيدرآباد جو هڪ پروڊيوسر هو، جنهن کيس پهريون ڀيرو فلمن ۾ ڪم ڏنو. سندس پهرين فلم جنهن ۾ هن هڪ معمولي ڪردار ڪيو، اها ’افضل‘ (1933ع) هئي. جڏهن ڏٺو ويو ته هو ڪاميڊيءَ ۾ سٺو آهي، ته ان کان پوءِ هن اڪثر ڪري مزاحيه ڪردار ئي ڪيا.”
1933ع کان 1940ع تائين هن 35 فلمن ۾ ڪم ڪيو. انهن مان مشهور فلمن ۾ ’جيون لتا‘، ’ليڊيز آنلي‘، ’دي مل‘ (غريب پريوار)، ’نَوجِيوَن‘، ’پوسٽ مين‘ (ابلاشا)، ’واسوادتتا‘ وغيره شامل هيون. هن 1939ع ۾ شادي ڪئي. کيس 7 ٻار هئا، جن ۾ 2 پٽ (جن مان هڪ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو) ۽ 5 ڌيئرون هيون. بمبئيءَ ۾ هن تارديو (Tardeo) واري علائقي ۾ سينٽرل اسٽوڊيوز جي احاطي ۾ واقع هڪ بلڊنگ ۾ معمولي مسواڙ تي هڪ وڏو فليٽ حاصل ڪيو. ان دور ۾ سينٽرل اسٽوڊيوز بمبئيءَ جو سڀ کان وڏو اسٽوڊيو هو، جنهن ۾ ڪل 6 اسٽيجون هيون. سندس فليٽ ايڏو وڏو هو جو سندس هڪ ڌيءَ جي شاديءَ جي لڳ ڀڳ 100 ماڻهن جي پارٽي رڳو ان فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ ڪئي وئي هئي!

مشهور هدايتڪار محبوب خان فلمن جي شوٽنگ لاءِ سينٽرل اسٽوڊيوز جو استعمال ڪندو هو (هن جو پنهنجو اسٽوڊيو 1942ع ۾ ٺهيو). محبوب خان کي ان ئي فلور تي پنهنجي فنڪارن لاءِ هڪ ميڪ اپ روم ڏنو ويو هو جتي آڏواڻي رهندو هو. ان ڪري، هُو ڪيترن ئي مشهور اداڪارن ۽ اداڪارائن سان واقف ٿي ويو.
ان کان پوءِ فلمن ۾ سندس نالو ڀُڏو يا ڀُڍو آڏواڻي لکجڻ لڳو ۽ هُن اهو نالو خاموشيءَ سان قبول ڪري ورتو. 1940ع کان 1950ع تائين هن وڌيڪ 35 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ’انمول گهڙي‘، ’انوکي ادا‘، ’ميري ڪهاني‘، ’امانت‘، ’بيسوين صدي‘، ’دکياري‘، ’عصمت‘، ’پُوجا‘، ’شوهر‘ وغيره شامل آهن. 1950ع کان 1960ع تائين هن 20 فلمون ڪيون، جن ۾ ’مينا بازار‘، ’آدمي‘، ’آخري داءُ‘، ’بوٽ پالش‘، ’شري 420‘، ’جاگتي رهو‘، ’اب دهلي دور نهين‘، ’مڌومتي‘، ’مڌر ملن‘، ’مس ڪوڪا ڪولا‘، ’قيدي نمبر 911‘، ’آنکين‘، ’بيوفا سوداگر‘ وغيره شامل آهن.
ڀُڏو آڏواڻي پنهنجي ٻارن کي فلمن کان پري رکندو هو، هن کين سختي سان چيو هو ته ڪڏهن به فلمي دنيا ۾ قدم نه رکجو. 1960ع کان پوءِ سندس فلمن جو تعداد گهٽجي ويو، ڇاڪاڻ ته انڊسٽريءَ ۾ نوان مزاحيه اداڪار اچي چڪا هئا ۽ سندس مالي حالتون ڪمزور ٿي ويون هيون. بهرحال، جڏهن سندس اڪيلي پٽ رميش آڏواڻيءَ کي بئنڪ ۾ نوڪري ملي وئي تہ سندن مالي حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون. سندس سڀني ڌيئرن جون سٺيون شاديون ٿيون ۽ اهي پنهنجي گهرن ۾ خوش آباد هيون. 60 جي ڏهاڪي ۾ هن رڳو 5 فلمون ڪيو، جهڙوڪ ’انوراڌا‘ ۽ ’خاموشي‘. سندس آخري فلم ستيجيت راءِ جي ’شطرنج ڪي کلاڙي‘ (1977ع) هئي.
هن 1978ع ۾ تارديو وارو فليٽ ڇڏي ڏنو ۽ ورسووا (Versova) ۾ اچي رهيو. هاڻي جڏهن ته وٽس فلمون نه هيون، تنهنڪري هن 6 سالن تائين گرانٽ روڊ تي پنهنجي ڀاءُ جي ’ڪورونيشن فوٽ ويئر‘ جي دڪانن تي ويهڻ شروع ڪيو.
ڀُڏو آڏواڻي 25 جولاءِ 1985ع تي 79 سال، 11 مهينا ۽ 8 ڏينهن جي عمر ۾ سڪون سان لاڏاڻو ڪري ويو. آڏواڻي هڪ تمام سادو انسان هو ۽ سندس تمام ٿورا دوست هئا، جن ۾ ساٿي مزاحيه اداڪار مرزا مشرف پڻ شامل هو. پنهنجي عروج واري دور ۾ آڊواڻيءَ جي تمام گهڻي گهرج هئي. هو 1930ع ۽ 40ع واري ڏهاڪي ۾ هر مهيني سراسري 3 فلمن ۾ ڪم ڪندو هو، جيڪو هڪ تمام وڏو انگ هو. هن جي موتي لال، ديويندر گوئل، شيکر۽ مڪيش سان تمام گھاٽي دوستي هئي، جيڪي شروعاتي ڏينهن ۾ ساڻس گڏ رهندا هئا. سندس آخري رسمن ۾ فلم انڊسٽريءَ مان ڪنهن به شرڪت نه ڪئي. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته سندس لاڏاڻي جي خبر پهرين پاڪستان ۾ ڪراچيءَ جي اخبارن ۾ آئي ۽ ان کان پوءِ ’ٽائمز آف انڊيا‘ ۾ شايع ٿي.
هن مجموعي طور تي 102 هندي، 4 سنڌي ۽ 2 گجراتي فلمن ۾ ڪم ڪيو. هن هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ ۾ مکيه ڪردار نڀايو هو. سندس ٻن سنڌي فلمن ۾، سندس حقيقي زندگيءَ واري زال ئي فلم ۾ سندس زال جو ڪردار ادا ڪيو هو. اباڻا فلم ۾ سنڌ جي ساھتي شھر ڀريا جي شيلا راماڻي ۽ ساڌنا سان ھُن ڪم ڪيو.
ميم صاحب لکي ٿي ته پنهنجي شاندار ڪتاب ”اينا مينا ڊيڪا: دي اسٽوري آف هندي فلم ڪاميڊي“ ۾ ليکڪ سنجيت نارويڪر، ڀُڏو آڏواڻيءَ بابت هيئن چوي ٿو:

رنجيت اسٽوڊيو کانسواءِ، ساگر (Sagar) اها ٻي ڪمپني هئي جيڪا شروعاتي ٽاڪي (آوازن واري) دور ۾ ڪاميڊي فلمن ۾ مهارت رکندي هئي. ساگر جي اهم اداڪارن مان هڪ ڀُڏو آڏواڻي پڻ هو، جنهن پنهنجي بنان ڏندن واري مُرڪ ذريعي پاڻ کي فلم بينن ۾ مقبول ڪيو. حقيقت ۾ هو هڪ ڪئريڪٽر اداڪار هو جنهن کي مزاحيه ڊائيلاگن جو بار ڏنو ويو هو. هن فلمي ڪيريئر جي شروعات 1933ع ۾ موهن ڀنڀاڻي جي ’اجنتا سني ٽون‘ ڪمپنيءَ سان ڪئي، جتي هن فلم ’مايا جال‘ ۾ مکيه ڪاميڊين جو ڪردار ادا ڪيو. سندس شروعاتي فلمن مان ڪا به ايتري خاص نه هئي، پر هن ساگر ڪمپنيءَ جي مالڪن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو، جن کيس پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جيڪا آهستي آهستي ڪاميڊي فلمن جي تياري ڪري رهي هئي.
هُو ان ڪمپنيءَ ۾ هڪ اهم واڌارو هو، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته هن شروعات کان ئي سندن ذري گھٽ سڀني اهم فلمن ۾ ڪم ڪيو: جهڙوڪ’ڊاڪٽر مڌوريڪا‘ (1935ع)، ’ڊيڪن ڪوئين‘ (1936ع) ۽ ’دو ديواني‘ (1936ع). هو جلد ئي محبوب خان جو پسنديده اداڪار بڻجي ويو ۽ سندس ساگر ڪمپني جي سڀني فلمن ۾ ڪم ڪيائين، جن ۾ ’من موهن‘ (1936ع)، ’جاگيردار‘ (1937ع)، ’هم، تم اور وو‘ (1938ع) شامل آهن. ايتري قدر جو جڏهن ساگر ڪمپني ختم ٿي ۽ ’نيشنل اسٽوڊيوز‘ قائم ٿيو، ته هو محبوب خان سان گڏ اتي هليو ويو. کيس هندستان ۾ ورهاڱي کان هڪدم پوءِ بمبئي ۾ پهريون مڪمل سنڌي ناٽڪ ’انڊر سيڪريٽري‘ (ايس. پي. مگهاڻي سان گڏ) اسٽيج ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.
(مختلف ويب سائيٽن تي موجود معلومات جي اڌار لکيل مضمون)
_____________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



