Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ جي سلاوٽ برادري، سندن عمارت سازيءَ جو ھُنر ۽ تاريخي عمارتون  

ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪيترين ئي تاريخي عمارتن تي سلاوٽ سنگتراشن جو ڪم ٿيل آھي

سلاوٽ برداريءَ جو اصل تعلق راجستان جي رياست جي مارواڙ علائقي سان آھي. ھن برادريءَ جا ماڻھو پير صاحب پاڳاري جا مُريد آھن

سندن عورتون به مڙس ماڻھو آھن. ھي عورتون گھڻي پردي جون قائل نه آھن پر سندن پاڙي ۾ ڪو لچ لوفر نظر اچي ويو ته ٿال وڄائينديون آھن جنھن جي آواز تي سڀ عورتون گڏجي لچ لوفر کي ڀڄائي ڪڍنديون آھن .

الطاف صديقي

حيدرآباد جو شھر سنڌ جي سونھن آھي ۽ ان سونھن ۾ شھر جون عمارتون ڄڻ ته ڪنوار جي مُکڙي تي جھومر مثل آھن. انھن عمارتن جي اڏاوت ۽ سونھن ۾ وري سلاوٽ برادريءَ جي ڪاريگرن جو ڪمال شامل آھي.

سلاوٽ برداريءَ جو اصل تعلق راجستان جي رياست جي مارواڙ علائقي سان آھي. سندن ٻوليءَ ۾ راجستاني ۽ مارواڙي ٻوليءَ جو ميلاپ آھي.  ھن برداريءَ جا اڪثر ماڻھو پٿر کي گھڙي ۽ ان تي چٽساليءَ جي ڪم جا ماھر ليکيا ويندا آھن. ھن برادريءَ جا ماڻھو ڪلھوڙن يا ميرن جي صاحبيءَ واري وقت سنڌ ۾ آباد ٿيا.

چيو وڃي ٿو تہ ھن برداريءَ جو ھڪ ماڻھو آسو خان جيڪو جيچن گوت مارواڙي ھو، روزگار جي تلاش ۾ حيدرآباد آيو ھو. ان وقت ميان يار محمد ڪلھوڙي جي مقبري جي ڪجھ حصي جو ڪم ھلي رھيو ھو جتي ھڪ سنگ تراش غلط نموني ۾ پٿر ٽُڪي رھيو ھو جنھن تي آسو خان کيس صحيح پٿر ٽُڪڻ لاءِ چيو. اھو ڏسي ڪم جي نگراني ڪندڙ  آسو خان کي  ڪم تي لڳايو. آسو خان جي ڪم جو  قدر ٿيڻ لڳو ته ھن پنھنجن ھنرمند عزيزن کي به حيدرآباد گھرايو.

حيدرآباد ۾ سلاوٽ برادريءَ جي تاريخي عمارت جتان پير صاحب پاڳاري مُريدن کي ديدار ڪرايو ھو

سلاوٽ برداريءَ ۾ سڀ کان پھرين جيڪي سلاوٽ حيدرآباد آيا اھي گوت مارواڙي ھئا . آسو خان کي حيدرآباد ۾  1795ع ۾ پٽ ڄائو ھو جنھن جو نالو ھُن صاحبدان رکيو ھوجيڪو بعد ۾ ڪراچيءَ لڏي ويو جتي 105 سالن جي عمر ۾ 1900ع ۾ وفات ڪري ويو. راجستان رياست جون سرحدون سنڌ سان لاڳو آھن. ان رياست جو گھڻو حصو ٿر ۽ اڇڙي  ٿر سان ملي ٿو. انھيءَ ڪري ھن برداريءَ جي اڪثريت پير صاحب  پاگاري جي مريدي واري حلقي ۾ شامل آھي .

 ھن ھنرمند برداريءَ جي ڪاريگرن جي ڪم کي برطانوي دور ۾ گھڻي مڃتا ملي. جڏھن انگريز سرڪار ، سنڌ جي وڏن شھرن ۾ سرڪاري عمارتون خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تعمير ڪرايون ته انھن ۾ جوڌپوري ڳاڙھو پٿر ۽ سنڌ جو پيلو پٿر خوبصورتي ۽ مظبوطيءَ لاء اڏوات ۾  استعمال  ڪيو ويو. سلاوٽ سنگتراشن ڪاريگري سان  پٿر کي ڇيڻي ۽ ھٿوڙي جي مدد سان لسو ڪري ان مٿان  پنھنجي ھنر سان خوبصورت گل ڪاري ۽ گھربل لاجواب  ڊزائنون ٺاھيون . ڪراچيءَ ۾ ڪم جي گھڻائي ڪري ڪيترائي سلاوٽ خاندان حيدرآباد مان لڏي ڪراچيءَ ۾ رنڇوڙ لائين ۾ آباد ٿيا. ان کي گزدر آباد به چون ٿا.

ھن برادريءَ جو مرحوم محمد ھاشم گزدر گڏيل ھندستان واري وقت ۾ 1941ع ۾ ڪراچيءَ جو ميئر منتخب ٿيو ھيو ۽ اسيمبلي جو ميمبر به چونڊيو ويو ھيو.  ورھاڱي کانپوء سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر به رھيو. ڪراچي ۾ ته ھن برداريءَ سياسي ميدان ۾  چڱو نالو ڪڍيو. ھن برادري مان بوستان علي ھوتي ، محمد حنيف سولجر صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به چونڊيا ويا.

حيدرآباد وارا سلاوٽ به سياسي طور تي متحرڪ رھندا آيا آھن. حيدرآباد جي خوبصورت جائين ۾ پٿر ۽ سنگ مرمر کي خوبصورتي بخشڻ ۾ سلاوٽ برادريءَ جي ھنرمندن جو ڪمال آھي . انگريزن جي دور ۾ ڪڇ ، مانڊوا ۽ جيسلمير کان مارواڙين جي سيسوڊيا، ڀوڄاڻي ، کيچي ۽ ڪوتوال ڪٽنبن ڪراچي حيدرآباد جو رخ ڪيو ھو ، جڏھن ته سنگتراش مارواڙين جي گھڻائي جو تعلق جيسلمير جي سلاوٽن ۽ مانڃوٽين سان آھي. انھن ۾ ھندو مسلمان ٻئي شامل ھئا . حيدرآباد جي مُکي ھائوس ۾ پٿر جو ڪم بہ انھن سلاوٽ برادري جي ھنرمندن جو ڪمال آھي .

شھر ۾ سلاوٽن جو پاڙو ٽنڊي ولي محمد سان گڏ پرنس علي روڊ تي آھي ، ھن برداري مان نوجوان پڙھي سرڪاري نوڪرين ۽ ڪاروبار ۾ لڳي ويا آھن ته گھڻا عمارتي اڏوات جي ٺيڪيداري پڻ ڪن ٿا. ھتي سلاوٽ برداري جي ورھاڱي کان اڳ جي شخصيت  مرحوم عبدالطيف سلطان  ڏنو ڀوڄواڻيءَ جو ذڪر ڪندس جيڪو حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي مشھور شخصيت ھيو ۽ شھيد سورھيه بادشاھ جي ڪيس ۾ کيس شاھد طور ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ھو ته ھو پير صاحب جي خلاف شاھدي ڏي مگر ھن وڏي زور بار ھجڻ کانپوء به پير صاحب  جي طرفداريءَ ۾ بيان ڏنو ھو .

جڏھن پير صاحب شاھ مردان شاھ حيدرآباد مٿين ذڪر ڪيل عمارت ۾ آيا ھئا ته مرحوم عبدالطيف سلطان ڏني جي پٽ مرحوم غلام دستگير کي سلاوٽ برداريءَ جي چڱي مُڙس جي حيثيت ۾ پڳ ٻڌرائي ھئي. مرحوم غلام دستگير 1970 واري اليڪشن ۾ موجودہ وڏي وزير مراد علي شاھ جي والد سيد عبدالله شاھ جو مقابلو ڪوٽڙي سيوھڻ واري صوبائي سيٽ تي ڪيو ھيو. مرحوم غلام دستگير کي شينھن جو نشان مليل ھو شاھ صاحب کي تلوار جو . ھن وقت مرحوم غلام دستگير جي نياڻي عاجز ڌامرہ جي گھر واري حنا دستگير صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر آھي .

سلاوٽ ھنرمندن خانداني ڪم کي ذري گھٽ ڇڏي ڏنو آھي. ان جو ھڪ سبب اھو به آھي ته پٿر تي گل ڪاري لاء ھاڻي مشينن جو استعمال ٿئي ٿو . ھٿ جي ھنر جي اھميت گھٽجي پئي . سلاوٽ برادريءَ جي مسجد جيڪا 1280ھجري ۾ تعمير ٿي ھئي، ان کي ٻيھر ٺاھيو ويو آھي. اھا مسجد  مارڪيٽ پوليس ٿاڻي سان گڏ آھي. ھن مسجد ۾ به پٿر جو ڪم ڏسڻ وٽان آھي. اھو خوبصورت ڪم به سلاوٽ برداريءَ وارن ڪيو آھي .

ھن برادريءَ لاء مشھور آھي ته سندن عورتون به مڙس ماڻھو آھن. ھي عورتون گھڻي پردي جون قائل نه آھن پر سندن پاڙي ۾ ڪو لچ لوفر نظر اچي ويو ته ٿال وڄائينديون آھن جنھن جي آواز تي سڀ عورتون گڏجي لچ لوفر کي ڀڄائي ڪڍنديون آھن .

ھي عمارت مرحوم عبدالطيف سلطان ڏنو ڀوجواڻي جي ملڪيت ھئي ۽ بعد ۾ سندس عزيزن جي حصي ۾ آئي جيڪي ڪراچيءَ ۾ رھندا ھئا. عبداللطيف سلطان جو تعلق ڪوٽڙي شھر سان به ھو. ھن جاء ۾ پير صاحب پاڳارو پڻ آيو ھو ۽ گيلريءَ مان سلاوٽ برداريءَ جي مُريدن کي ديدار ڪرايو ھو. 

تصوير ۾ نظر ايندڙ ھڪ تاريخي عمارت آھي جيڪا مياڻي روڊ تي  آھي جنھن کي ھاڻي پرنس علي روڊ سڏيو ٿو وڃي. ھن روڊ تي ئي سلاوٽ مارواڙي برادريءَ جو پاڙو آباد آھي. ھيءَ عمارت پٿر سان اڏيل آھي ۽ پٿر تي وڏي مھارت سان چٽ ساليءَ جو ڪم ٿيل آھي. وقت ھن عمارت جي سونھن کي  ڪجھ گھٽ ڪيو آھي پر جيڪڏھن وري ھن جاء جي ڪجھ ٽھل ٽڪور ڪجي ته اُن جو جوڀن واپس اچي سگھي ٿو . 

سلاوٽ برداري پير سائين پاڳاري کي روحاني طور مرشد ڪري مڃيندي آھي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏھن پير صاحب پاڳارو شاھ مردان شاھ صاحب حيدرآباد آيو ته سلاوٽ مريدن جي اسرار تي وٽن آيا ھئا. پير صاحب  پاڳارو سلاوٽ مريدن وٽ  ڪل ٻه دفعا آيو ھو. عبدالعزيز خاصخيلي جيڪو سلاوٽ برداريءَ جي وڏي  مرحوم عبدالطيف سلطان سان مائٽي ۾ آھي، تنھن ٻڌايو ھن عمارت مان پير صاحب پاڳاري مريدن کي ديدار ڪرايو ھو. انھيءَ موقعي تي جاء کي اندران ٻاھران بھتر طريقي سان سجايو ويو ھو .

ھن عمارت ۾ استعمال ٿيل پٿر تي گلڪاري ۽ نقش نگار جو ڪم اڄ بہ ھتان لنگھندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ٿو.

_____________

الطاف صديقي رٽائرڊ بينڪر آھي ۽ ھُو پنھنجي شوق خاطر سنڌ جي ورثي بابت لکندو رھي ٿو.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button