Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سنڌ ۾ مهاجرن جون سماجي ۽ لساني عادتون: هڪ تنقيدي جائزو

مهاجر ٻين قومن کي “قوم پرست” ۽ “متعصب” چون ٿا۔ جڏهن ته پاڻ ڪنهن به علائقائي زبان يا سڃاڻپ کي تسليم نٿا ڪن۔ انهن لاءِ صرف اردو ڳالهائيندڙ ئي قابلِ قبول آهي. مهاجرن جو لساني ‘ سماجي ۽ سياسي عادتون سنڌي سماج ۾ هم آهنگي جي واڌاري ۾ رنڊڪ بڻيل آهن

مهاجرن MQM جي سڀني نمائندن کي لساني بنياد تي منتخب ڪيو۔ پر لساني سياست جو الزام هميشه سنڌي قومپرستن تي ھنيون۔ حالانڪه سنڌين ڪڏهن به لساني جماعت کي پارليامينٽ ۾ موڪلڻ جي روايت نه قائم ڪئي

سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي تڏهن ئي ممڪن آهي ‘ جڏهن هتي رهندڙ سڀ قومون هڪ ٻئي جي ٻولي ‘ ثقافت ۽ سڃاڻپ جو احترام ڪن۔ مهاجرن کي به گهرجي ته هو سنڌي سماج جو سرگرم ۽ هم آهنگ حصو بڻجڻ لاءِ پنهنجي روين تي نظرثاني ڪن ۽ پاڻ کي رڳو مهاجر نه ‘ پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي طور تي تسليم ڪن۔

فائيل فوٽو

ليکڪ: ڊاڪٽر مسعود طارق

هي تحقيقي مقالو 1947 کان پوءِ سنڌ ۾ آباد ٿيل مهاجرن جي لساني ‘ سماجي ۽ سياسي عادتن جو تنقيدي جائزو پيش ڪري ٿو۔ مهاجرن جون اهي عادتون جيڪي سنڌي سماج ۾ هم آهنگي جي واڌاري ۾ رنڊڪ بڻيل آهن ‘ انهن کي هي مقالو مرڪزي موضوع بڻائي ٿو۔ مقالي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بين الثقافتي هم آهنگي ‘ لساني رواداري ۽ سڃاڻپ جي احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي۔

پاڪستان جي قيام کان پوءِ اتر پرديش ‘ مدهيه پرديش ‘ راجسٿان ‘ گجرات ۽ مهاراشٽر مان لکين مسلمان هجرت ڪري سنڌ ‘ خاص طور تي ڪراچي ‘ حيدرآباد ‘ ميرپور خاص ‘ نوابشاهه ۽ سکر ۾ اچي آباد ٿيا۔ انهن کي عام طور تي “مهاجر” سڏيو ويو۔ انهن جي اچڻ سان سنڌ جي شهري آبادي جو لساني ۽ ثقافتي توازن تبديل ٿيو۔ بين النسلي لاڳاپن جي تناظر ۽ موجوده حالتن ۾ مهاجر سڃاڻپ ۽ سنڌي قوميت لاءِ ڪيترائي اهم سوال جنم وٺن ٿا۔ جن تي تفصيلي تحقيق جي ضرورت آهي۔

مهاجرن جي عادتن جو تنقيدي جائزو:

1۔ لساني هڪ طرفو رويو:

مهاجر عام طور تي اردو يا پنهنجي مادري زبان (دڪني ‘ کڙي ٻولي ‘ مارواڙي ‘ گجراتي ‘ مراٺي) ڳالهائين ٿا۔ سنڌين ڪڏهن به مهاجرن کي سنڌي زبان سکڻ تي مجبور نه ڪيو۔ جنهن جي نتيجي ۾ اڄ به مهاجرن جي اڪثريت سنڌي ٻولي کان بيخبر آهي۔ (بلوچ، 2002)

2۔ اردو جي مٿانهين حيثيت:

مهاجرن جي اڪثريت جو موقف آهي ته اردو کي ئي واحد قومي ٻولي هئڻ گهرجي۔ جڏهن ته ٻيون لساني قومون پنهنجي علائقائي ٻولين تي فخر ڪن ٿيون ۽ انهن جي تحفظ لاءِ تحريڪون هلائين ٿيون۔ (رحمان، 1996)

3۔ مقامي ٻولين کان پرهيز:

مهاجرن جي چوٿين نسل جي سنڌ ۾ پرورش ٿيڻ باوجود ‘ اڃا تائين مهاجرن ۾ سنڌي ‘ پنجابي ‘ پشتو يا بلوچي ٻولين جو شعور گهٽ آهي۔ ان جي ابتڙ ‘ مقامي قومون مهاجرن سان رابطو رکڻ لاءِ اردو سکڻ تي مجبور ٿيون آهن۔ (ايوب، 2020)

4۔ تعصب جي تشريح ۾ تضاد:

مهاجر ٻين قومن کي “قوم پرست” ۽ “متعصب” چون ٿا۔ جڏهن ته پاڻ ڪنهن به علائقائي زبان يا سڃاڻپ کي تسليم نٿا ڪن۔ انهن لاءِ صرف اردو ڳالهائيندڙ ئي قابلِ قبول آهي۔ (شيخ، 2014)

5۔ مهاجرت جو تسلسل:

مهاجر پاڪستان جا واحد اھڙا ماڻھو آھن  جيڪي ست ڏهاڪن کان پوءِ به پاڻ کي “مهاجر” سڏرائن ٿا۔ حالانڪه انهن جو چوٿون نسل هاڻ سنڌ ۾ پيدا ٿي رهيو آهي۔ پوءِ به اهي پاڻ کي سنڌي يا ڪنهن ٻي مقامي سڃاڻپ سان نه ٿا ڳنڍن۔ (انصاري، 2013)

6۔ سياسي قوم پرستي ۽ تضاد:

مهاجر قومي موومينٽ (MQM) مهاجر سڃاڻپ تي ٻڌل واحد وڏي سياسي جماعت هئي ‘ جنهن لساني بنيادن تي سياست ڪئي۔ ان جي باوجود مهاجر ٻين کي صرف “پاڪستاني” بڻجڻ جي تلقين ڪن ٿا۔ (وسيم، 1994)

7۔ لساني سياست جو ٻٽو معيار:

مهاجرن MQM جي سڀني نمائندن کي لساني بنياد تي منتخب ڪيو۔ پر لساني سياست جو الزام هميشه سنڌي قومپرستن تي ھنيون۔ حالانڪه سنڌين ڪڏهن به لساني جماعت کي پارليامينٽ ۾ موڪلڻ جي روايت نه قائم ڪئي۔ (شيخ، 2014)

تجويزون:

1۔ بين الثقافتي هم آهنگي کي فروغ ڏنو وڃي ‘ ته جيئن سنڌ جون مختلف قوميتون هڪ ٻئي سان سماجي ۽ ثقافتي مڪالمو ڪري سگهن۔

2۔ سنڌي ٻولي جي تدريس کي شهري تعليمي ادارن ۾ لازمي قرار ڏنو وڃي ‘ ته جيئن مهاجرن جي نئين نسل مقامي ٻولي ۽ ثقافت سان آشنا ٿي سگهي۔

3۔ سياسي جماعتون لساني سڃاڻپ جي بنياد تي سياست ڪرڻ کان پرهيز ڪن ۽ قومي يڪجهتي کي فروغ ڏيندڙ بيانيه اختيار ڪن۔

نتيجو:

سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي تڏهن ئي ممڪن آهي ‘ جڏهن هتي رهندڙ سڀ قومون هڪ ٻئي جي ٻولي ‘ ثقافت ۽ سڃاڻپ جو احترام ڪن۔ مهاجرن کي به گهرجي ته هو سنڌي سماج جو سرگرم ۽ هم آهنگ حصو بڻجڻ لاءِ پنهنجي روين تي نظرثاني ڪن ۽ پاڻ کي رڳو مهاجر نه ‘ پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي طور تي تسليم ڪن۔

حوالا:

بلوچ ‘ نبي بخش خان۔ (2002)۔ سنڌ جي لساني تاريخ۔ سنڌ يونيورسٽي ‘ ڄامشورو۔

رحمان ‘ طارق۔ (1996)۔ Language and Politics in Pakistan۔ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس۔

شيخ ‘ محمد علي۔ (2014)۔ Sindhi-Muhajir Relations: Post-Partition Dynamics۔ ڪراچي يونيورسٽي پريس۔

انصاري ‘ سحر۔ (2013)۔ مهاجرن جي سڃاڻپ ۽ اردو ڪلچر۔ مقتدره قومي زبان ‘ اسلام آباد۔

ايوب ‘ ڪامران۔ (2020)۔ لسانيت ۽ شهري سياست: ڪراچي جو تنقيدي جائزو۔ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز ‘ اسلام آباد۔

وسيم ‘ محمد۔ (1994)۔ Politics and Ethnicity in Pakistan۔ ايڇ اي سي ريسرچ پبليڪيشن۔

__________________

ڊاڪٽر مسعود طارق ڪراچي سان تعلق رکندڙ هڪ سياستدان ۽ سياسي مفڪر آهي۔ هو پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PMSF) سنڌ جي سينيئر نائب صدر ‘ ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد جي ڪائونسلر ‘ وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي۔ سندس تحقيق ڏکڻ ايشيا جي جاگرافيائي سياست ‘ نوآباديتي دور کانپوءِ رياستي تشڪيل ‘ علائقائي قومپرستي ۽ بين النسلي سياست تي مرڪوز آهي۔ جنهن ۾ خاص ڌيان پنجاب ‘ پنجابي قوم ۽ سرد جنگ واري دور جي اسٽريٽجڪ سياست تي آهي۔

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button